سنڌ جي وڏي وزير جي آمريڪي سيڙپڪارن کي دعوت
سنڌ پاڪستان جي معيشت ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. قدرتي وسيلن، سامونڊي ڪناري، صنعتي ڍانچي، وڏي صارف مارڪيٽ ۽ ملڪ جي اهم بندرگاهن جي موجودگي سنڌ کي ملڪي توڙي عالمي سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم معاشي مرڪز بڻائي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آمريڪي سيڙپڪارن کي توانائي، ٽيڪنالاجي، انفرااسٽرڪچر، صحت، زراعت، سياحت، لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيڻ هڪ اهم قدم آهي، پر ان دعوت جي اصل ڪاميابي ان وقت ئي ممڪن ٿيندي، جڏهن اعلانن کي عملي منصوبن ۽ حقيقي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت پاران آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري کاتي ۾ خصوصي سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ پڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي سيڙپڪار عام طور تي رڳو وسيلن ۽ مارڪيٽ کي نه ڏسندا آهن، پر اهي پاليسي جي تسلسل، قانوني تحفظ، شفافيت، انتظامي سهولت، امن امان ۽ پنهنجي سرمائي جي تحفظ کي سڀ کان وڏي اهميت ڏيندا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن هي ڊيسڪ رڳو معلومات فراهم ڪرڻ تائين محدود نه رهي، پر اجازت نامن، زمين، بجلي، پاڻي، ٽيڪس ۽ ٻين انتظامي معاملن کي هڪ ئي هنڌ تي تيزيءَ سان حل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي، ته ان جا نتيجا وڌيڪ اثرائتا ٿي سگهن ٿا. سنڌ وٽ سيڙپڪاري جا موقعا يقينن موجود آهن. ٿر جا ڪوئلي جا ذخيرا، سنڌ جي وسيع هوائي ۽ شمسي توانائي جي صلاحيت، ڊگهي سامونڊي پٽي، ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم، صنعتي علائقا ۽ سنڌ جي وڏي آبادي ۽ افرادي قوت ان جي معاشي طاقت آهن. قابلِ تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، ڊيٽا سينٽرز، فِن ٽيڪ، جديد صنعت، صحت، آبي زراعت، سامونڊي خوراڪ جي برآمد، پاڻي صاف ڪرڻ، گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا منصوبا ۽ سياحت جهڙا شعبا مستقبل جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل معيشت جو شعبو سنڌ لاءِ نوان دروازا کولي سگهي ٿو. دنيا تيزيءَ سان ڊيٽا، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ پنهنجي توانائي جي وسيلن کي جديد ڊجيٽل انفرااسٽرڪچر سان ڳنڍي سگهي ته ڊيٽا سينٽرز ۽ ٽيڪنالاجي پارڪس جي صورت ۾ نه رڳو پرڏيهي سرمايو اچي سگهي ٿو، پر مقامي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ جديد مهارتن جا موقعا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا. ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن جي اندر پرڏيهي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيڻ صوبن جو حق آهي، پر ان ميٽنگ ۾ ايس آءِ ايف سي جي عملدارن جو موجود هجڻ ڪيترائي شڪ اڀاري رهيو آهي. ڇو ته هي هڪ نج وفاقي فورم آهي.
هيستائين سنڌ جي سرزمين جا جيڪي به وسيلا آهن اهي سڀ وفاق جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهنڪري سنڌ جي عوام کي ان جو ڪوبه فائدو نه رسي رهيو آهي. سنڌ جي وزيراعليٰ کي پنهنجي صوبائي خودمختياري تحت آمريڪي سيڙپڪارن کي دعوت ڏئي مختلف شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جنهن کي درآمد ۽ برآمد تائين محدود رکڻ بدران سامونڊي معيشت، آبي زراعت، سامونڊي خوراڪ جي پروسيسنگ ۽ برآمدي صنعتن سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. ڪيٽي بندر جهڙا منصوبا به جيڪڏهن جديد انفرااسٽرڪچر، ماحولياتي تحفظ ۽ شفاف پاليسي سان اڳتي وڌايا وڃن ته سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ معاشي سرگرمي وڌائي سگهجي ٿي، پر هتي هڪ بنيادي سوال به موجود آهي ته ڇا سنڌ جو موجوده انتظامي ۽ ڪاروباري ماحول واقعي عالمي سيڙپڪارن جي اميدن مطابق آهي؟ سيڙپڪاري جون دعوتون ان وقت اثرائتيون ٿينديون، جڏهن ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ غير ضروري سرڪاري مرحلا گهٽ ٿين، ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿئي، امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي، زمين ۽ توانائيءَ جي فراهمي يقيني هجي، قانون جي حڪمراني مضبوط هجي ۽ پاليسين ۾ راتو رات تبديليون نه ٿين.
پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو ماڊل سنڌ حڪومت جي هڪ اهم طاقت طور پيش ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هن ماڊل ۾ شفافيت، مقابلي ۽ احتساب کي يقيني بڻايو وڃي ته وڏا انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي سهولت جا منصوبا سرڪاري خزاني تي مڪمل بار وجهڻ کانسواءِ اڳتي وڌائي سگهجن ٿا، پر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار صرف معاهدن تي نه، پر انهن جي نگراني، معيار، وقت سر تڪميل ۽ عوامي مفاد جي تحفظ تي پڻ آهي. سنڌ پاڪستان جي معيشت ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو حصيدار آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري جا اثر رڳو صوبي تائين محدود نه رهندا، پر سڄي ملڪ جي معاشي سرگرمي تي پوندا. ان ڪري آمريڪي ڪاروباري برادري سان وڌندڙ رابطن کي هڪ مستقل معاشي حڪمت عملي ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڪنهن هڪ اجلاس يا حڪومت جي مدت تائين محدود نه هجي. آمريڪي سيڙپڪارن پاران ٻيهر استعمال ٿيندڙ توانائي، مصنوعي ذهانت، ڊيٽا سينٽرن، صحت، فِن ٽيڪ، ٽيڪنالاجي پارڪس ۽ برآمدي صنعتن ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻ اميد جهڙي ڳالهه آهي. هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن دلچسپين کي ڪيئن عملي منصوبن تائين ممڪن بڻائجي. واضح وقت جون حدون مقرر ڪري ۽ هر منصوبي جي اڳڀرائي عوام ۽ سيڙپڪارن آڏو شفاف انداز ۾ رکي. سنڌ وٽ وسيلا آهن، جاگرافيائي حيثيت آهي، مارڪيٽ آهي ۽ نوجوان آبادي به آهي. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته انهن قوتن کي بهتر حڪمراني، جديد انفرااسٽرڪچر ۽ مستقل پاليسي سان ڳنڍيو وڃي. آمريڪي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيڻ يقينن سٺو قدم آهي، پر اصل ڪاميابي ان ڏينهن سمجهي ويندي، جڏهن دعوتون معاهدن ۾، معاهدا منصوبن ۾ ۽ منصوبا سنڌ جي عوام جي روزگار ۾ تبديل ٿيندا ۽ سنڌ مان غربت ختم ٿي خوشحاليءَ جو دور شروع ٿيندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟