3 نومبر آمريڪي مڊٽرم اليڪشن ۽ آمريڪا جي داخلي صورتحال
3 نومبر 2026 تي (اڄ) آمريڪي وقت مطابق ڪجهه رياستن ۾ 6:00 کان 8:00 وڳي صبح جو مڊٽرم چونڊون شروع ٿينديون. هن وقت مختلف تجزين ۽ خانگي سروي رپورٽن مطابق ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي ايوان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي. ان سان گڏ سينيٽ جي جنگ به تمام سخت آهي. سينيٽ جون 35 سيٽون داءُ تي لڳل آهن، جن تي اڪثريت هن وقت ري پبلڪنز وٽ آهي، جن مان 22 سيٽون انهن کي بچائڻيون آهن. ڪجهه يونيورسٽين ۽ ريسرچ ادارن پنهنجا سروي گڏ ڪري مستقبل جا نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آمريڪا جون نمايان يونيورسٽيون باقائدگيءَ سان نتيجن جو علمي معيار سان تجزيو ۽ سروي ڪنديون رهنديون آهن. ڪجهه تنظيمن انهن سڀني نتيجن کي اڳيان رکي هڪ وچولو نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هينئر “ريسرچ ايگريگيٽرز” نتيجو ڏنو آهي ته ڊيموڪريٽس کي ايوانِ نمائندگان ۾ 7 کان 9 سيڪڙو ليڊ حاصل آهي. جيئن ته چونڊن جي نتيجن کان اڳ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو ايوانِ نمائدگان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جو گهڻو امڪان آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڏسجي ته ايندڙ وقت ۾ موجوده حڪومت تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا.
جنهن ۾ يقينن پهريون اثر حڪومت جي قانون سازيءَ واري طاقت تي پوندو. جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ايوانِ نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ته ڪوبه بل آسانيءَ سان پاس نه ٿي سگهندو. آمريڪي صدر وٽ ويٽو پاور هوندي به ڪيترائي بل منسوخ ٿي ويندا. ايوانِ نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وٽ فيڊرل ڪميٽين جو صدارتي اثر ختم ٿي ويندو. ان کان علاوه مخالف اڪثريت سبب حڪومتي بجيٽ يا حد کان وڌيڪ قرض ملڻ جي حد ۽ ترقياتي فنڊن تي سخت تنازعه پيدا ٿي سگهن ٿا. جنهن سان حڪومتي شٽڊائون جو امڪان وڌي ويندو آهي. جڏهن حڪومت لاءِ ڪانگريس مان قانون پاس ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو ته انتظاميه سڌيءَ طرح صدارتي حڪمن ذريعي پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. جنهن کي قانوني چئلينج پڻ اڳيان هوندا. پرڏيهي پاليسين تي سخت رد عمل، جاچ، بجيٽ ۾ ڪٽوتي اهي سڀ مسئلا حڪومت کي اڳيان هوندا. دنيا اسرائيل اليڪشن کانپوءِ آمريڪي مڊٽرم چونڊن تي نظر رکي ويٺي آهي. جنهن سان ايران جي مٿان ٿيندڙ حملن جي خبر پوندي. ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن مڊٽرم چونڊن ۾ ري پبلڪن کي اڪثريت حاصل نٿي ٿئي ته پوءِ موجوده سيٽ اپ هڪ وڏي باضابطا جنگ شروع ڪرڻ جي قابل نه رهندو. آمريڪي صدر کي تمام گهڻا آئيني اختيار هجڻ جي باوجود به ڪانگريس جي اجازت کانسواءِ پينٽاگون به شايد ان جي حمايت نه ڪري، پر موجوده صدر جي هوندي دنيا ڪنهن به اڻ ٿيڻي جي اميد رکي سگهي ٿي. هن وقت پوسٽ مڊٽرم اليڪشن ايران تي هڪ وڏي حملي جو خوف ضرور آهي. ڇو ته آمريڪا جي مٿان اسرائيل جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي ۽ اسرائيلي حڪومت جو سڀ کان وڏو تحفظ ايران جا ايٽمي مرڪز خاص طور تي زمين جي گهرائيءَ ۾ تيار ٿيل سهولتون آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا تي مسلسل زور ڀري رهيو آهي ته ايران جي انهن بنيادي خطرن کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. ٽرمپ انتظاميه ۽ اسرائيل پنهنجي علاقائي، دفاعي ۽ عسڪري حڪمت عملي هڪ نئين سطح تي ترتيب ڏئي رهيا آهن. هن وقت مڊٽرم اليڪشن کانپوءِ ايران تي نون حملن جي امڪاني تجويزن جو امڪان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي.
اسرائيل جو قومي دفاع ايران جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ ۽ مڊٽرم اليڪشن بعد سياسي حڪمت عملي جو حصو نظر اچي ٿو. اهڙي صورتحال کانپوءِ عالمي صورتحال ۽ بين الاقوامي سياست ۾ ڀونچال اچڻ جو امڪان آهي، پر جيڪڏهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي ايوانِ نمائندگان تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي ٿي ته پوءِ عالمي پيماني تي هيٺيون تبديليون اچي سگهن ٿيون. ڇو ته مخالف پارٽي ڪانگريس حڪومت تي حد کان وڌيڪ بجيٽ ۽ عسڪري استعمال جي مٿان بندش مڙهيندي. ٽرمپ انتظاميه پاران چين، يورپي ملڪن ۽ ٻين اتحادي رياستن تي لڳايل ٽيرف ۽ اقتصادي پابندين بابت ڪانگريس مان نوان بل ۽ رد عمل اچڻ شروع ٿي ويندا. پوسٽ مڊٽرم اليڪشن دنيا کي آمريڪا جي بنيادي، عسڪري ۽ اقتصادي حڪمت عملين ۾ هڪ توازن ۽ سخت سفارتي چئلينج نظر ايندا. ڪنهن به نئين بين الاقوامي بحران تي آمريڪا جو هڪدم رد عمل ڪرڻ شايد ايترو آسان نه رهي. ڇو ته هن وقت آمريڪا خود مهانگائيءَ جو شڪار آهي. تيل جي قيمتن ۾ واڌ اتان جي زراعت ۽ عام زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي. ٽيرف جي واڌ مقامي بازارن ۽ شين تي اثر وڌا آهن. ٽيڪس اصلاحات جي نالي ۾ صحت ۽ علاج جا خرچ مهانگا ٿيڻ سبب لکين گهٽ آمدني وارا آمريڪي متاثر ٿيا آهن. ان ڪري هن اليڪشن کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي عوام لاءِ مهانگائي، تيل جو قيمتون، هيلٿ ڪيئر ۽ غير يقيني واري صورتحال جي لاءِ وڏا فيصلا ۽ داخلي چئلينج اڳ ۾ حل ڪرڻا پوندا ته جيئن سندن مقبوليت ۾ اضافو ٿئي ۽ اڳيان هلي 2028ع چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس ڪاميابي حاصل ڪري سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟