گڏيل عرب امارات به سوشل ميڊيا تي ٻارن جو اڪائونٽ ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي جڏهن ته پاڪستان جا ٻار بي يارو مددگار
سڌريل قومون هميشه پنهنجي مستقبل (ٻارن) تي نظر رکنديون آهن ته انهن جي تعليم ۽ تربيت جو ڪهڙو بندوبست ڪيو وڃي جو اهي ذهني، جسماني ۽ نفسياتي طور مضبوط بڻجي سگهن ۽ مستقبل جي چئلينجن لاءِ تيار ٿي سگهن. اهوئي سبب آهي جو، سڀني کان اڳ سڌريل ملڪن ۾ آسٽريليا ٻارن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ تي پابندي لڳائي. اتي سورنهن سالن کان گهٽ عمر جو ٻار پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ نٿو ٺاهي سگهي. ان کانپوءِ برطانيه سوشل ميڊيا ڪمپنين تي سختيون لاڳو ڪري آن لائين سيفٽي ايڪٽ تحت تيرنهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ تي هيءَ قانون سازي ڪئي آهي. ان کان علاوه ڪجهه يورپي يونين جا ملڪ ڊجيٽل سروسز ايڪٽ جي تحت قانون سازي ڪندي پوري يورپ ۾ ٻارن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ کين مخصوص اشتهار ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي چڪا آهن. جڏهن ته فرانس قانون سازي ڪري پندرهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسپين ۾ به سورنهن سالن کان گهٽ عمر جو ٻار سوشل ميڊيا اڪائونٽ نٿو ٺاهي سگهي. جڏهن ته آمريڪا ۾ وفاقي سطح تي تيرنهن سالن کان گهٽ ٻارن جي ڊيٽا جي تحفظ جو قانون پهرين کان ئي موجود آهي، پر هاڻي اتي به ڪجهه رياستن پنهنجا قانون سخت ڪري ٻارن لاءِ مخصوص عمر جو تعين ڪيو آهي، جنهن ۾ فلوريڊا ۽ يوٽا چوڏهن سالن کان سورنهن سالن جي ٻارن کي والدين جي اجازت کانسواءِ اڪائونٽ ٺاهڻ کان روڪين ٿا. مجموعي طور هن وقت ڏهن کان وڌيڪ ملڪ جيڪي ترقي يافته ۽ مهذب آهن انهن پنهنجن ٻارن کي سوشل ميڊيا تي مڪمل يا جزوي اجازت سان مشروط پابنديون لڳايون آهن.
هاڻي انهن ۾ گڏيل عرب امارات به شامل ٿي ان پاسي هڪ وڏو سخت قدم کنيو آهي. گڏيل عرب امارات ۾ به پندرهن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ نٿا ٺاهي سگهن. اتي والدين کي به ان قانون لاءِ ذميدار بڻايو ويو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته هي فيصلو ٻارن کي سائيبر بليئنگ (انٽرنيٽ تي تنگ ڪرڻ) يا ڪنهن به قسم جي منفي اثرن کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ڇو ته اتي آن لائين ٻارن کي هراسان ڪرڻ جا ڪجهه واقعا پيش آيا، جنهن سان ٻارن ۾ ذهني دٻاءُ پيدا ٿيو ۽ ٻارن جي اندر نفسياتي مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا. حڪومت ڪنهن به وڏي انساني سانحي جو انتظار ڪرڻ بدران اڳواٽ ئي قانون سازي ڪري پنهنجي قوم جي ٻارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو قدم کنيو آهي. وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انسان کي حد کان وڌيڪ معلومات يا تفريح جو مهيا ٿيڻ جنهن ۾ هر قسم جو مواد شامل هجي يا انسانن جو سڄي دنيا جي ماڻهن سان ڳنڍجڻ جتي موقعا پيدا ڪري ٿو اتي اهو خطري کان به خالي ناهي. انهن سڀني شين کي منهن ڏيڻ لاءِ تجربو ۽ سمجهه ضروري آهن. جڏهن ته ننڍو ٻار انهن منفي ڄارن ۾ جلدي ڦاسي پوي ٿو ۽ پوءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو. اهڙن ملڪن ۾ هاڻي سوشل ميڊيا تي ٻارن جي صحيح عمر جي تصديق لاءِ “ايج ويريفڪيشن” جهڙيون ايپ متعارف ڪيون پيون وڃن. ان کان علاوه اهي ملڪ سرڪاري دستاويز جن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ، ڊرائيونگ لائسنس يا صارف جو پاسپورٽ گهرندا. ان کان علاوه بينڪنگ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي تصديق به ان ۾ شامل ڪئي ويندي ۽ اها سيڪيورٽي ادارن جي ذريعي ڪرائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.
ٻارن جي سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ وارن ملڪن اندر هاڻي ٻارن ۾ ذهني دٻاءُ گهٽجي ويو آهي. ان کان علاوه سائيبر بليئنگ ۽ آن لائين هراسان ڪرڻ وارا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، ٻارن جي ننڊ جي معيار ۾ واضح بهتري آئي آهي ۽ اهي هاڻي پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان ملڻ جلڻ لڳا آهن، راندين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا آهن ۽ سندن تخليقي لاڙا وڌي رهيا آهن. ان کان علاوه اسڪولن اندر سندن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري نوٽ ڪئي وئي آهي. انهن سڀني ملڪن ۾ ٻارن کي پنهنجي والدين جو فون استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن تي ٻار والدين جي نگرانيءَ هيٺ فون استعمال ڪري سگهن ٿا. هن قانون سازيءَ جو مقصد ٻارن جو تحفظ آهي. انهن سڀني خبرن کي ٻڌڻ کانپوءِ اسان جڏهن پاڪستان جي ٻارن جي مستقبل کي ڏسون ٿا ته اسان جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا. پهريون سوال اهو آهي ته اسان جي ٻارن کي جديد تعليمي نظام تحت تعليم ڪڏهن نصيب ٿيندي ۽ انهن کي محفوظ درسگاهون ڪڏهن ملنديون. ڇو ته 30 جون 2026 تي عمرڪوٽ ۾ اسڪول جي ڀت جي هيٺان ٽي نياڻيون دٻجي پنهنجي جان وڃائي ويٺيون ۽ ساڳئي ڏينهن لاهور جي هڪ گهر ۾ قائم ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻار پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا ۽ ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن. اسان پنهنجي سماج ۾ ٻارن کي غير محفوظ ته ڪيو آهي، پر انهن جي تحفظ جي لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوبه قدم کڄندي نظر نٿو اچي. ٻار پنهنجن گهرن اڳيان کيڏندي اغوا ٿي وڃن ٿا، انهن سان جنسي تشدد ڪري انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ ٻارن کي جنسي طور تي هراسان ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جو ٻار دنيا جي سڀني کان وڌيڪ غير محفوظ ٻارن مان آهي. نه اهي اسڪولن ۾ محفوظ آهن نه ٽيوشن سينٽرن ۾، نه اهي راندين جي ميدانن ۾ محفوظ آهن، نه اهي پنهنجي گلين ۾. آخر پاڪستان جي ٻار سان هيءَ رياست ڪڏهن بهتر سلوڪ ڪرڻ شروع ڪندي؟ جنهن ڏينهن رياست پنهنجي ٻار کي مان ڏيڻ شروع ڪيو، انهن جي لاءِ بهتر پاليسيون جوڙيون ويون ۽ انهن تي سختي سان عمل ڪرائي انهن کي باعزت شهري بڻايو ويندو، ان ڏينهن هڪ نئون پاڪستان وجود ۾ ايندو. جڏهن ته ساڳي دنيا ۾ رهندي ڪجهه ملڪ پنهنجن نوجوانن کي محفوظ رکڻ لاءِ محفوظ قانون سازي ڪري، انهن کي مثبت سرگرمين ۽ لاڙن طرف راغب ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي نه صرف ٻارن کي محفوظ ڪري رهيا آهن، بلڪه اهي ملڪ پنهنجو مستقبل به محفوظ ڪري رهيا آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟