پيپلزپارٽي جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ تحريڪ التويٰ پيش ڪرڻ جون تياريون
هن وقت نون صوبن جو هڪ تڪراري بحث جاري آهي ۽ سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي حق ۾ ناهي. سنڌ حڪومت صوبائي اسيمبليءَ مان اڳ ۾ ئي پنج قراردادون صوبي جي ورهاڱي کي رد ڪرڻ لاءِ پاس ڪري چڪي آهي. ان کانپوءِ ٻي ڪنهن به قرارداد جي ضرورت هجڻ نه گهرجي ها، پر پوءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙو جي هٿان سوشل ميڊيا تي تحريڪ التويٰ پيش ڪرڻ جي تياريءَ جون خبرون گرم آهن. پيپلزپارٽي جي پارلياماني ٽيم (نثار کهڙو ۽ سينيئر قيادت) پاران ڊرافٽنگ ۽ قانوني مشاورت جون تياريون مڪمل آهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اڳڀرائي ڪري تحريڪ التويٰ پيش ڪري ٿي ته ان سان اڻ سڌي طرح ان تڪراري موضوع کي اسيمبليءَ جي سرڪاري ايجنڊا جو حصو بنجڻ جو موقعو ملي ويندو. هونئن به کهڙو خاندان جي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪا سٺي ساک نه رهي آهي. ايوب کهڙو جو ڪردار تاريخ ۾ هڪ تڪراري ڪردار طور مشهور آهي. جنهن 1955ع ۾ وڏي وزير جي حيثيت سان سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. سندس ڌيءَ حميده کهڙو هڪ تاريخدان هئي، اها هڪ پاسي تحقيق جو ڪم ڪندي رهي ته سندس سياسي وابستگي مسلم ليگ (ق) سان رهڻ ڪري کيس پرويز مشرف جي دور ۾ تعليم جي وزارت ملي. هاڻي نثار کهڙو جنهن کي هونئن ئي عوام ناپسند ڪري ٿو، ان جو تحريڪ التويٰ جي تياري ڪرڻ سنڌ جي عوام لاءِ هڪ مشڪوڪ عمل آهي. ايئن به ناهي ته تحريڪ التويٰ پيش ڪرڻ سان نوان صوبا ٺهي ويندا، ان جي لاءِ آئيني پيچيدگيون ۽ عمل پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، پر اسان سڀني کي خبر آهي ته نئين صوبي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل پاس ٿيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن به صوبي کي ورهائي نئون صوبو ٺاهڻو هجي ته ان صوبي جي پنهنجي اسيمبليءَ کان منظوري کانسواءِ ڪوبه آئيني قدم نٿو کڄي سگهي.
هن وقت پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن جي پوري ڪوشش آهي ته کيس مستقبل ۾ وزارت عظميٰ حاصل ٿي وڃي، ان کي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهي عوام جي اعتراضن کي منهن ڏيڻ گهرجي ها، پر هو هميشه اهڙن ڏکين وقتن تي ميدان ڇڏي ٻاهر هليو ويندو آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته منجهس سياسي دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود ناهي. اهڙي شخصيت جيڪا سياسي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهي، ان جو مستقبل ۾ هڪ وڏي عهدي لاءِ چونڊجڻ آسان نظر نٿو اچي. پنجاب اندر صوبن ٺاهڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان هڪ قرارداد پاس ڪرائي چڪو آهي، پر اتي عملي قدم کڻڻ بجاءِ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ڇو ته سنڌ وٽ اهي سڀئي وسيلا موجود آهن جن سڄي پاڪستان کي سنڀاليو آهي. جيئن ته سنڌ جو عوام پنهنجي صوبي، پنهنجي ڌرتيءَ سان هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ جذباتي حساسيت رکي ٿو. جيڪڏهن اهڙي ڪابه غلطي ڪئي وئي ته ان جو انجام تمام منفي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ڇو ته زمين رڳو انتظامي حد بندي ناهي هوندي، پر ماڻهن جي هزارين سالن جي تاريخ، ٻولي، تهذيب ۽ وسيلن جو مجموعو هوندي آهي. آزاديءَ کانپوءِ به جيڪڏهن پاڪستان جو عوام پنهنجن تاريخي پرڳڻن ۾ به محفوظ ناهي ته پوءِ اهڙي آزادي بي مقصد ثابت ٿي آهي، جنهن سنڌ جي عوام کي غير محفوظ ڪري ڇڏيو. هن وقت جيئن ته ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت آهي ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته سنڌ جي عوام جي مرضيءَ کانسواءِ ڪوبه اهڙو بحث مباحثو نه ڪيو ويندو، جيڪو عوام جي جذبن کي ڀڙڪائي سگهي. ڇو ته سنڌ ڪو انتظامي بلاڪ نه، پر قدرت جو جوڙيل هڪ اهڙو پرڳڻو آهي جنهن ۾ هڪ قوم پنهنجن وسيلن سوڌو آباد آهي.
سنڌ کي هونئن به پنهنجن وسيلن جي باوجود محروم رکيو ويو آهي ۽ هاڻي ان کي ورهائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هن وقت ملڪي حڪومت سان گڏوگڏ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ پڻ سنڌ کي هڪ وڏي عالمي راند جو حصو بنائڻ چاهي ٿي. ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي. جڏهن ته گوادر بلوچستان سان گڏ پوري خطي جي تجارتي راهداري آهي. انهن ٻنهي پورٽن تي ڪنهن به باقاعده بين الاقوامي اثر يا پردي پويان ڪنٽرول واري رٿا سان پاڪستان جي قومي سلامتي، حڪمراني ۽ صوبائي خود مختياري تي سڌو اثر پوي ٿو. جنهن ڪري سنڌ جو عوام بيچينيءَ جو شڪار آهي. چين خطي ۾ آمريڪي اثر کي توازن ۾ رکڻ لاءِ روس، ايران ۽ ٻين علاقائي ملڪن سان گڏجي بلاڪ ٺاهڻ واري پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيو. اهوئي سبب آهي جو هن اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪري سمنڊ (گوادر) تائين پهچ حاصل ڪئي آهي. سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ صرف اقتصادي يا ترقياتي منصوبا ناهن، اهي ايڪيهين صديءَ جي عالمي طاقتور راند جا ميدان آهن. اهوئي سبب آهي جو گوادر جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ سي پيڪ جي سيڪيورٽي وارين پيچيدگين چين ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ اسٽريٽجڪ راند قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نشانو سڌو سنئون پاڪستان جو عوام ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تپش سنڌ جي عوام جي مٿان اچي رهي آهي. پيپلز پارٽي جيڪا هن وقت حڪمران پارٽي آهي ان کي پنهنجي سياسي مستقبل جي باري ۾ ضرور سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن هن ڪوبه اهڙو قدم کنيو جيڪو عوام جي منشا ۽ مرضيءَ جي خلاف هوندو ته سڄي سنڌ رستن تي ٻاهر هوندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟