مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان جو ڊي اين اي تبديل ڪرڻ جون سازشون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

27 آڪٽوبر 2026ع تي لاهور ۾ بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽيءَ ۾ نوان صوبا يا انتظامي ڍانچا ٺاهڻ تي هڪ بحث ٿيو. بيڪن هائوس يونيورسٽي جي سينٽر فار پاليسي ريسرچ شعبي پاران مختلف حلقن مان ماڻهن کي گهرائي بحث ڪرايو ويو ۽ اتي ڳالهائيندڙن ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو اڳواڻ شفقت محمود، (ن) ليگ جو ملڪ احمد خان، ڪيتريون ئي پارٽيون بدلائيندڙ فواد چوڌري پڻ ان موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ موجود هئا. ڪنهن به ملڪ ۾ يونيورسٽيون، پاليسي ريسرچ سينٽر ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي نالي ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار ۽ علمي سڏرائينديون آهن، پر انهن جي ڪم ڪرڻ جي طريقي فنڊنگ ۽ بيانيي کي ڏسندي انهن جي پردي پويان انهن جو اصل چهرو سڃاڻڻ مشڪل ناهي. هن وقت BHNU جي تحقيق، ادارن بابت جوڙجڪ ۽ بيانيي کي ڏسجي ته اهو مڪمل طور تي نه صرف سياسي، پر طاقتور حلقن جي رنگ ۾ رڱيل ۽ هڪ ئي پيج تي نظر اچي ٿو. جڏهن ڪو تعليمي ادارو، يونيورسٽي يا ريسرچ سينٽر ڪنهن ملڪ جي سڃاڻپ کي مٽائڻ لاءِ ۽ خاص طور تي ان ۾ موجود قومن جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ تحقيقون ڪري نتيجا پيش ڪري ته اها تحقيق علمي مقصدن لاءِ نه، بلڪه فنڊنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ قومي يڪجهتيءَ کي ڌڪ هڻڻ لاءِ آهي. هونئن به بيڪن هائوس گروپ هڪ وڏو خانگي، سرمائيدار ۽ بيوروڪريٽڪ اشرافيه جو نمائنده گروپ آهي. ان مان سنڌي، بلوچ يا پشتون سڃاڻپ لاءِ ڪا حساسيت جي اميد نٿي رکي سگهجي. افسوس ته هن وقت BHNU هڪ ڪرائيدار اين جي او تحت تحقيقون پيش ڪري رهي آهي، جنهن کي پاڪستان جي معاشري ۽ قومن جي اهميت جي خبر نه هجي اها پنهنجي قوم جي ٻارن کي ڪهڙو شعور ڏئي سگهي ٿي. اتان سندس تعليمي معيار تي به سوال اٿي ٿو. لاهور خاص سرمائيدار اشرافيه جو شهر سمجهيو وڃي ٿو، اتي وسندڙ نه صرف ماڻهو، پر ادارا به خود کي آئين کان مٿانهون سمجهن ٿا. ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ضلعي نظام کي قانوني تحفظ ڏيڻ جي رپورٽ پيش ڪئي آهي ته جيئن اهي صوبي جي انتظاميه کان ڌار وفاق سان جڙيل هجن. جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ مان صوبائي حڪومت کي ختم ڪري ضلعن کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي ۽ اهو طريقو پاڪستاني قوم تعمير جو ڳولهيو ويو آهي.
قومون وقت ۽ تاريخ جو نتيجو هونديون آهن. انهن قومن کي ڪا ٽاسڪ فورس يا ڪا طاقتور ڌر تعمير ناهي ڪندي. جڏهن قومي سڃاڻپ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بنگلاديش وجود ۾ آيو. هينئر وري بندرگاهن، تيل، گئس ۽ پاڻي جهڙن وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ اڻ سڌيءَ طرح صدارتي نظام نافذ ڪرڻ جي لاءِ راهه هموار ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڳالهه پي ٽي جي سينيٽر مشال يوسفزئي به ڪئي آهي ته انهن کي صوبن يا انتظامي يونٽن جي ٺهڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي. ارڙهين ترميم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو قدم هو، جنهن کي برداشت نه پيو ڪيو وڃي. هر ملڪ جي عوام جون ڪيتريون ئي سڃاڻپون هونديون آهن. روس کي يو ايس ايس آر ۾ تبديل ڪرڻ سان قومون ختم نه ٿيون. جڏهن يو ايس ايس آر ٽٽو ته اهي سڀئي قومون پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ وري آزاد قومن جي حيثيت سان اڀري آيون. ون يونٽ لڳائي هڪ ڀيرو قومن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر 1970ع ۾ رياست کي مجبور ٿي ون يونٽ ختم ڪرڻو پيو. ڪابه قوم چاهي اها سنڌي، پنجابي، پشتون يا بلوچ هجي جڏهن اها پنهنجي قومي سڃاڻپ سان پاڻ کي ڳنڍي ٿي ته اها هزارن سالن جي ان نسلي ارتقائي عمل سان پاڻ کي ڳنڍي ٿي، جنهن ڌرتيءَ تي ان جو ڊي اين اي وڌيو ۽ ويجهيو ۽ اهي قدرت جا وسيلا ان قوم جا وسيلا آهن. جيئن سنڌ جو ماڻهو سنڌوءَ جي پاڻيءَ، ڪراچيءَ جي بندرگاهن ۽ ساحلن، ٿر جي ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان ڳنڍي پنهنجي خودداري ۽ پنهنجي قدرتي حق جو تحفظ ڪري ٿو. افسوس ته 1973ع جو آئين جيڪو چئني صوبن جي گڏيل رضامنديءَ سان وجود ۾ آيو. هن وقت طاقتور قوتون ان کي ڪمزور ڪرڻ جي پويان آهن. هن وقت پارلياماني نظام کي ختم ڪري صدارتي نظام جي لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته موجوده آئين جي هر شق کان انحراف ڪيو پيو وڃي. هينئر صوبن جي جاءِ تي ضلعي نظام کي آئيني پٺڀرائيءَ سان وفاق جي حوالي ڪري صوبن جا سمورا وسيلا وري وفاق جي حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بحث جو مطلب اهو آهي ته موجوده آئين کي ختم ڪيو وڃي، جيڪا هڪ خطرناڪ سوچ طرف اشارو ڪري ٿي، جيڪا ڳالهه عمران خان ڪندو رهيو آهي، ان کي عملي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ 2001 ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس آڻي ضلعي ناظم بڻائي صوبائي اسيمبلين جي اختيارن کي گهٽ ڪيو ويو. جنهن ملڪ کي ڪمزور ڪري هن حالت تائين پهچايو آهي. جيڪڏهن طاقتور قوتون چاهين ٿيون ته موجوده ٻه وڏيون سياسي پارٽيون ميدان مان ٻاهر ڪڍيون وڃن ته هڪدم شاگرد سياست کي رستو ڏنو وڃي ته جيئن باصلاحيت ۽ حقيقي نوان ليڊر اڳيان اچي سگهن ۽ انهن جو متبادل بڻجي سگهن. آئين جي روح کي تبديل ڪرڻ يا مرڪزيت قائم ڪرڻ سان قومون ته ختم نٿيون ٿي سگهن، پر ملڪ ضرور ٽٽي سگهن ٿا. پاڪستان جي ترقيءَ جو رستو 73ع جي آئين تي سئو سيڪڙو عمل ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جي عوام پنهنجي لاءِ پارلياماني طرز حڪومت جي چونڊ ڪئي ۽ 73ع جو آئين ان جي ضمانت ڏئي ٿو. ڪوبه شخص پنهنجي مرضي سان 73 جي آئين جو بنيادي ڍانچو تبديل نٿو ڪري سگهي. جيڪي پارٽيون ان تبديليءَ جي لاءِ آئين ۾ تبديلي ڪنديون اهي تاريخ ۾ هميشه شرمنده رهنديون. جيئن انسان پنهنجي ڊي اين اي سان سڃاتو وڃي ٿو، تيئن پاڪستان جو ڊي اين اي به چئن قومن ۽ صوبن تي ٻڌل آهي، ان ۾ تبديلي پاڪستان جي سڃاڻپ ڦري وٺندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو