مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو وڌندڙ ڦهلاءُ: صحت جو سنگين بحران

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جو وڌندڙ ڦهلاءُ هاڻي رڳو هڪ طبي مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو عوامي صحت، انتظامي ذميواري ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي چڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته هن وبا جو سڀ کان وڏو شڪار اهي معصوم ٻار بڻجي رهيا آهن، جن جو نه ته ڪنهن خطري وارن سببن سان واسطو آهي ۽ نه ئي سندن ڪنهن اهڙي عمل سان لاڳاپو، جنهن کي ايڇ آءِ وي جي روايتي سببن ۾ شمار ڪيو وڃي. جڏهن هڪ کانپوءِ هڪ اسپتالن مان ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچن، ته ان جو مطلب اهو آهي ته مسئلو انفرادي نه، پر پوري صحت جي نظام جي ڪمزوريءَ جو عڪس آهي. تازن انگن اکرن موجب، رڳو 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن دوران سنڌ ۾ 729 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي آهي، جن مان 447 ڇوڪرا ۽ 282 ڇوڪريون آهن. وڌيڪ ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ رپورٽ ٿيندڙ ٻارن جي ايڇ آءِ وي ڪيسن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ جو تعلق سنڌ سان آهي. جون مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ 171 ٻار متاثر ٿيا، جڏهن ته جنوري ۾ 125، فيبروري ۾ 117، مارچ ۾ 87، اپريل ۾ 121 ۽ مئي ۾ 108 ٻارن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي. اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته مسئلو ڪنهن هڪ ضلعي يا هڪ اسپتال تائين محدود ناهي، پر سڄي صوبي ۾ پکڙجندڙ هڪ سنگين بحران جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا چار وڏا آئوٽ بريڪ سامهون اچي چڪا آهن، پر افسوس جو هر واقعي کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ ڪارروايون ۽ بيان ته سامهون آيا، پر مستقل ۽ بنيادي سڌارا نه ٿي سگهيا. 2016ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊائليسز مريضن ۾ ايڇ آءِ وي جي منتقلي وارو واقعو سامهون آيو، جنهن کانپوءِ رت جي منتقلي واري نظام بابت ڪيترائي سوال اٿيا. ان کانپوءِ 2019ع ۾ رتوديرو جو المناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيا، جن مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار هئا. عالمي ادارن به ان واقعي کي غير معمولي قرار ڏنو ۽ تحقيقن ۾ استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال ۽ غير محفوظ طبي طريقن کي بنيادي سبب ڄاڻايو ويو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن واقعن مان ڪو به اثرائتو سبق نه سکيو ويو. 2025ع ۾ ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچڻ شروع ٿيا، جتي لڳ ڀڳ هڪ سئو ٻار متاثر ٿيا، جڏهن ته رپورٽن موجب 9 ٻار حياتي وڃائي ويٺا. ان کانپوءِ 2026ع ۾ خيرپور جي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۽ هاڻي لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال مان به معصوم ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. لانڍي اسپتال ۾ رڳو چئن مهينن جي کير پياڪ ٻار کان وٺي اٺن سالن جي عمر تائين جا 15 ٻار وائرس ۾ مبتلا مليا، جيڪو انتهائي تشويشناڪ آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن سڀني واقعن ۾ هڪجهڙائي موجود آهي. استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال، انفيڪشن ڪنٽرول جي ناقص صورتحال، رت جي اسڪريننگ ۾ خاميون، غير رجسٽرڊ يا غير معياري نجي ڪلينڪن جون بي ضابطگيون ۽ اسپتالن ۾ نگرانيءَ جو ڪمزور نظام اهي عنصر آهن، جيڪي بار بار ٻارن کي هن خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار بڻائي رهيا آهن. جيڪڏهن هر وڏي سانحي کانپوءِ سخت ۽ اثرائتا سڌارا آندا وڃن ها، ته شايد اڄ سنڌ کي اهڙي صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوي ها. ٻئي طرف، صحت جي ادارن جو رويو به ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. ڪيترن ئي واقعن ۾ اسپتالن تي الزام لڳو آهي ته انهن ڪيسن کي وقت سر ظاهر نه ڪيو يا اعليٰ اختيارين کي آگاهه نه ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن به صحت واري اداري ۾ اهڙي قسم جي خاموشي اختيار ڪئي وڃي، ته اها رڳو انتظامي غفلت نه، پر عوامي صحت سان سنگين ناانصافي پڻ آهي. اهڙي روش سبب نه رڳو وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، پر اصل صورتحال به لڪل رهجي وڃي ٿي. هلندڙ سال ميڊيڪل مائڪرو بايولوجي اينڊ انفيڪشس ڊزيزز سوسائٽي آف پاڪستان جي وائٽ پيپر ۾ خبردار ڪيو ويو ته 2010ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ماڻهن جو انگ 4.3 ڀيرا وڌي چڪو آهي، جڏهن ته رڳو 21 سيڪڙو متاثر ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي ۽ صرف 16 سيڪڙو مريض علاج تائين پهچي رهيا آهن. جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي، ته مستقبل ۾ هي بيماري وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارا روايتي بيانن ۽ عارضي قدمن کان اڳتي وڌي عملي سڌارن ڏانهن قدم کڻن. صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن، خاص طور تي ٻارن جي علاج وارن مرڪزن جو آزاد، شفاف ۽ جامع طبي (ميڊيڪل) ۽ فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي. هر سطح تي انفيڪشن ڪنٽرول جا عالمي معيار لاڳو ڪيا وڃن، هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ سرنجن جي لازمي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، رت جي منتقلي جي هر مرڪز جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ غير رجسٽرڊ ڪلينڪن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ساڳئي وقت، حامله عورتن ۽ نون ڄاول ٻارن جي ايڇ آءِ وي اسڪريننگ کي وڌيڪ وسيع بڻايو وڃي، جيئن ماءُ کان ٻار ڏانهن وائرس جي منتقلي کي به روڪي سگهجي. سنڌ کي هن وقت ڪنهن عارضي مهم يا نمائشي قدمن جي ضرورت ناهي، پر هڪ مضبوط، جوابده ۽ سائنسي بنيادن تي قائم صحت واري نظام جي ضرورت آهي. هر اهو ٻار، جيڪو طبي لاپرواهي سبب ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿئي ٿو، اهو رڳو هڪ خاندان جو الميو نه، پر پوري سماج ۽ رياست جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. هي وبا خاموش ضرور آهي، پر ان جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن. جيڪڏهن هاڻي به بنيادي سڌارا نه آندا ويا، ته ايندڙ سالن ۾ هن وبا جا نتيجا وڌيڪ خطرناڪ ۽ ناقابلِ تلافي ٿي سگهن ٿا. عوام جي جان، خاص طور تي معصوم ٻارن جي حفاظت، هر حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، ۽ هن ذميواريءَ ۾ وڌيڪ دير يا غفلت جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو