مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪي ترقي ۽ سلامتيءَ لاءِ سياستدانن کي پنهنجون انائون قربان ڪرڻيون پونديون ۽ گڏجي ويهڻو پوندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، جنهن وٽ پنهنجو متفقه آئين موجود آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جو ملڪ آئين هوندي به سياسي ڌرين جي قيادت ۾ هلڻ بدران اهڙين قوتن جي هٿ ور چڙهي ويو آهي، جن جي سياسي بصيرت اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته ملڪ سياستدانن جي حوالي ٿيڻ گهرجي. ملڪ کي هلائڻ لاءِ سياسي قيادت کي مضبوط طريقي سان اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ جن مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، ان کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي سياستدانن کي پنهنجو پاڻ تي اهي پابنديون لڳائڻيون پونديون، جيڪي عوام چاهي ٿو. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پنهنجين پارٽين اندر احتساب جو عمل شروع ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام جو مٿن اعتماد بحال ٿي سگهي. تازو ئي سهيل آفريديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لانگ مارچ جو فيصلو معطل ٿي 5 آڪٽوبر تي لانگ مارچ جي فيصلي ۾ تبديل ٿيو، جنهن حڪومت کي تمام گهڻي دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اهو دٻاءُ سڄي قوم ڏانهن منتقل ٿيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن صدر آصف علي زرداري جو قيام ڪراچيءَ ۾ هو ته وفاقي وزير محسن نقوي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کانئس ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ يا ايمرجنسي نافذ ڪرڻ بابت راءِ ورتي. خبرن مطابق پيپلزپارٽي ان پاسي وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ صدر ان جي حمايت نه ڪئي. پهرين آڪٽوبر تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي ۽ معاملي کي سياسي بصيرت سان حل ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف جي باشعور قيادت جنهن ۾ بئريسٽر گوهر علي خان جيڪو هميشه مثبت رويي سان سياسي ڊائيلاگ تي يقين رکندي سياسي ميدان ۾ بيٺل آهي. هن پنهنجي وس آهر پنهنجي سياسي پارٽي، ان جي فڪر ۽ ان جي بقاءُ لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي. هاڻي صدر ۽ وزيراعظم جي گڏجي ويهڻ کانپوءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو گڏيل وفد پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ معاملي کي سياسي انداز ۾ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڳالهين جا ٻه دور بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويا، پر اميد ختم ناهي ٿي. اڄ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور شروع ٿيندو ۽ اميد آهي ته اهو نتيجا خيز ثابت ٿيندو. پاڪستان جو عوام پنهنجي سياسي پارٽين ۾ سياسي سنجيدگي ۽ سياسي بصيرت ڏسڻ جو خواهشمند آهي ۽ ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿو، جڏهن ملڪ جا رهنما ان بصيرت جو استعمال ڪري قدم کڻندا ۽ هڪٻئي کي اسپيس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن طاقت سان پي ٽي آءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته يقينن هن وقت خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي صورتحال نازڪ دور مان گذري رهي آهي. جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي فائدو ملڻ بدران اهو نقصان پهچي سگهي ٿو، جنهن جو شايد تصور ڪرڻ به ممڪن نه هجي. ڳالهين ٻولهين ذريعي سياسي دٻاءُ کي گهٽائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي به فيس سيونگ ڏيڻ لاءِ حڪومت کي لچڪ ڏيکارڻي پوندي. پي ٽي آءِ جو سڀ کان وڏو مطالبو اهو آهي ته عمران خان کي طبي سهولت ڏيڻ لاءِ آئيني رليف ڏنو وڃي ۽ کيس پنهنجن ذاتي ڊاڪٽرن تائين رسائي ڏني وڃي، جيل جون حالتون ۽ ملاقاتون نرم ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ جي خواهش اها آهي ته بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي کيس اتي رکيو وڃي. يقينن هن ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ڪي پي ڪي جي مشتعل عوام کي جيڪو هن وقت پنهنجي ليڊر جي پٺيان سياسي فڪر کان وڌيڪ ساڻس همدرديءَ ۾ بيٺل آهي، اهو چاهي ٿو ته سندن ليڊر کي رليف ڏنو وڃي. هن وقت ڪي پي ڪي جي حڪومت تي هٿ وجهڻ ان سڄي ڪاوڙيل عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافو ڪرڻ برابر هوندو، جنهن جو مقابلو حڪومت شايد نه ڪري سگهي. حڪومت دانشمنديءَ سان پي ٽي آءِ کي فيس سيونگ ڏني ته ان سان لانگ مارچ وارو مسئلو سياسي ڳالهه ٻولهه سان حل ٿي سگهي ٿو. جنهن جو مثبت اثر سڄي ملڪ جي سياسي صورتحال تي پوندو. پيپلزپارٽيءَ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته ملڪ کي آئين ۽ قانون مطابق هلايو وڃي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي سياسي ڪريئر ۾ هميشه اهو ثابت ڪيو آهي ته هو دٻاءُ اڳيان سر جهڪائڻ بدران نئين سر ڳالهين جي حل طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو پنهنجون سخت آئيني، سياسي ۽ حڪومتي شرطون ميز تي رکندو آهي. پيپلزپارٽي هميشه پاڻ کي ارڙهين ترميم ۽ صوبائي خود مختياري جي ضامن پارٽي مڃرايو آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي گورنر راڄ يا ايمرجنسي طرف وڃي ٿي ته ان سان اها پنهنجي بنيادي جمهوري اصولن جو انحراف ڪندي ۽ پنهنجو سياسي قد ڪاٺ وڃائي ويهندي.
2009ع ۾ پنجاب ۾ لاڳو ڪيل گورنر راڄ پ پ لاءِ سياسي تاريخ جو اهو سبق آهي، جنهن پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ وڏو سياسي ڌڪ رسايو. جنهن کانپوءِ نواز شريف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو، جنهن وفاقي حڪومت کي ايترو دٻاءُ ۾ آندو جو صرف ٽيٽيهن ڏينهن اندر پيپلزپارٽي کي فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ شهباز شريف جي حڪومت ٻيهر بحال ٿي وئي. پنجاب ۾ اهو نقصان پيپلزپارٽي اڄ به ڀوڳي رهي آهي. هن وقت طاقتور قوتون سياسي پارٽين کي چوطرف گهيرو ڪري هڪ اهڙي صورتحال ۾ وٺي وڃڻ گهرن ٿيون، جتي اهي هڪ ننڍڙي غلطي ڪن ته سڄي نظام کي پراڻي چڪر ۾ ويڙهيو وڃي ۽ وري انهن کي ساڳين ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ ٿيڙجي. جڏهن ته عوام جي اها خواهش آهي ته ملڪ ۾ سياسي قيادت سياسي فيصلا ڪري، آئين جي طاقت کي استعمال ڪري ۽ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي بيهاري ۽ ملڪ کي ان سائيڪل مان ڪڍي جيڪو هڪ اهڙو شيطاني چڪر آهي جنهن ۾ هڪڙي پارٽي ٻي پارٽي جي خلاف سياسي طور استعمال ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي قيادت به سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي ته ملڪ ۾ اهو شيطاني چڪر ضرور ٽٽندو ۽ صدر آصف علي زرداري جنهن سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪيو آهي ان سان سندس پارٽيءَ کي ملڪ جي چئني صوبن ۾ يقينن پذيرائي ملندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو