مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلڊر مافيا سان گڏ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پڻ هڪ مافيا وانگر ڪم ڪري رهي آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نڪ هيٺان ڪراچي شهر ۾ 11 گهڻ ماڙ عمارتون تعمير ٿي وڃن ٿيون، پر اٿارٽي بي خبر رهي ٿي، پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ تي سندس اک کلي ٿي. جڏهن ملڪيتن جا مالڪ پنهنجا مالڪاڻه حق وٺڻ لاءِ اچن ٿا. رياستي ۽ حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي خدمت فراهم ڪرڻ ۽ دوکن کان بچائڻ آهي، پر جڏهن ادارن ۾ ئي چور ويٺل هجن عوام ڪيڏانهن وڃي؟ ڪراچيءَ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اين او سي جاري ڪرڻ کان سواءِ 11 ملٽي اسٽوري عمارتن جي تعمير ٿيڻ جو انڪشاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ناڪامي آهي. جنهن ۾ عارف حبيب بلڊر، ايس اي انٽر پرائيز بلڊنگ، اي اي بلڊرز اينڊ ڊولپرز، منهاج تاج بلڊرز کانسواءِ سفيان بلڊر جون تعمير ڪيل ملٽي اسٽوري عمارتون شامل آهن. هي اها مافيا آهي جيڪا اداري اندر ويٺل ماڻهن جي ملي ڀڳت سان عوام کي دوکو ڏئي سندن ڌن ميڙي رهي آهي. ڇو ته اهڙن بلڊرن کي ڪڏهن به احتساب مان گذرندي نه ڏٺو ويو آهي. عوام جي پئسي تي اهي بلڊر اربين رپيا گڏ ڪري عمارتون تعمير ڪن ٿا، جن جي مالڪيءَ کان عوام محروم ٿي وڃي ٿو. ايس بي سي اي کي هڪ غريب جي ڇت تي تعمير ٿيندڙ ڪمري جي خبر پئجي ٿي وڃي، پر 20 ماڙ عمارتون مختلف جاين تي تعمير ٿين ٿيون، ان کان بي خبر رهي ٿي. جڏهن ته انهن جا اشتهار اخبارن، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلندا رهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ هر روز بغير اين او سي جي تعمير ٿيندڙ عمارتن جا حادثا عام آهن. نه صرف ايترو، بلڪه اڪثر اهڙا بلڊر عوام جو سرمايو گڏ ڪري فراڊ ڪري غائب ٿي وڃن ٿا. اها حڪومت جي ذميداري آهي ته عوام کي اهڙن فراڊين کان محفوظ رکيو وڃي. عوام کي به اهڙن روز ٿيندڙ حادثن کانپوءِ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪو دڪان، فليٽ يا آفيس بڪ ڪرائڻ کان اڳ اهو ضرور چيڪ ڪيو وڃي ته بلڊر کي زمين جي ملڪيت جا حق حاصل آهن يا نه. ڇا ان پراجيڪٽ لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اين او سي ورتو ويو آهي؟ جيڪڏهن اين او سي ڏيکاريو ويو آهي ته ان جي تصديق ايس بي سي اي مان ضرور ڪئي وڃي. هن وقت آڊيٽر جنرل 11 عمارتن لاءِ جاري ڪيل نقشن جي تعميراتي منظوري جا اجازت نامه رد ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. جنهن سبب فليٽ، آفيسون ۽ ڪمرشل دڪان جيڪي بلڊرن مالڪن جي حوالي ڪرڻ شروع ڪيا هئا، اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن قانوني پيچيدگيءَ جو شڪار ٿيندا. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اداري جي موجودگيءَ ۾ بلڊر مافيا قانون جي لتاڙ ڪندي فليٽن، ڪمرشل دڪانن جو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهي بلڊر ان غير قانوني ڪم ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿا سارين. جڏهن ته اداري وٽ موبائيل ٽيمون موجود آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ بلڊر مافيا جو هڪ وڏو ڳٺ جوڙ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي اڳتي هلي ڪيس وڙهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري وٺندا، پر اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن به ڪا عمارت بنا اين او سي جي تعمير ٿئي ٿي ته ان ۾ گهربل سهولتون خاص طور تي جيڪي حفاظتي انتظام ٿيڻ گهرجن اهي عوام کي نٿا ملي سگهن. جنهن ۾ سڀني کان وڏو حادثو باهين جي صورت ۾ ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن حادثا ٿين ٿا ته انهن ۾ نه ته فائر فائٽنگ نظام لڳل هوندا آهن ۽ نه ئي ايمرجنسي ۾ نڪرڻ لاءِ رستا موجود هوندا آهن، نه فليٽن ۽ دڪانن ۾ دونهين کان بچڻ وارا وينٽيليشن جا نظام هوندا آهن ۽ پوءِ اهڙن حادثن جي صورت ۾ آخري نقصان انهن سيڙپڪارن جو ٿيندو آهي جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي جمع پونجي اهڙين اسڪيمن ۾ لڳائي اتي اچي پنهنجي ٻارن کي وٺي پنهنجي خاندانن سان رهندو آهي ۽ پنهنجي سرمائي سان گڏ آخر ۾ پنهنجون زندگيون به ضايع ڪندو آهي. ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ دڪان، فليٽ يا آفيس بڪ ڪرائڻ کان اڳ عام طور تي هڪ باشعور شهري کي ڪجهه شين جو خيال رکڻ گهرجي ته زمين جي مالڪاڻن حقن سان گڏ نقشو پاس ٿيل آهي يا نه، بلڊر جو رڪارڊ ڪهڙو آهي، ڇا ان ماضيءَ ۾ پنهنجي وقت تي پنهنجا پروجيڪٽ پورا ڪيا آهن؟ ڇا پروجيڪٽ ۾ بجلي، گئس، پاڻي جهڙين بنيادي سهولتون سان گڏ حفاظتي انتظام پورا آهن؟ جيڪڏهن اهي سڀ شيون ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ ناهن ته ان ۾ پنهنجو ناڻو نه سيڙائجي. حڪومت جو اهو بنيادي فرض آهي ته عوام کي اهڙن مجرمن کان محفوظ رکي، پنهنجي اداري ۾ ويٺل انهن ڪارين رڍن جو احتساب ڪري، جيڪي مافيا سان ڳٺ جوڙ ۾ آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو