زلزلن سان وينزويلا ۾ تباهي ۽ ماحولياتي تبديلين جا دنيا تي اثر
24 جون 2026 تي وينزويلا جي گاديءَ جي شهر ڪاراڪاس سوڌو ٻن ساحلي شهرن ۾ 7.2 کان 7.5 ريڪٽر اسڪيل تي زلزلن تباهي مچائي ڇڏي. هيستائين 920 ماڻهن جي مرڻ، 3360 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ 50 هزار کان وڌيڪ جي لاپتا ٿيڻ جا خدشا آهن. مقامي ۽ بين الاقوامي ٽيمون سرچ اينڊ ريسڪيو ۾ مصروف آهن. گڏيل قومن جي ريڊڪراس پاناما جي لاجسٽڪ حب تان ٽنن جو امدادي سامان اتي پهچايو آهي. پاڪستان به طبي امداد ۽ ٻيون ضرورت جون شيون وينزويلا جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ روانيون ڪيون آهن. جيولاجيڪل سروي ادارن پاران زلزلي جي شدت جا سائنسي سبب ۽ تفصيل ڏنا ويا آهن. انهن مطابق وينزويلا جاگرافيائي طور حساس ترين زلزلي واري پٽي تي واقع آهي، جيڪو ڪيريبين پليٽ ۽ سائوٿ آمريڪين پليٽ جي سرحدن ملڻ واري هنڌ تي موجود آهي. هن ڀيري واري زلزلي ۾ صديون پراڻو پليٽن جو رڳڙ کائڻ سبب دٻاءُ هڪ ئي وقت آزاد ٿيو، جيڪو 7.5 ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو سبب بڻيو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زلزلي جي اونهائي به گهٽ هئي ۽ هڪ ئي وقت ٿوري وقفي سان ٻه وڏا زلزلا جنهن مان هڪ جو آر ايس 7.2 ۽ ٻئي جو 7.5 هو، جنهن کي ٻٽو زلزلو چيو پيو وڃي، جنهن سبب وڌيڪ نقصان ٿيو. انسان خطرن سان منهن ڏيندي جيئڻ جو ڍنگ سکيو آهي.
جيو لاجسٽن کي دنيا ۾ موجود زلزلن وارين فالٽ لائينن جي باري ۾ سيسمالاجي ۽ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان خبر پئجي چڪي آهي ته فالٽ لائينون ڪٿي ڪٿي آهن ۽ انهن جا مڪمل نقشا تيار ڪيا ويا آهن. ڳالهه اها آهي ته زلزلو انساني جانين جو ايترو نقصان نٿو ڪري، جيڪو اسان جو فنِ تعمير ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل. قدرت جو پنهنجو هڪ نظام موجود آهي انسان ان سان هڪ جهڙائي پيدا ڪري ڪاميابيءَ سان زندگي گذاري سگهي ٿو، پر جيئن ته انسان نه آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي اهو طئي ڪيو آهي ته ان کي فالٽ لائينن کان پري آباديون تعمير ڪرڻيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪرڻيون آهن ته انهن جو مٽيريل ڪهڙو هجڻ گهرجي، انهن جي اوچائي ننڍي هجڻ گهرجي. جتي فالٽ لائينون موجود هجن، بهتر آهي ته اتي انساني آبادي جي جاءِ تي ٻيلا ۽ گرين بيلٽ ٺاهيا وڃن، جيڪي زمين کي مضبوط ڪندا ۽ زلزلي وقت نقصان گهٽ ٿيندو. ڇو ته وڻن جون پاڙون زمين اندر هڪ ڄار وانگر پکڙجي وڃن ٿيون. انسان پنهنجو قدرتي دفاع پاڻ پنهنجن هٿن سان تباهه ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن جا عملي ثبوت اسان کي ٻوڏن ۽ اهڙن زلزلن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. انسانن دريائن کي ڊيمن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان هڪ ئي وقت زمين جي زرخيزي تباهه ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ڊيم ۾ جمع ٿيل پاڻيءَ جو دٻاءُ ڪنهن به وقت فالٽ لائين کي ٽرگر ڪري زلزلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ريئل اسٽيٽ سرمائيدار سڄي دنيا ۾ مختلف جاين تي رهائشي اسڪيمون ٺاهي پئسا ڪمائڻ ۾ مصروف آهي، جنهن کي زمين هيٺ فالٽ لائينن جي يا انساني بچاءُ جي ڪابه پرواهه ناهي. اهڙين جاين تي رهائشي اسڪيمون ٺاهيون وڃن ٿيون، جتي گرين بيلٽ هجڻ کپن ۽ انهن عمارتن جي اوچائي گهٽ ۽ مٽيريل گهٽ وزن وارو هجڻ گهرجي، جيڪو انساني زندگيءَ کي محفوظ بڻائي سگهي.
پاڪستان ۾ به انڊين، يوريشين ۽ عريبين پليٽن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سان زلزلن جو خطرو موجود رهي ٿو، ڇو ته هتي ننڍيون وڏيون فالٽ لائينون موجود آهن. ان ڪري رياست کي پنهنجين ترقياتي اسڪيمن ۾ انتهائي سوچ ۽ ويچار کان سائنسي ۽ انجنيئرنگ جي بنيادن تي جائزا وٺي پروجيڪٽ ٺاهڻ گهرجن. خاص طور تي وڏا وڏا ڊيم خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. ماهرن مطابق وڏن ڊيمن بجاءِ ننڍن ڊيمن طرف وڃڻ گهرجي. جنهن سان زمين تي دٻاءُ گهٽ پوي ٿو. هن وقت تربيلا، منگلا، ديا مير ڀاشا ۽ مهمند جهڙا ڊيم فالٽ لائينن جي خطرن هيٺ آهن. ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد انهن کي سائنسي بنيادن تي محفوظ ڪيو وڃي. ان کان علاوه پاڻي جي مئنيجمينٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ واهن کي پڪو ڪرڻ ۽ زراعت جا جديد طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. ماحولياتي انجنيئرنگ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ زلزلي وارين پٽين تي ڊيمن جي تعمير کي روڪيو وڃي، اهڙين پٽين تي وڏي پيماني تي مقامي وڻ لڳائڻ گهرجن ته جيئن اهي پنهنجون پاڙون زمين اندر پکيڙي سگهن. ندين جي قدرتي وهڪرن جو احترام ڪيو وڃي. پاڪستان جو ديا مير ڀاشا ڊيم جيڪو چلاس ۽ ڪوهستان جي ويجهو آهي، اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ زلزلي جي خطري واري زون-4 ۾ اچي ٿو. جنهن جي تعمير ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي. ماحولياتي ماهرن مطابق ته واپڊا ۽ ٻيون بين الاقوامي ڪمپنيون ان جي محفوظ هجڻ جو يقين ڏياري رهيون آهن، پر جيڪڏهن ان ۾ ڏهه ارب ڪيوبڪ ميٽر پاڻي گڏ ٿيندو ته ان وزن سان مقامي فالٽ لائينن تي دٻاءُ وڌندو. هي ڊيم جيترو پاڪستان جي معيشت لاءِ اهميت رکي ٿو ان جي تعمير ۾ زلزلي جي قانونن تي سئو سيڪڙو عمل ڪرڻ به ملڪي سلامتيءَ لاءِ ايترو ئي ضروري آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟