کيرٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ لاءِ رڳو گرفتارين نه، پر ذميوارن جو احتساب به ضروري
سنڌ جا ٻيلا، جبل، جهنگلي جيوت ۽ قدرتي وسيلا رڳو ماحولياتي حسن جو حصو ناهن، پر اهي صوبي جي حياتياتي گهڻائي، موسمي توازن ۽ ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت پڻ آهن. کيرٿر نيشنل پارڪ سنڌ جو سڀ کان وڏو محفوظ قدرتي علائقو آهي، جيڪو ناياب جانورن، پکين ۽ قيمتي وڻن جو اهم مسڪن آهي. اهڙي قومي اثاثي ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني وڻن جي واڍي ۽ ڪاٺ جي اسمگلنگ جو انڪشاف نه رڳو افسوسناڪ آهي، پر اهو سنڌ جي ماحولياتي تحفظ بابت ڪيترائي سنجيده سوال پڻ اٿاري ٿو.
وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، پوليس، وائيلڊ لائيف، ٻيلي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران گڏيل ڪارروائي دوران غيرقانوني طور وڍيل وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل 13 گاڏيون ضبط ڪرڻ ۽ 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ يقيناً هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف وائيلڊ لائيف ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪيس داخل ڪرڻ پڻ مثبت اڳڀرائي آهي، پر هن معاملي کي صرف ايتري حد تائين محدود ڪرڻ ڪافي نه هوندو. اصل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن کيرٿر نيشنل پارڪ جهڙي محفوظ علائقي مان وڏي پيماني تي قيمتي وڻ وڍي انهن کي گاڏين ۾ ڀري مختلف علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو ته اها سموري سرگرمي آخر ڪيتري عرصي کان جاري هئي؟ ڇا 13 گاڏين ۾ ڪاٺ ڀرجي آساني سان نڪري وڃڻ ۽ لکين رپين جي ڪاٺ جو واپار ٿيڻ بغير ڪنهن جي ڄاڻ جي ممڪن هو؟ اهڙي منظم ڪارروائي کي ڏسندي اهو سوال فطري طور اڀري ٿو ته ڇا صرف ڪاٺ وڍيندڙ ئي ذميوار آهن يا پوءِ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪنهن جي سهولتڪاري يا سرپرستي پڻ حاصل هئي؟
کيرٿر نيشنل پارڪ، ٻيلي کاتي ۽ وائيلڊ لائيف کاتي وٽ باقاعده عملو مقرر آهي، جنهن جي بنيادي ذميواري ئي پارڪ، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي حفاظت ڪرڻ آهي. جيڪڏهن وڏي پيماني تي وڻن جي واڍي ٿيندي رهي، ڪاٺ ٽرڪن ۽ ٻين گاڏين وسيلي منتقل ٿيندو رهيو ۽ ڪنهن کي به ان جي خبر نه پئي، ته پوءِ اهو انتظامي ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهي. جيڪڏهن خبر هئي ته ڪارروائي ڇو نه ٿي؟ ۽ جيڪڏهن خبر نه هئي ته پوءِ نگراني جو سڄو نظام ناڪام ڇو ٿيو؟ ٻنهي صورتن ۾ جوابدهي کان پاسو نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري حڪومت کي صرف گرفتار ٿيل ماڻهن خلاف ڪارروائي تي اطمينان ڪرڻ بدران هڪ اعليٰ سطحي، شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ گهرجي، جنهن ۾ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ڇا ٻيلي کاتي، وائيلڊ لائيف کاتي، مقامي انتظاميا يا نيشنل پارڪ جي ڪنهن سرڪاري ملازم غفلت ڪئي، يا ڪنهن به قسم جي سهولتڪاري يا ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ۽ انهن جي پٺيان ٻيون ڪهڙيون قوتون ڪم ڪري رهيون آهن، جن سرڪاري کيرٿر پارڪ جي وڻن کي تمام آسانيءَ سان وڍي ٽرڪن ۾ ڀريو آهي. جيڪڏهن جاچ دوران ڪنهن به سرڪاري آفيسر يا ملازم جي لاپرواهي، بدعنواني يا ڏوهاري سرگرمين ۾ شموليت ثابت ٿئي ته ان خلاف رڳو کاتيوار ڪارروائي نه، پر پاڪستان پينل ڪوڊ، سنڌ فاريسٽ ايڪٽ، وائيلڊ لائيف جي لاڳاپيل قانونن ۽ اينٽي ڪرپشن جي قانونن تحت فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن. ماحولياتي ڏوهن ۾ سهولتڪاري ڪندڙ سرڪاري ملازم به اوترا ئي ذميوار آهن، جيترا سڌي ريت وڻ ڪٽيندڙ.
سنڌ ۾ ٻيلا اڳ ئي خطرناڪ حد تائين گهٽجي چڪا آهن. موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي، پاڻي جي کوٽ ۽ زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي جهڙن مسئلن کي نظر ۾ رکندي هر هڪ وڻ جي اهميت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ محفوظ قرار ڏنل نيشنل پارڪن اندر به جيڪڏهن وڻن جي غيرقانوني واڍي جاري رهي ته ان جا اثر رڳو جهنگلي جيوت تائين محدود نه رهندا، پر سڄي ماحولياتي نظام، مقامي آبهوا ۽ انساني زندگي تي به پوندا. کيرٿر نيشنل پارڪ پاڪستان جي اهم قدرتي ورثن مان هڪ آهي، جتي ناياب جانور، پکين جا مختلف نسل ۽ قدرتي ٻوٽا موجود آهن. وڻن جي بي رحماڻي واڍي انهن جانورن جي رهائش ختم ڪري ٿي، مٽيءَ جي ڪٽائي وڌائي ٿي ۽ ماحولياتي توازن کي بگاڙي ٿي. جڏهن ٻيلن جو خاتمو ٿيندو ته جهنگلي جيوت به انساني آبادين ڏانهن منتقل ٿيندي، جنهن سان نوان مسئلا جنم وٺندا. ان سان گڏ، حڪومت کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نگراني جو نظام متعارف ڪرائڻ گهرجي. ڊرون ڪئميرائن، سيٽلائيٽ مانيٽرنگ، جيو ٽيگنگ جهڙا اپاءُ ڪرڻ گهرجن ته جيئن مشينن ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻيلن جي نگراني ڪري سگهجي. ڪاٺ جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ڪارخانن ۽ گودامن جي مسلسل جاچ کي يقيني بڻائڻو پوندو. رڳو مزدورن يا ڊرائيورن کي گرفتار ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيستائين ان سڄي غيرقانوني نيٽ ورڪ کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو. ساڳئي وقت، مقامي ماڻهن کي به پنهنجن ٻيلن جي تحفظ لاءِ اکيون کولي رکڻ گهرجن ۽ ڪنهن به اهڙي ماحولياتي دشمن قدم کڻندڙ جي خلاف هڪدم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. عوام کي وڻن جي اهميت بابت آگاهي ڏيڻ، متبادل روزگار جا وسيلا فراهم ڪرڻ انتهائي اهم آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تازي ڪارروائي هڪ سٺو عمل آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ايتري محفوظ مقام تان آخر ڪنهن کي طاقت ٿي جو سنڌ سرڪار جا وڻ ائين وڍي ٽرڪون ڀري کڻي وڃي سگهي؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟