مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پمز اسپتال اسلام آباد ۾ 14 نون ڄاول ٻارن جي سڙي وڃڻ جو الزام ڪنهن کي ڏجي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

26 آگسٽ 2026ع تي پمز اسپتال اسلام آباد جي نون ڄاول ٻارن جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جو افسوسناڪ حادثو پيش آيو. والدين رات جو نرسري ۾ پنهنجن ٻارن کي زنده ڏٺو ۽ صبح جو کين سڙيل لاش ڏنا ويا. وزيراعظم جي ميٽنگ ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته باهه شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب لڳي ۽ 14 جانيون ضايع ٿي ويون. اهو ڪو پهريون واقعو ناهي. 2023ع ۾ به پمز اسپتال جي نرسري وارڊ ۾ باهه لڳي هئي ۽ ڪيترائي ٻار سڙي ويا. هميشه وانگر حڪومت پنهنجون غلطيون لڪائڻ لاءِ هڪدم ميٽنگ ڪري ڪنهن هڪ ماڻهو کي ذميدار بڻائي عوامي رد عمل کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪريٽري صحت محمد اسلم غوري کي معطل ڪري کيس ميٽنگ مان ٻاهر نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏهن ته اها سڄي ذميداري اسپتال جي جنرل ايگزيڪيوٽو جي آهي، ان کانپوءِ ذميداري بايو ميڊيڪل ۽ اليڪٽريڪل ونگ مينٽننس تي اچي ٿي. ان کان علاوه فائر ۽ سيفٽي انتظاميه پڻ ان ذميداريءَ کان آجي ناهي. اصل ۾ اسپتالون چاهي سرڪاري هجن يا خانگي، انهن جي سيفٽي آڊٽ جو مڪمل نظام پنهنجي شفافيت سان موجود ناهي. شايد ماضيءَ ۾ آبادي گهٽ هجڻ سبب اسپتالن تي دٻاءُ گهٽ هو، پر هاڻي آباديءَ جو دٻاءُ وڌي پيو ته اسپتالن مٿان به ان جو دٻاءُ هر شعبي ۾ نظر اچي ٿو. اسان جي ننڍڙي مجرماڻي غلطي ڪنهن به وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ان لاءِ ضروري آهي ته احتساب جو عمل شفافيت سان ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نٿو ڪيو وڃي ته اهڙا واقعا روز پيش اچي سگهن ٿا. ملڪ ۾ جوابدهي ۽ احتساب جو عمل تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. ڪنهن هڪڙي شخص کي معطل ڪري پوري ذميداري ان جي مٿان لاڳو ڪرڻ سان نظام هرگز سڌري نٿو سگهي. پمز اسپتال کي ساليانو 8 ارب جو بجيٽ ملڻ باوجود اسپتال اندر ايتري نااهلي وفاق جي نااهلي ثابت ٿي چڪي آهي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي نظام کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. صحت جو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جنهن کي اسلام آباد اندر اسپتالن جي انتظامن، معيار ۽ سهولتن کي ڏسڻ گهرجي، اهو سنڌ اندر الڳ صوبي لاءِ مهم هلائڻ ۾ مصروف آهي. هن وقت عوام سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد هن وقت ڪرپشن، خراب ڪارڪردگي ۽ اسلام آباد جي خوبصورتي جي تباهيءَ جو ذميدار بڻيل آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ته سي ڊي اي اسلام آباد جي خوبصورتي کي نظر انداز ڪندي شهر کي ڪانڪريٽ جي جهنگ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. مارگلا هلز جي هنج ۾ ڪيتريون ئي سرسبز واديون سي ڊي اي هائوسنگ سوسائٽين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، خبر ناهي ته انهن لاءِ اين او سيز ڪير ٿو جاري ڪري. پلاٽن جي جعلي الاٽمينٽ جون خبرون پڻ گردش ڪنديون رهن ٿيون. سي ڊي اي صرف جي-اليون يا ايف سيريز جي ڪجهه علائقن کي ٺاهي اهو تاثر ڏنو آهي ته اسلام آباد هڪ خوبصورت شهر آهي. جڏهن ته اسلام آباد جي ڪيترن ئي سيڪٽرن ۾ پيئڻ جو پاڻي موجود نه آهي، رستا ٽٽل آهن، سيوريج جو نظام ناڪاره آهي.
اسلام آباد تيزيءَ سان پنهنجو سرسبز چهرو ڪاري پٿر جي پٺيان لڪائي رهيو آهي. اهڙي المناڪ ۽ هولناڪ سانحي جي صورت ۾ هر صوبي کان آڱريون وفاق ڏانهن اٿي رهيون آهن. دنيا تمام تيزيءَ سان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪري رهي آهي، پر اسان جي اسپتالن ۾ پمز اندر اوور لوڊنگ ۽ پراڻي وائرنگ جي ڪري نرسري ۾ 24 ڪلاڪ هلندڙ انڪيوبيٽر، وارمرز، آڪسيجن پلانٽ ۽ اي سي جي مينٽيننس جو ڪوبه آڊٽ جو نظام موجود ناهي. جنهن جو ثبوت 26 تاريخ جو حادثو آهي. سيفٽي آڊٽ جيڪا اهڙين جاين تي تمام ضروري آهي، اسان جي ادارن مان نظر انداز ڪئي پئي وڃي. حالانڪه اپارٽمينٽس، بازارن ۽ اسپتالن ۾ سيفٽي آڊٽ جو انتظام انتهائي شفافيت ۽ ايمانداريءَ سان ڪرائڻ سڀني صوبن ۽ وفاق لاءِ ضروري آهي. وفاق ۾ ويٺل ماڻهو جڏهن سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ کي سبب بڻائي ان کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان وقت اهو وساري ويهي ٿو ته وٽس پنهنجو پاڻ کي هلائڻ لاءِ به ڪو نظام موجود ڪونهي، جيڪو هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي. بين الاقوامي معيارن مطابق نرسرين ۽ حساس وارڊن ۾ فائر سيفٽي ۽ بنيادي حفاظت جا سخت ترين ايمرجنسي اصول مقرر ٿيل آهن. جنهن ۾ انڪيوبيٽرن، ايمرجنسي وارمرز ۽ اي سي سسٽم جي روزانو جي بنياد تي چڪاس لازمي آهي. آڪسيجن سينسرز جي ليڪيج هڪدم باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي. اهڙين جاين تي خودڪار ڪٽ آف جو نظام هجڻ ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ گئس جا وال بند ٿي وڃن. ان کان علاوه باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرڻ جو نظام، باهه وسائڻ لاءِ فائر ايڪسٽنگوشيئر ۽ انهن جي استعمال جي انساني تربيت جون مشقون معمول جو حصو هجڻ گهرجن ته جيئن اسپتال جو عملو مڪمل طور تربيت شده هجي ۽ ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهي. هن واقعي کانپوءِ پاڪستان جي هر سرڪاري ۽ خانگي اسپتال کي ايمرجنسي بنيادن تي پنهنجي سيفٽي جي معيارن کي جاچڻ ۽ انهن کي بين الاقوامي معيارن تي آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به حادثي کي روڪي سگهجي. ضروري آهي ته ملڪ کي شفافيت سان بهتر ڪارڪردگي ذريعي هلايو وڃي ته جيئن هي دنيا جي ڊوڙ ۾ پنهنجو وجود قائم رکي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو