ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جا نتيجا: نئين سنڌ جي اڏاوت ۽ تعليمي انقلاب
20 سيپٽمبر 2026ع تي ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان آءِ بي اي سکر جي سنڌ ٽيسٽنگ سروس (STS) جي ذريعي ورتو ويو، جنهن جو آخري نتيجو 28 سيپٽمبر 2026 تي جاري ٿي چڪو آهي. آءِ بي ايس سکر ايس ٽي ايس پاران اعلانيل ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي نتيجي مطابق سڀ کان وڌيڪ مارڪون 180 مان 179 شڪارپور جي هڪ عورت اميدوار حاصل ڪيون. جڏهن ته ان کانپوءِ 178 مارڪون ٿرپارڪر جي ٻن ۽ لاڙڪاڻي واسي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي هڪ هڪ اميدوار حاصل ڪيون. هڪ نامور انگريزي اخبار جي خبر مطابق هن ٽيسٽ ۾ ويٺل ٽوٽل گڏيل 33,336 اميدوارن مان 22,538 عورت اميدوار ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. ڏٺو وڃي ته اهو عورتن جي تعليمي ڪاميابيءَ جي لاءِ ته هڪ وڏو انقلاب آهي. جنهن جو اعلان ڊاڪٽر پروفيسر آصف شيخ ڪندي ٻڌايو ته 16500 کان وڌيڪ عورت اميدوارن ايم بي بي ايس لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. جڏهن ته ٽيسٽ دوران چئن اميدوارن پنهنجا پيپر خالي ڇڏي ڏنا، جنهن جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي ويندي ته انهن ڪنهن جي آسري اهي پيپر خالي ڇڏيا. ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه شهري تنظيمن هڪ عجيب بحث شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ محسوس ايئن ٿو ٿئي ته شهري علائقن جي اميدوارن سان ڪا زيادتي ڪئي وئي آهي، انهن کي ظاهر ڪيل نتيجا قبول ناهن.
سنڌ جو عوام جنهن جو جيئڻ مرڻ هن ڌرتيءَ سان آهي، انهن کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته اهي پنهنجو وجود قائم رکڻ لاءِ پنهنجي اولاد کي تعليمي سجاڳي کانسواءِ ٻي ڪابه وڏي دولت نٿا ڏئي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو غريب والدين پنهنجو پيٽ ڪٽي به پنهنجن ٻارن کي ۽ خاص طور تي نياڻين کي تعليم ڏئي پڙهڻ جي ميدان ۾ همٿايو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان جا نتيجا جيڪي سکر آءِ بي اي ذريعي ظاهر ڪيا آهن، انهن ۾ شفافيت سان ظاهر ڪيل نتيجن کانپوءِ ڪيترن ئي حلقن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ طاقتور حلقي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جنهن سان غريب ٻار جو ميرٽ هر جاءِ تي ان کان ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ايس پي ايس سي ان جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. ايم ڊي ڪيٽ جي شفافيت سان ٿيندڙ امتحانن ۽ نتيجن انهن طاقتور حلقن کي جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ سچ سامهون اچي چڪو آهي ته غريب جو ٻار محنت ڪش ۽ ميرٽ تي لهڻ جي قابل آهي. جنهن کي طاقتور حلقي تعليمي ميدان ۾ اچڻ کان روڪي رکيو هو. جيئن ملڪ ۾ حقيقي ۽ شفاف اليڪشن نه پئي ٿيڻ ڏني وڃي، تيئن ئي تعليمي ميدان ۾ به عوام جي رستا روڪ ڪئي پئي وئي، نوجوانن جو ميرٽ چورايو پئي ويو. ڊاڪٽر آصف شيخ ان ناممڪن شيءِ کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نياڻين جو هڪ وڏو انگ ڪامياب ٿي اڳيان آيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ٽاپ 20 شاگردن ۾ ڪراچيءَ جو ڪو اميدوار شامل نه آهي. ان ڳالهه وڏن شهرن جي مخصوص تجزيا نگارن ۽ اردو ميڊيا کي هڪ اهڙو بيانيو ٺاهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ پٺتي پيل علائقن مان نياڻيون ان قابل ئي ناهن جو اهي پاس ٿي سگهن، هن ٽيسٽ جو نتيجو ان ڳالهه جو کليل اظهار آهي ته سنڌ جو والدين، سنڌ جون نياڻيون، سنڌ جي فرسوده سماجي روين کي پٺتي ڇڏي فخر سان اڳتي وڌي رهيون آهن.
والدين پنهنجو پيٽ ڪٽي پنهنجين ڌيئرن کي پڙهائي رهيا آهن. سنڌ سان تاريخ ۾ جيترا به سياسي، معاشي يا انتظامي تجربا ڪيا ويا هجن، پر اها ڳالهه هڪ گهري سچائيءَ وانگر ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌ جو عوام تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شاندار تعليم ۽ عالمي ميرٽ حاصل ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي. ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جا نتيجا انهن هزارين والدين ۽ نياڻين جي قربانين جو رد عمل آهن، جن پنهنجي مستقبل جي تعمير لاءِ قلم ۽ ڪتاب جي چونڊ ڪئي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي اڻٿڪ ڪوششن سان شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، جنهن نظام جي چور دروازن کي بند ڪري ڇڏيو. هن ٽيسٽ جي نتيجن جو سڀ کان وڌيڪ روشن ۽ اثرائتو نتيجو اهو ظاهر ٿيو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي ڪوششن سان اهو نظام ڊهي پيو آهي، جنهن نياڻين کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو هو ۽ جن ماڻهن کي اهو زعم هو ته امير ۽ شهري طبقو ميرٽ تي يونيورسٽين تائين پهچي سگهي ٿو، اها ذهنيت شڪست کائي چڪي آهي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي منفي سياست اتان جو نوجوان کي تعليمي ميدان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو يقينن سنڌ جو نقصان آهي. ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي نتيجن کانپوءِ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي به پنهنجي سياسي وابستگين کي جاچڻو پوندو، پنهنجن ٻارن جي مستقبل جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي مثبت زندگيءَ ڏانهن وٺي اچڻ لاءِ مثبت سوچ ڏيڻي پوندي. سنڌ جي جن غريب والدين پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏني، اميد آهي ته ان جي انگ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڇو ته سنڌ جو دفاع ڪندڙ مورچو صرف تعليم ٿي سگهي ٿي. سنڌ حڪومت کي تعليم جي ميدان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سائنسي بنيادن تي جديد سهولتون ڏئي شاگردن جي لاءِ اهي سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن جو اسان جون يونيورسٽيون مستقبل جا ماهر پيدا ڪري سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟