ايراني سفير اميري مقدم پاڪ ايران بارڊر جي بندش ۽ پاڪستان جي خود مختياريءَ تي سوال اٿاري ڇڏيا!
17 آڪٽوبر 2026ع تي پاڪستان ۽ ايران جو تافتان بارڊر بند ڪيو ويو. مختلف خبرن جي ذريعي ان جو سبب ٽيڪنيڪل ٻڌايو ويو، پر 25 آڪٽوبر 2026ع تي پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير اميري مقدم هڪ گڏجاڻي جنهن ۾ اڳوڻا پرڏيهي کاتي جا سفير ۽ صلاحڪار شامل هئا ان ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجو بارڊر آمريڪا جي دٻاءُ تي بند ڪيو آهي. جيڪا پاڪستان جهڙي هڪ خود مختيار ملڪ لاءِ شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي. هن وقت بند بارڊر وري کوليو ويو آهي، جنهن سان ايران جي پاسي بيٺل سوين LPG بائوزر پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. آمريڪا جي ايران مٿان مڙهيل جنگ جو اثر سڄي دنيا تي واضح آهي ۽ پاڪستان ۾ به ان جا اثر تيزيءَ سان ظاهر ٿي رهيا آهن، جيڪي مختلف شين جي کوٽ، مهانگي يا حڪومت طرفان روزمره جي گهريلو گئس جي لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ مهينن کان واضح آهن. پاڪستان پنهنجي LPG جي ضرورت وچ ايشيا ۽ نار وارن ملڪن کان پوري ڪري ٿو، جيڪي GCC جا ميمبر آهن ته ساڳي جاءِ تي پاڪستان جي مجموعي LPG جو لڳ ڀڳ 60 کان 70 سيڪڙو ايران کان به گهرايو وڃي ٿو، جيڪا ملڪ جي مجموعي کپت جو 35 سيڪڙو آهي. پاڪستان تفتان ۽ ريمدان بارڊر تان روزانو اٽڪل 150 کان 200 تائين LPG بائوزر (ٽينڪر) ايران کان گهرائي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ ايران بارڊر بند ٿيڻ جي ڪري ملڪ جي اوپن مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت جيڪا 300 کان 400 رپيا مختلف صوبن ۾ هئي، هڪدم 550 کان 600 رپيا ڪلو جي حساب سان ملي رهي آهي. ايران سان بارڊر جو کليل رهڻ پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جي حق ۾ آهي. جنهن سان بلوچستان جي غريب عوام کي وڏو سهارو ملي ٿو. ڇو ته اسان جي معيشت ۾ پيداواري صلاحيت نه هجڻ برابر آهي، اسان جي سرمائيڪار جو رجحان پيداواري صنعتون لڳائڻ بدران ريئل اسٽيٽ ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ آهي. جنهن جي ڪري اسان جو سرمائيڪار مختلف خطرن کان بچي وڃي ٿو، پر عوام لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا نٿا ٿي سگهن ۽ هڪ وڏي آباديءَ وارو ملڪ پنهنجي روزاني ضرورت جون شيون ٻاهران گهرائي ٿو. جنهن تي قرض کنيل پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو.
ان سڄي صورتحال جي ذميداري اسان جي وفاقي حڪومت جي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسين تي اچي ٿي. جنهن پنهنجي خود مختياري ڪنهن ٻئي ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ملڪ مفاد کي نظر انداز ڪري اهڙا معاشي فيصلا ڪيا پيا وڃن، جنهن جو اثر ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي صورت ۾ غريب عوام تي اچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ مقيم ايراني سفير اها ڳالهه به واضح ڪئي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجو بارڊر ايران سان ٻين ملڪن جي چوڻ تي بند رکيو ته ان جي سزا پاڪستان کي ڀوڳڻي پوندي. ڇو ته سياري جي مند ۾ جڏهن ماڻهن کي گئس جي سپلاءِ نه ٿيندي، ٻارڻ مهيا نه هوندو ته پوءِ ان جو سڄو اثر حڪومت جي مٿان پوندو. جڏهن ته ايران پنهنجي پيداوار ٻين ڀر وارن ملڪن کي به وڪڻي ڇڏيندو. پاڪستان جو آئين ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان هڪ خود مختيار رياست آهي، پر پاڪستان جون پرڏيهي پاليسيون ۽ معاشي پاليسيون اهو کلم کلا ظاهر ڪري رهيون آهن ته پاڪستان آمريڪا جي تسلط ۾ پنهنجا مفاد ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو ڪنهن به جمهوري ۽ خود مختيار ملڪ کي نٿو سونهين. پاڪستان تمام ڳرن شرطن تي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض کڻي ٿو، انهن ادارن جي چوڻ تي پنهنجيون ٽيڪس پاليسيون ٺاهي عوام جي مٿان مهانگائيءَ جا بم ڪيرائي ٿو. جڏهن ته قرض ملڻ کانپوءِ اسان جو اشرافيه طبقو خوشحال ٿيندو وڃي ٿو ۽ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ ڪرندو رهي ٿو. وفاقي حڪومت کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڇا سندس پاليسيون عوام دوست آهن يا سندس چلهه کي به ٿڌو ڪري رهيون آهن؟ هن وقت ملڪ ۾ اٽي جا اگهه وڌڻ سبب عوام مهانگائي برداشت ڪري رهيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ان کان ٻارڻ به ڦريو ويو ته اهو يقينن روڊن تي بيٺل هوندو. جنهن جو اثر حڪمران جماعت کي برداشت ڪرڻو پوندو. بهتر اهو آهي ته عوام جا چونڊيل نمائندا قومي اسيمبليءَ ۾ عوام جي حمايت ۾ ايران بارڊر جي بندش تي پنهنجو آواز اٿارين ۽ پنهنجي ملڪي آزاد معاشي پاليسيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ اسيمبليءَ جي فلور تي بحث ڪري عوام جي لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟