سنڌ اسيمبليءَ ۾ تحريڪ التويٰ مان ڦٽندڙ هڪ نئين اميد
حڪومت سنڌ هن وقت نون صوبن خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ تحريڪ التويٰ پيش ڪري بحث ڪرائي رهي آهي. اڄ ان بحث کي اسيمبلي ۾ هلندڙ چوٿون ڏينهن آهي. جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود پيپلزپارٽي جا ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر تمام سٺن دليلن سان بحث ڪري رهيا آهن. صوبائي حڪومت جي ميمبرن اهو وچن دهرايو آهي ته سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني ويندي ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي کي تحريڪ التويٰ پيش ڪرڻ جي ضرورت ته نه هئي، پر شايد سنڌ حڪومت تي عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بيانين جو دٻاءُ وڌي ويو جو ان کي ڪو نه ڪو آئيني رستو اختيار ڪرڻو پيو. عوام جو خيال آهي ته تحريڪ التويٰ جي جاءِ تي قرارداد پيش ڪري ان خيال کي رد ڪيو وڃي ها، پر سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ ئي ان سلسلي ۾ پنج قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. هاڻي تحريڪ التويٰ ذريعي هن مسئلي تي آخري ڀيرو بحث ڪري هميشه لاءِ دفن ڪيو ويندو. عام طور تي سنڌ جي معاملن تي ايم ڪيو ايم جو رويو هميشه غير سنجيده رهيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اها پارٽي نه پاڻي، نه ئي وسيلن ۽ نه ئي سنڌ جي وحدت تي ڪڏهن به سنڌ سان بيٺل نظر آئي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام اردو ڳالهائيندڙ طبقي سان هر شهر ۾ گڏ زندگي گذاريندي به ايم ڪيو ايم کان سخت چڙيل رهي ٿو.
“ورهايو ۽ حڪومت ڪيو” انگريز سرڪار جو نعرو ۽ پاليسي رهي. ايم ڪيو ايم ان پاليسيءَ جو تمام سولائي سان شڪار ٿي وئي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن وقت بحث دوران پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اندر سنجيدگيءَ سان بحث ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ٻنهي پاسن کان ويڇن ۾ ڪمي نظر ايندي محسوس ٿي رهي آهي. هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جي تاريخ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جي اجتماعي مفادن، سنڌو نديءَ جي دفاع ۽ صوبي ۾ خراب حڪمراني، ڪرپشن، پوليس جي اداري مٿان اٿندڙ سوالن تي هڪ جاندار بحث ٿي رهيو آهي. جڏهن بحث سنجيدگي اختيار ڪندو آهي تڏهن مسئلا حل طرف ويندا آهن. ايم ڪيو ايم جي نوجوان اسيمبلي ميمبرن بحث دوران جن نقطن کي اٿاريو آهي اهي يقينن سنڌ جي وحدت تي وار نه، بلڪه سنڌ حڪومت جي خراب گورننس تي سوال اٿارڻ آهن، اهو هڪ سٺو پيغام آهي. اسيمبلي جي نوجوان ميمبر عبدالباسط جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ان چٽي نموني واضح ڪيو ته اهو وقت گذري چڪو آهي جو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام جي وچ ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت هجي يا انهن کي ويڙهائي سگهجي، سنڌ جي ورهاست نه اردو ڳالهائيندڙن جي حق ۾ آهي، جو اهي اها گهر ڪن. هن سنڌ جي وحدت تي پنهنجو متفقه موقف پيش ڪيو، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ گڏ پڙهندڙ شاگردن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن جي هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان سندن ويڇا ختم ٿي رهيا آهن ۽ هٿرادو پيدا ڪيل نفرتون مري رهيون آهن. ايم ڪيو ايم جي نوجوان قيادت جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي گورننس مٿان سوال اٿاري ٿي ته اها هڪ سٺي ڳالهه آهي، سنڌ جو عوام به ساڳيو سوال اٿاري ٿو.
ٻين به ڪيترن ئي نوجوان ميمبرن اسيمبلي ۾ مثبت بيانيو پيش ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ کي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهي. جڏهن ته ڪيترائي دانشور سنڌ جي وحدت جي خلاف اٿندڙ آوازن کي رد ڪري چڪا آهن. ايم ڪيو ايم جي بيانيي کي تبديل ڪرڻ ۾ يقينن سنڌ جي عوام جو صبر ۽ سنڌ حڪومت جو به وڏو ڪردار آهي. جنهن اڄ ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ناڪاري رويي کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها سنڌ جي عوام جي فتح آهي. ڇو ته سنڌ جي عوام سنڌي هجڻ جي تشريح ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. جنهن مطابق سنڌي صرف سنڌي ڳالهائيندڙ نه، بلڪه هر اهو ماڻهو جيڪو سنڌ جي مٽيءَ سان وفادار، وسيلن جو محافظ، سنڌ جي عوام جو ڀرجهلو ۽ سنڌ جي وحدت ۾ يقين رکندڙ آهي اهو سنڌ جو سچو سپوت آهي. هن موقعي مان اسان کي ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ گهرجي يا هڪ اهڙو سماجي معاهدو ڪرڻ گهرجي جو اردو ڳالهائيندڙ آبادي ڪڏهن به سنڌ جي خلاف دشمن هٿان استعمال نه ٿي سگهي. ڇو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي عوام جا آهن. چاهي اهو شهرن ۾ رهندڙ هجن يا ٻهراڙين ۾. اميد آهي ته مستقبل ۾ سنڌ اسيمبلي يا قومي اسيمبلي مان چونڊيل ايم ڪيو ايم جا نمائندا سنڌ جي وحدت، سنڌو نديءَ جي حقن ۽ صوبائي تحفظ جي سوال تي هميشه سنڌ جي عوام سان گڏجي بيهندا ۽ سنڌ جي سچن سپوتن وانگر هميشه هميشه سنڌ سان وفادار رهندا.گڏوگڏ پيپلزپارٽي به عوام جي ڏنل اختيار کي شفافيت سان استعمال ڪري ته جيئن سندس خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري جيڪي ھٿ سنڌ جي ورهاڱي طرف وڌن ٿا انھن جو خاتمو ڪري سگهجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟