مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ: فائدا، نقصان ۽ مڪمل اربنائيزيشن جي ضرورت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ پاڪستان جو بنيادي اڏيندڙ صوبو آهي، پر افسوس جو سندس جاگرافي، وسيلا ۽ تاريخي بيهڪ مختلف وقتن تي خطرن ۽ ناانصافين جي ور چاڙهيا ويا آهن. هن وقت صرف سنڌ ۾ هڪ اهڙو ٻٽو انتظامي نظام (شهري ۽ ٻهراڙي) رائج آهي، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پٺتي پيل علائقن جي داد رسيءَ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو. 1973ع جي آئين تحت سرڪاري نوڪرين ۽ تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 40 سيڪڙو شهري ڪوٽا مقرر ڪئي وئي، جنهن شروعاتي طور تي ته ڳوٺاڻي عوام کي نوڪرين ۽ تعليم ۾ هڪ حد تائين فائدو ڏنو، پر وقت گذرڻ سان گڏ ان نظام ۾ ڳوٺاڻن جي حق تلفي، جعلي ڊوميسائلن جو ڪاروبار ۽ لساني بنيادن تي عوامي ورهاست سياسي بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻجي وئي.
ان سان گڏوگڏ، گذريل پنجن ڏهاڪن کان اردو ميڊيا ۽ حڪمران طبقن ان ٻٽي نظام کي بليڪ ميلنگ، سياسي هٿيار ۽ لساني ورهاست لاءِ استعمال ڪيو آهي. اردو ميڊيا هميشه ان ٻٽي نظام جو شڪار رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري آباديءَ کي بڻائي پيش ڪيو، جنهن ذريعي هٿراڌو طور “ميرٽ جو قتل”، “ٽيڪسن جي اڻبرابري” ۽ “ٻهراڙيءَ جي مٿڀرائي” جهڙا بيانيا جوڙي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي عوام کي آمهون سامهون ڪيو ويو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ان ٻٽي نظام سان جتي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نياڻين ۽ نوجوانن جي حق تلفي ٿي، اتي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي سچي ۽ حقدار نوجوانن جي حقن تي پڻ ڌاڙو هنيو ويو.
هاڻي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا اسان ان پراڻي ۽ ناڪارا سسٽم ۽ ان مان جنم وٺندڙ زهريلي بيانيي تائين ئي محدود رهون يا ان جي نقصانن جو پئمانو ماپي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين؟ وقت اچي ويو آهي ته ان نظام کي ختم ڪري، هڪ جامع حڪمت عمليءَ تحت سڄي سنڌ کي شهري سنڌ جو اسٽيٽس ڏئي جديد سهولتن سان آراسته ڪيو وڃي.
هاڻي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ به اهو شعور اڀري چڪو آهي جو اتان جا نوجوان ميرٽ تي پنهنجو مستقبل بهتر ٺاهي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جا سمورا ڳوٺ، ضلعا ۽ تعلقا جديد شهري سهولتن ۽ ميرٽ سان سينگاريا ويا، ته نه صرف غربت ۽ ذهني پسماندگي ختم ٿيندي بلڪه شهرن ۽ ڳوٺن جو فرق مٽجڻ سان سنڌي-مهاجر وارو هٿراڌو لساني تعصب پنهنجو موت پاڻ مري ويندو. اردو ميڊيا ۽ لساني پارٽيون وري ڪوٽا سسٽم ۽ لساني خوف ڏيکاري عوامي استحصالي سياست يا “ڪراچي صوبي” جهڙا ناپاڪ مطالبا نه ڪري سگهنديون.
ان رٿا سان ڳوٺن مان اجائي لڏپلاڻ رڪجي ويندي، گهوسٽ اسڪولن جو خاتمو ٿيندو ۽ نياڻين سميت سڀئي ٻار پنهنجن گهرن ويجهو جديد تعليم حاصل ڪري سگهندا. ان کانسواءِ، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ جعلي ڊوميسائل مافيا جو به خاتمو ٿيندو، جنهن ڪوٽا سسٽم جي اوٽ ۾ سنڌ جي اصل رهاڪن جو حق ڇني ٻين صوبن جي ماڻهن جي جھوليءَ ۾ وڌو آهي.
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جي نالي تي لينڊ مافيا هائوسنگ اسڪيمون ٺاهي سنڌ جي زمينن کي ڳڙڪائي رهي آهي. ان جو سلسلو به هن ٻٽي نظام سان ملي ٿو. اسان جو زرعي سماج سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجيون قيمتي زرعي زمينون سستن اگهن ۾ وڪڻي، شهر ۾ ننڍو پلاٽ مهانگن اگهن تي وٺڻ تي مجبور آهي. جڏهن سڄي سنڌ کي شهري معيار ملندو، ته زراعت ۾ به ٽيڪنالاجي ۽ جدت ايندي، جنهن سان زراعت ۽ ان سان ڳنڍيل مقامي صنعتون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ترقي ڪنديون.
ٻئي طرف، سنڌ حڪومت تازو اويڪيو ٽرسٽ (متروڪه املاڪ) جي نگراني جا اختيار ڊپٽي ڪمشنرن جي حوالي ڪري کين ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو آهي، جيڪا پڻ عوام سان ويساهه گهاتي آهي. هي سڀ تاريخي ملڪيتون، مندر ۽ قديمي ٽرسٽ سنڌ جو تاريخي ورثو ۽ گڏيل رڪارڊ آهن، جيڪي ڊي سين جي بيوروڪريٽڪ نظام هيٺ عوام جي نظرن کان اوجهل ٿي ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هزارين ايڪڙ زمينون ۽ قيمتي عمارتون ڪوڙن ڪليمن ذريعي شهري معاشيات تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڦٻايون ويون. اويڪيو پراپرٽي جو معاملو رڳو سرڪاري زمينن جي سنڀال جو ناهي، پر هي 18هين ترميم، مقامي حڪمراني ۽ شهري-ٻهراڙي تضاد جو سلسلو پڻ آهي. ٻين صوبن ۾ اهڙو انتشار ان ڪري ناهي، جو اتي اهڙي هٿراڌو انتظامي ورهاست ناهي.
آئين سازن جو خيال هو ته جيسين علائقن ۾ مساوي موقعا نٿا ملن، تيسين کليل ميرٽ نٿو هلي سگهي، پر ان پاليسيءَ سنڌ کي ترقي ڏيڻ بدران مستقل پٺتي رکيو آهي. هاڻي سنڌ کي گهٽ اثر واريون ننڍيون اٿارٽيون ڏيڻ بدران ڪراچي کان ڪشمور تائين قانوني ۽ انتظامي روڊ ميپ ٺاهي هڪ خودمختيار ترقياتي اٿارٽي هيٺ شهري سنڌ بڻايو وڃي.
وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو باشعور ۽ علمي طبقو ان تي ڀرپور بحث ڪري، ته جيئن 60/40 واري پراڻي نظام ۽ ان مان نڪتل تعصب پسند بيانيي مان نڪري، سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ کي برابر تعليم، صحت، زراعت ۽ ميرٽ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ۽ سنڌ جي وسيلن کي محفوظ ڪري سگهجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو