مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جعلي لائسنسن کان 200 ارب رپين جي نقصان تائين: پي آءِ اي جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومي ايئر لائن پي آءِ اي سان لاڳاپيل جعلي ۽ مشڪوڪ پائليٽن جي لائسنسن جو معاملو پاڪستان جي ادارتي ناڪاميءَ جي انهن واقعن مان هڪ آهي، جنهن جو نقصان هاڻي صرف هوابازي جي شعبي تائين محدود نه رهيو آهي، پر ان جي مالي قيمت به سامهون اچي چڪي آهي. وفاقي حڪومت جي تازي لکت واري جواب موجب جعلي لائسنسن جي الزامن ۽ ان جي نتيجي ۾ برطانيا، يورپي يونين ۽ آمريڪا طرفان پي آءِ اي جي بين الاقوامي اڏامن تي پابندين سبب آگسٽ 2020ع کان ڊسمبر 2024ع تائين قومي ايئر لائن کي 200 ارب رپين جي آمدنيءَ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وفاقي حڪومت موجب سول ايوي ايشن رولز 1994ع تحت 50 پائليٽن جا لائسنس منسوخ ۽ 33 پائليٽن جا لائسنس معطل ڪيا ويا آهن، پر هي انگ اکر پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو سوال به ڇڏي وڃن ٿا ته آخر اهو مسئلو پيدا ڪٿي ٿيو ۽ ان کي وقت سر روڪڻ ۾ ادارا ڇو ناڪام رهيا؟ هن معاملي جو پسمنظر ڏسجي ته 2020ع ۾ ان وقت جي وفاقي وزير هوابازي غلام سرور خان طرفان 262 پائليٽن جا لائسنس مشڪوڪ هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو هو. انهن ۾ 141 پي آءِ اي، 10 سيرين ايئر ۽ 9 ايئر بليو جا پائليٽ شامل هئا. وڌيڪ سنگين ڳالهه اها سامهون آئي هئي ته 121 پائليٽن جي فرانزڪ جاچ ۾ امتحاني پيپرن بابت جعلسازي جا ثبوت مليا هئا. دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪجهه اميدوارن جي جاءِ تي ٻين ماڻهن امتحان ڏنو. ان وقت حڪومت طرفان اهو به ٻڌايو ويو هو ته سول ايوي ايشن جا پنج آفيسر معطل ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه آءِ ٽي اهلڪارن ۽ ٻاهرين ماڻهن جي ڪردار جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. 28 پائليٽن بابت جاچ مڪمل ٿيڻ ۽ ڪجهه پاران اعتراف ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو ويو هو. ان وقت اهو واعدو به ڪيو ويو هو ته صفائيءَ جي عمل کانپوءِ پي آءِ اي کي ٻيهر هڪ ذميوار ۽ عالمي معيار جي ايئر لائن بڻايو ويندو، پر ڇهن سالن کانپوءِ جڏهن حڪومت کي ٻيهر 50 لائسنس منسوخ ۽ 33 معطل ڪرڻا پئجي رهيا آهن، تڏهن اهو سوال وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو ته 2020ع واري اسڪينڊل کانپوءِ نظام ۾ ڪيتري حقيقي اصلاح ٿي؟
ڪنهن به هوابازي نظام ۾ پائليٽ جو لائسنس رڳو هڪ ڪاغذ نه هوندو آهي، اهو مسافرن جي زندگين سان سڌو لاڳاپيل ذميواريءَ جو سرٽيفڪيٽ هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ شخص امتحان ۾ جعلسازي ڪري لائسنس حاصل ڪري سگهي ٿو ته ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته امتحان وٺندڙ، لائسنس جاري ڪندڙ ۽ تصديق ڪندڙ ادارا ڪٿي هئا؟ اصل مسئلو صرف جعلي لائسنس رکندڙ پائليٽن کي سزا ڏيڻ سان ختم نٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن نظام ۾ جعلسازي ممڪن ٿي سگهي ٿي ته ان نظام جي نگراني ڪندڙن کان به سوال ٿيڻ گهرجن. جعلي لائسنس ٺاهڻ وارو ڏوهاري آهي، پر جعلي لائسنس کي منظور ڪندڙ نظام ڪيترو بي ڏوهي آهي؟ هن اسڪينڊل جو سڀ کان وڏو نقصان پي آءِ اي جي عالمي ساک کي ٿيو. برطانيا ۾ قومي ايئر لائن پنهنجي سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش مارڪيٽ وڃائي ويٺي ۽ ان جو فائدو امارات، قطر ايئرويز، اتحاد ايئرويز، برٽش ايئرويز ۽ ورجن ائٽلانٽڪ جهڙين ايئر لائنز کي مليو. يعني پاڪستان جي قومي ايئر لائن لاءِ پيدا ٿيل ڪاروباري موقعو ٻين ڪمپنين جي حصي ۾ ويو. 200 ارب رپين جو نقصان اهڙي ملڪ لاءِ معمولي رقم ناهي، جيڪو معاشي بحرانن، قرضن ۽ مالي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن هڪ ادارتي غفلت سبب ايترو وڏو نقصان ٿيو آهي ته ان جي مڪمل ذميواري طئي ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي ڪابينا طرفان دفاع واري وزير جي سربراهيءَ ۾ ڪابينا ڪميٽي ٺاهڻ کي شروعات سمجهي سگهجي ٿو، پر هاڻي عوام کي رڳو ڪميٽين ۽ جاچن جا اعلان نه، نتيجا گهرجن. ڪير ذميوار هو؟ ڪهڙن آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿي؟ جعلي لائسنس جاري ٿيڻ جو رستو ڪيئن کليو؟ ۽ سڀ کان اهم، ڇا اهو رستو هاڻي واقعي بند ٿي چڪو آهي؟
پي آءِ اي جي بحالي صرف ان اداري جا جهاز وڪڻڻ، نئين انتظاميا آڻڻ يا مالي ڍانچو تبديل ڪرڻ سان ممڪن نه ٿيندي. ان لاءِ ادارتي ايمانداري، ميرٽ، شفاف لائسنسنگ ۽ مضبوط احتساب ضروري آهي. هي معاملو اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته قومي ادارا اوچتو تباهه ناهن ٿيندا، اهي ننڍين ننڍين غفلتن، سياسي مداخلتن، جعلي دستاويزن، ڪمزور نگراني ۽ بي جوابداريءَ سان آهستي آهستي ڪمزور ٿيندا آهن. پي آءِ اي جي 200 ارب رپين جي نقصان کي جيڪڏهن صرف ماضيءَ جو هڪ انگ سمجهي وساري ڇڏيو ويو ته شايد ايندڙ ڀيري نقصان جو انگ وڌيڪ وڏو هجي. هاڻي اصل امتحان صرف پائليٽن کي سزا ڏيڻ جو نه، پر ان نظام کي درست ڪرڻ جو آهي، جنهن اهڙي جعلسازيءَ کي جنم وٺڻ ۽ وڌڻ جو موقعو ڏنو، ڇو ته جيستائين شفاف، مضبوط ۽ جوابده نظام قائم نٿو ٿئي، تيستائين 200 ارب رپين جو نقصان رڳو هڪ انگ نه، پر قومي ادارن جي ناڪاميءَ جو تلخ ثبوت بڻيل رهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو