مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

65 سيڪڙو قدرتي گئس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ جي ماڻهن جون چلهيون ۽ رڌڻا ٿڌا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

27 نومبر 2026ع تي سنڌ اسيمبلي جي رڪن سعديه جاويد پاران سنڌ ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف رٿ پيش ڪئي وئي جنهن تي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو. خوشي ٿي ته هڪ عورت کي سنڌ جي عورتن جي رڌڻن جي اندر جيڪي تڪليفون آهن انهن جو احساس ٿيو ۽ هن گئس جي لوڊشيڊنگ جي خلاف رٿ پيش ڪري ان تي هڪ بحث شروع ڪرايو. جنهن کانپوءِ وفاق کان اهو مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جي گئس فراهم ڪئي وڃي. هن وقت سنڌ سان اها ناانصافي ٿي رهي آهي جيڪا بلوچستان جي شهر سُئي سان ڪئي وئي، 1952ع ۾ سُئي مان قدرتي گئس جا ذخيرا هٿ آيا جيڪي شهرن کي فراهم ڪيا ويا، پر سُئي کي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ فراهمي ڪئي وئي. هن وقت ڏٺو وڃي ته ملڪ مان ملندڙ ڪل قدرتي گئس جو لڳ ڀڳ 60 کان 70 سيڪڙو صوبي سنڌ مان پيدا ٿي رهيو آهي. وفاق جي صورت ۾ ڪنهن به صوبي جا قدرتي وسيلا گڏجي استعمال ڪرڻ جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر جڏهن هڪ صوبي کي پنهنجي قدرتي وسيلن مان هر جاءِ تي گهٽ حصو ڏنو وڃي ته پوءِ ان کي زيادتيءَ جي ذمري ۾ ڄاڻائي سگهجي ٿو ۽ زيادتي ڪرڻ وارو پنهنجي وڏي آباديءَ سبب وسيلا پيدا ڪندڙ صوبي کان ان جو آئيني حصو به ڦري وڃي ته رڙ ڪرڻ قدرتي ڳالهه آهي.
قدرتي گئس جيڪا عام طور تي گهريلو صارف کي سستي پوي ٿي. ان جي لوڊشيڊنگ جي ڪري عوام کي گڏوگڏ ايل پي جي ٻارڻي پوي ٿي. گئس جي گهٽ پريشر سبب کاڌي پيتي تيار ڪرڻ جي عمل ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ سياري جي شروعات ٿيڻ سان ئي لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هر سليب مان اڌ ڪلاڪ يا منو ڪلاڪ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سان گهريلو صارف تڪليف جو شڪار آهن. سنڌ سان نه صرف گئس، پر پاڻي، بجلي ۽ سنڌ جي ترقياتي فنڊن جي باري ۾ وفاق جو ٻي اکيائي وارو معاملو اڄ جو ناهي. وفاق هر معاملي ۾ سنڌ جا وسيلا ڦٻائي پنجاب جي حوالي ڪيا آهن، جنهن ۾ وفاق اندر نوڪرين جو حصو پڻ شامل آهي. ائين ٿو لڳي ته وفاق لاءِ ملڪ جو مطلب پنجاب آهي. جڏهن ته سنڌ جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ان کي پنهنجي آئيني حصي کان به محروم رکيو ٿو وڃي. جنهن ۾ ڪمزوري سنڌ حڪومت جي پڻ آهي. گئس جي لوڊشيڊنگ سبب ڪيترائي ٻار ناشتي بنا اسڪول وڃن ٿا ۽ ڪم ڪندڙ مائرون جڏهن گهر اچن ٿيون ته گهر ۾ چلهه ٿڌي هوندي آهي ۽ پوءِ ٻاهران کان ڪجهه غير صحتمند کاڌو وٺي کائڻو ٿو پوي جيڪو نه صرف صحت لاءِ، پر گهر جي بجيٽ جي لاءِ به هاڃيڪار آهي. جڏهن ته سنڌ جي قدرتي گئس تي ڪيترائي پاور پلانٽس آءِ پي پيز جي طرز تي بجلي پيدا ڪن ٿا. جنهن ۾ گهوٽڪي، دادو، حيدرآباد، ڪراچي ۾ اهي پاور پلانٽس هلي رهيا آهن جيڪي قادرپور گئس فيلڊس مان گئس وٺن ٿا. جڏهن ته ڪجهه سسٽم گئس يا آر ايل اين جي استعمال ڪن ٿا. جن مان ڪيترن جو ماڊل انڊيپينڊنٽ پروڊيوسر وارو پڻ آهي، جتي نجي يا گڏيل سيڙپڪاري ذريعي بجلي پيدا ڪري وڪرو ڪئي ويندي آهي. جنهن جو فائدو عوام کي ملڻ بجاءِ سرمائيڪار حاصل ڪري ٿو.
جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گهريلو صارف ۽ مقامي عوام کي سڌو سنئون ۽ واضح ترجيح فراهم ڪري ٿو. هن وقت جڏهن ايل پي جي گئس لڳ ڀڳ 300 رپيا في ڪلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهي آهي ۽ غربت جو سٽيل عوام پنهنجي محدود بجيٽ ۾ ايل پي جي خريد ڪري پنهنجن ٻارن لاءِ چلهه گرم ڪري ٿو ته ساڳئي وقت اسان جو قدرتي وسيلن جو وڏو ذخيرو سرمائيدار جي لاءِ بجلي پيدا ڪري ان جي سرمائي ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهي. سنڌ حڪومت کي ان پاسي ٺوس قدم کڻي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق کان اها گهر ڪرڻ کپي ته گهريلو صارف لاءِ لوڊشڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ انڊيپينڊنٽ آءِ پي پيز جو خاتمو ڪري قدرتي گئس کي عوام جي استعمال لاءِ فراهم ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو