مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان جو وجودي موڙ چئلينج ۽ اميدون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان اڄ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي. حڪمران طبقو اهو چئي جان ڇڏائي رهيو آهي ته پاڪستان جو نظام ڊهي چڪو آهي، پر ان جي باوجود اهو ان نظام کي اڄ به مضبوطيءَ سان چنبڙيل آهي. هي اهو نقطو آهي جتي اقتصادي ڏيوالپڻي، سياسي بي اعتمادي ۽ آئيني بحرانن جو سڌو سنئون تعلق ملڪ جي ان اڳوڻي جيو اسٽريٽيجڪ ڪردار سان وڃي جڙي ٿو، جنهن هن ملڪ کي ڏهاڪن تائين عالمي رانديگرن جي اڳيان هڪ “بفرزون” يا “ڪرائي جي سيڪيورٽي رياست” طور پيش ڪيو. سرد جنگ جي معرڪن کان وٺي “وار اينڊ ٽيرر” تائين حڪمران، اشرافيه ۽ مقتدره ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ کي اندروني پيداوار ۽ عوامي خود مختياريءَ جو متبادل بڻائي استعمال ڪندا رهيا. اڄ جڏهن عالمي سياست جا محور تبديل ٿي چڪا آهن، تڏهن اهوئي بفرزون وارو مائينڊ سيٽ ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو وجودي خطرو بڻجي اڀريو آهي.
ان سيڪيورٽي رياست واري سوچ جا نتيجا اڄ اسان جي اکين جي اڳيان آهن. ملڪ جو اندروني آئيني معاهدو لتاڙجي چڪو آهي، ارڙهين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي ملندڙ مالي ۽ سياسي خود مختياري کي مسلسل ڪمزور ڪرڻ ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ بفرزون واري ان مرڪزيت پسنديءَ جو نتيجو آهي. جنهن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي عوام ۾ بي اعتمادي جون اونهيون کاهيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن به ڪا رياست پنهنجن شهرين کي انهن جو آئيني ۽ سياسي حق، بنيادي تعليم ۽ وسيلن تي مقامي مالڪي ڏيڻ بدران رڳو سيڪيورٽي ۽ غير آئيني سمجهوتن تي هلائيندي ته اها عمارت نتيجي طور ڊهي پوندي. عالمي طاقتن جي حفاظتي ديوار بنجڻندڙ رياستن جا بنياد تڏهن ئي ڊهندا آهن، جڏهن انهن وٽ پنهنجي پيداواري معيشت ۽ پختو عوامي اتحاد ناهي هوندو. اڄ اسان کي 79 سالن کانپوءِ سڄو منظرنامو کلي سامهون نظر اچي رهيو آهي ته ڪيئن پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ٿيڻ کان عالمي طاقتن روڪي رکيو آهي ۽ ڪيئن اسان جي وسيلن کي عوام جي خلاف استعمال ڪري ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي هلڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ ڪيئن آءِ ايم ايف جي قرضن ۽ ورلڊ بينڪ جي قرضن ۾ جڪڙيو ويو آهي، جنهن ۾ اسان جا اهي چونڊيل نمائندا به شريڪ آهن، جن کي اسان چونڊن ۾ چونڊي طاقت جي ايوانن تائين پهچايو.
اڄ به پاڪستان جي قيادت ۽ طاقتور طبقن وٽ وقت آهي ته اهي پاڪستان کي انهيءَ تباهي کان بچائڻ لاءِ “بفرزون” واري سياسي، عسڪري ۽ مالي ذهنيت مان نڪري سگهن ٿا. ملڪ کي حقيقي طور بچائڻ جو رستو پرڏيهي امدادن يا مقامي تحريڪن کي دٻائڻ ۾ نه، بلڪه آئين جي مڪمل بالادستي، طاقتور فيڊريشن، زرعي اصلاحن ۽ صوبن جي وچ ۾ برابري ۾ لڪل آهي. وقت اچي چڪو آهي ته اسان پنهنجي جاگرافيائي لوڪيشن کي عالمي جنگين جو اڏو بنائڻ بدران ان کي خطي جي عوام لاءِ بين الاقوامي تجارت ۽ خود مختيار ترقيءَ جي پُل بڻايون. پاڪستان جي تاريخ اکين اڳيان موجود آهي ته اسان جي حڪمرانن سدائين پرڏيهي امداد تي ڀاڙيو آهي، جنهن سان مقامي صنعت، زراعت، پاڻيءَ جا وسيلا خاص ڪري سنڌو درياءَ جو نظام ۽ اشرافيه تي ٽيڪس لڳائڻ وارو نظام تباهه ٿي چڪا آهن. سيڪيورٽي اسٽيٽ واري ماڊل اندر سياسي پارٽين کي ڪمزور رکيو ويو، مقتدره جي مداخلت سياست ۾ جاري رهي، پورهيتن، هارين توڙي شاگردن کي سياسي شعور کان محروم رکيو ويو. ايستائين جو اڄ اسان وٽ انهن سياسي چهرن کان علاوه جيڪي اڌ صديءَ کان ملڪ جي سياست کي چنبڙيل آهن، ٻيو ڪوبه چهرو نظر نٿو اچي جيڪو هن ملڪ جي سياست ۾ اچي رهنمائي ڪري سگهي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ شاگرد سياست تي بندش وجهي سياست ۾ ايندڙ نون ذهنن جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. مرڪزيت پسنديءَ سبب بلوچستان، سنڌ ۽ پختونخواهه جا مقامي ماڻهو پنهنجن قدرتي وسيلن کان محروم ٿيا، جنهن سان بين الصوبائي اتحاد ريزا ريزا ٿي ويو.
جڏهن ڪنهن رياست کي عالمي طاقتون “بفرزون” جي طريقي سان هلائينديون آهن ته ان جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي شهرين جي حقن بجاءِ بين الاقوامي طاقتن، آءِ ايم ايف جهڙن ادارن جي مرضيءَ سان ٺهندي ۽ ڊهندي آهي. انهن سڀني بدنصيبين جي باوجود پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ کي بفرزون بدران مرڪزي ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ تجارتي راهداري بڻائي استعمال ڪري سگهي ٿو. پاڪستان وٽ نوجوان نسل جو هڪ وڏو انگ موجود آهي. جيڪڏهن انهن کي سائنسي بنيادن تي ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم يافته ڪري شعور ڏئي هيومن ريسورس طور استعمال ڪيو وڃي ته پاڪستان کي ترقي ڪرڻ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن وٽ 1973ع جو متفقه آئين ۽ ارڙهين ترميم جهڙو مضبوط فريم ورڪ موجود آهي. جڏهن صوبن کي سندن مالياتي ۽ سياسي حق عملي طور ملندا ته ملڪ سياسي طور مضبوط ٿيندو. سنڌو نديءَ جو پاڻي جيڪڏهن 1991ع جي معاهدي تحت ورهايو وڃي ٿو، زرعي سڌارا ڪيا وڃن ٿا ۽ زراعت کي ملڪ جي ترجيح بڻائي ان کي پنهنجي معاشي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون وڃن ته اسان نه صرف پنهنجي ضرورتن لاءِ خود ڪفيل ٿي سگهون ٿا، بلڪه هن خطي ۾ اسان کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪري پنهنجو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ملڪ کي مضبوط ڪري سگهون ٿا. هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ باوقار انداز ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ هڪ سچي ۽ مضبوط فيڊرل جمهوري رياست جي ضرورت آهي ۽ ان کي هلائڻ لاءِ نيڪ نيت حڪمرانن جي به سخت ضرورت آهي، جيڪي ملڪ کي هڪ ملڪي سمجهي ترقي ڏياري سگهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو