مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايشين گيمز ٽورنامينٽ هر ڀيري اسان کان اهو سوال ٿي ڪري ته پاڪستاني نوجوانن ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ آهي يا موقعن جي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جاپان جي ايچي ۽ ناگويا ۾ جاري 20هين ايشين گيمز پاڪستاني رانديگرن لاءِ اميد، محنت ۽ چئلينجن جو هڪ نئون منظر سامهون آڻي رهيون آهن. 19 سيپٽمبر کان 4 آڪٽوبر 2026 تائين جاري رهندڙ انهن راندين ۾ ايشيا جي 45 ملڪن ۽ علائقن جا رانديگر شريڪ آهن. اهڙي وڏي بين الاقوامي مقابلي ۾ پاڪستان لاءِ هر ميڊل رڳو هڪ رانديگر جي ڪاميابي نه، پر ملڪ ۾ راندين جي نظام جي طاقت ۽ ڪمزورين جو به عڪس هوندو آهي. اسڪواش ۾ نور زمان جو پنهنجي ئي ملڪ جي محمد اشعب عرفان کي 3-0 تان شڪست ڏئي ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ يقينن خوشيءَ جو موقعو آهي. ٻنهي پاڪستاني رانديگرن جي وچ ۾ ٿيل هي مقابلو ان ڳالهه جو ثبوت پڻ آهي ته پاڪستان وٽ اڃا به اهڙو ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪو ايشيا جي اعليٰ سطح تي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي راندين جي ڪاميابي ڪجهه باصلاحيت رانديگرن جي ذاتي محنت تائين محدود رهندي يا ملڪ اهڙو مستقل نظام به جوڙيندو، جيڪو هر نسل کي عالمي ۽ ايشيائي سطح تي تيار ڪري؟
پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسڪواش، هاڪي، ڪرڪيٽ، اٿليٽڪس ۽ ٻين راندين ۾ جڏهن به ڪو غيرمعمولي رانديگر سامهون آيو، ته قوم سندس ڪاميابي کي وڏي فخر سان ڏٺو، پر اڪثر ان کانپوءِ ان ٽيلنٽ کي مسلسل سهارو ڏيڻ، نئين نسل کي تيار ڪرڻ ۽ عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ گهربل نظام ساڳئي رفتار سان اڳتي نه وڌيو. نتيجي ۾ انفرادي ڪاميابيون ته ملنديون رهيون، پر انهن کي مستقل راندين جي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو عمل ڪمزور رهيو. راندين جي هن سفر ۾ قومي هاڪي ٽيم جي سيمي فائنل تائين رسائي به هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايشين گيمز هاڪي جي پول بي جي آخري مقابلي ۾ پاڪستان عمان کي 2 جي مقابلي ۾ 7 گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي. پاڪستان طرفان رانا وحيد شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي هيٽ ٽرڪ ڪئي، جڏهن ته سفيان ٻن گولن سان ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عمان خلاف ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان پول بي ۾ چئن ڪاميابين سان مجموعي طور ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. هاڪي پاڪستان جي انهن راندين مان هڪ آهي، جنهن سان ملڪ جي شاندار راندين واري تاريخ جڙيل آهي. ان ڪري موجوده ڪارڪردگي کي رڳو هڪ ٽورنامينٽ جو نتيجو سمجهڻ بدران هاڪي جي بحاليءَ لاءِ مستقل پاليسي، نوجوان رانديگرن جي تربيت ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان جوڙڻ جي ضرورت آهي.
هاڻي نظرون جيولن ٿرو جي فائنل تي به آهن، جتي اولمپڪ چيمپيئن ارشد نديم ۽ ياسر سلطان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. 14 رانديگرن تي ٻڌل هن فائنل ۾ ايشيا جا نمايان اٿليٽس به شامل آهن. ارشد نديم پنهنجي تجربي ۽ عالمي سطح جي ڪارڪردگيءَ سبب ماڻهن جي خاص توجهه جو مرڪز آهي. سندس ڪوچ موجب ارشد لاهور کانپوءِ جاپاني حالتن ۾ به تربيت جاري رکي ۽ هو مڪمل طور فٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ رڳو رانديگر کان ميڊل جي اميد رکڻ ڪافي ناهي، پر کيس سائنسي تربيت، جديد اوزار، معياري ڪوچنگ، طبي سهولتون ۽ مسلسل تياريءَ جا موقعا پڻ فراهم ڪرڻ ضروري آهن. ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪوارٽر فائنل ميچ برسات سبب هانگ ڪانگ خلاف شروع ئي نه ٿي سگهي. ٽاس به نه ٿي سگهيو ۽ ميچ منسوخ ٿيڻ کان پوءِ بهتر عالمي رينڪنگ جي بنياد تي پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. اهو نتيجو پاڪستان لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو ضرور آهي، پر ان کي ميدان اندر حاصل ڪيل فتح سان برابر نٿو ڪري سگهجي. برسات راند جو حصو آهي ۽ اهڙيون حالتون مقابلي جا فيصلا به تبديل ڪري سگهن ٿيون. تنهن هوندي به اڳين مرحلن ۾ بهتر رينڪنگ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪارڪردگي گهربل هوندي آهي، ان جي اهميت به پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿي. ايشين گيمز هر ڀيري اسان کي اهو سوال ضرور سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته آخر پاڪستاني نوجوانن ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ آهي يا موقعن جي؟ حقيقت اها آهي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان وٺي ضلعي سطح تائين راندين جا ميدان، تربيت جا مرڪز، معياري ڪوچنگ ۽ باقاعده مقابلا وڌائڻ جي ضرورت آهي. راندين کي رڳو ڪرڪيٽ يا چند مشهور شعبن تائين محدود رکڻ بدران ٻين راندين لاءِ به برابر موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. اهڙن رانديگرن کي ڳولڻ ۽ اڳتي آڻڻ ضروري آهي، جيڪي ڪنهن ننڍڙي شهر، ڳوٺ يا تعليمي اداري ۾ پنهنجي صلاحيت جو اظهار ڪري رهيا آهن. پاڪستان لاءِ ايشين گيمز جو اصل سبق شايد ميڊلن جي انگ کان به وڌيڪ وڏو آهي. نور زمان جي اسڪواش ۾ ڪاميابي، قومي هاڪي ٽيم جي سيمي فائنل تائين رسائي، ارشد نديم ۽ ياسر سلطان جي فائنل ۾ موجودگي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ اميد جا مختلف نشان آهن، پر انهن نشانين کي مستقل ترقي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ راندين جي پاليسي ۾ تسلسل، ادارن ۾ ذميواري، شفاف چونڊ، جديد تربيت ۽ نوجوانن لاءِ وسيع موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. ميڊل کٽڻ تي جشن ضرور ٿيڻ گهرجي، پر جشن کان پوءِ ڪم به جاري رهڻ گهرجي. قومون رڳو چيمپيئن پيدا ڪري فخر محسوس نه ڪنديون آهن. اهي اهڙا مضبوط نظام قائم ڪري اڳتي وڌنديون آهن، جيڪي هر ايندڙ نسل کي چيمپيئن بڻجڻ جو موقعو ڏين. ايشين گيمز مان پاڪستان کي اهو سبق کڻي واپس اچڻ گهرجي ته راندين ۾ ڪاميابي اتفاق نه، پر مسلسل سرمائيڪاري، تربيت، سهڪار ۽ منظم سوچ جو نتيجو هوندي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو