مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جي گاديءَ جي هنڌ جو ڪنٽينرن جي قلعي ۾ تبديل ٿيڻ سان سياسي پارٽين کي فائدو يا نقصان!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر 2026 تي اعلانيل اسلام آباد لانگ مارچ 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ کي بزدليءَ جا طعنا پڻ ڏنا آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت ايتري بهادري ڏيکاري جو هڪ سياسي پارٽيءَ جي مارچ تي گاديءَ جي هنڌ کي ڪنيٽينرن جي قلعي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جتي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، وزير اعظم هائوس، صدارتي هائوس ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا سفارت خانا هجن اهو شهر مسلسل هڪ خوف جي ڇانو ۾ پلجي رهيو آهي. اتي ڪم ڪندڙ ننڍا وڏا واپاري، مزدور، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين ويندڙ شاگرد، والدين سڀ هڪ نفسياتي دٻاءُ ۾ رهندا اچن، جنهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ قانون سازيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ناهي. ڪنهن به ملڪ جي گاديءَ جي هنڌ کي مڪمل طور تي محفوظ هجڻ گهرجي، پر هن وقت اسلام آباد ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ حڪومت مستقل سياسي دٻاءُ جو شڪار رهي. ملڪ ۾ هن وقت هڪ بحران واري صورتحال نظر اچي رهي آهي.
هڪ پاسي حڪومت وٽ رياستي پاور ۽ سختي ڪرڻ جا وسيلا ته موجود آهن، پر ٻئي پاسي انهن جي استعمال لاءِ سخت چئلينج به موجود آهن. جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت هن وقت وفاقي حڪومت کي سخت دٻاءُ ڏيڻ واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد کي هڪ “رياستي قلعي” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، شهر جي هر داخلي ۽ خارجي پوائنٽ کي بند ڪيو ويو آهي. حڪومت لاءِ هڪ ڪمزور حڪومت وارو تصور اڀري رهيو آهي ۽ مٿس دٻاءُ نظر اچي رهيو آهي. يقينن ان سڄي صورتحال جو اثر پاڪستان جي معيشت ۽ وفاقي حڪومت لاءِ بين الاقوامي سطح تي منفي اثر پيدا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته حڪومت جو موقف اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه امن امان برقرار رکڻ ۽ ٻاهران ايندڙن کي شهر کان محفوظ بنائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بيڪ ڊور ڳالهيون پڻ ٿي رهيون آهن ۽ شايد انهن ڳالهين جو ئي نتيجو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ڪنهن به ٽڪراءُ کان بچڻ مارچ کي ملتوي ڪرڻ وارو رستو ڳولهيو ويو آهي.
ان سان پي ٽي آءِ کي به رليف ملندو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بيڪ ڊور چينل ڳالهيون ٿينديون، غير رسمي سمجهوتا ٿيندا ۽ ٻئي ڌريون ان جو انڪار به ڪنديون. هن وقت جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪجهه ڏي وٺ ۽ سياسي لچڪ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي ته ان مان پي ٽي آءِ لاءِ ڪجهه بهتري نڪري سگهي ٿي ۽ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ جو خطرو ٽري سگهي ٿو. جڏهن ته ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جا مخالف مٿس ڊيل جو الزام به لڳائي سگهن ٿا. هاڻي سڀني جون اکيون ان ڳالهه تي کتل آهن ته ان مهلت واري وقت ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڪهڙا معاملا طئي ٿين ٿا ۽ انهن جو هڪٻئي لاءِ رويو ڪهڙو ٿو رهي، نئين تاريخ تي ڪارڪنن جو جوش برقرار رهي ٿو يا گجيءَ وانگر ويهي ٿو رهي. ان جي خبر پي ٽي آءِ تيارين مان پئجي ويندي. جيڪڏهن واقعي چوٿين آڪٽوبر تائين معاملا ڪنهن مفاهمت ڏانهن ويندا ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. جيڪڏهن وري سهيل آفريدي هڪ ڀيرو هلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسلام آباد کي وري ڪنٽينرن جو قلعو بڻايو ويندو. ان قسم جو منظر ڀارت جي راڄڌاني دهلي ۾ هارين جي احتجاج جي نتيجي ۾ نظر آيو، شهر جي خارجي ۽ داخلي رستن کي بند ڪيو ويو. جڏهن ته 2022ع ۾ ڪئناڊا جي اوٽاوا راڄڌاني ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پنهنجين وڏين وڏين ٽرڪن سان ڪئناڊا جي گاديءَ جي هنڌ کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي حڪومت ايمرجنسي ايڪٽ لاڳو ڪري احتجاج ڪندڙ ٽرڪ ڊرائيورن جا بينڪ اڪائونٽ فريز ڪري ڇڏيا.
جنهن کانپوءِ اتان جي گاديءَ جي شهر ۾ سيڪيورٽي ۽ روڊن جي تحفظ لاءِ نوان آئيني قانون پاس ڪيا ويا. اسلام آباد کي به ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ۽ شهرين کي مستقل نفسياتي دٻاءُ کان بچڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي. قانوني ۽ آئيني فريم ورڪ تحت گاديءَ جي هنڌ جي نظام کي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن عوام جا بنيادي ۽ آئيني حق متاثر نه ٿين. پبلڪ آرڊر ۽ پروٽيسٽ ريگيوليشن ايڪٽ تحت مختلف زونن کي نو پروٽيسٽ زون قرار ڏئي پارٽين کي هڪ مخصوص ۽ طئي ٿيل ميدان تائين جلسي يا ڌرڻي کي محدود رکڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن سان سياسي پارٽين جا آئيني ۽ جمهوري حق به متاثر نه ٿين ۽ شهري به محفوظ رهن. ان لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي خود پنهنجو پاڻ تي اخلاقي پابنديون به لڳائڻيون پونديون. جمهوريت جو روح ان ڳالهه ۾ آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي اندر سياسي پختگي ۽ اخلاقي ضابطن کي يقيني بڻائين، اجائي مزاحمتي سياست بدران پنهنجي سياسي موقف ۽ بيانيي کي پنهنجي پرامن احتجاج ذريعي هڪ سياسي پارٽيءَ وانگر دنيا تائين پهچائين. جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويٺل جماعت اختلافي برتري حاصل ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ته حڪومت به اخلاقي طور تي آمريت ڏانهن وڌڻ بجاءِ هيٺانهين وٺندي، جنهن سان احتجاج ڪندڙ پارٽي کي عوامي همدردي پڻ حاصل ٿي سگهندي. پاڪستان جي عوام کي ان ڏينهن جو انتظار آهي جڏهن اسان جي سياسي پارٽين اندر ان قسم جي سياسي پختگي پيدا ٿيندي، جيڪا سياسي عمل کي مضبوط ڪندي. هن وقت جيڪو منظر نظر اچي ٿو اهو ته ايئن ٿو لڳي ته سياسي پارٽيون خود پنهنجن پيرن تي ڪهاڙيون هڻي رهيون آهن ۽ فائدو ٻين ڌرين کي ٿي رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو