مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چيني صدر جي آمد تي آمريڪي فوجي گوڏن ڀر ريڊ ڪارپيٽ سڌو ڪندا رهيا ۽ ٽرمپ رسم خلاف ايئرپورٽ تي موجود

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

24 سيپٽمبر 2026ع تي چيني صدر شي جن پنگ جوائنٽ بيس اينڊريوز ايئرپورٽ تي پهتو، آمريڪي صدر ٽرمپ شي جنگ پنگ کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ موجود رهيو. سندس گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو ويو. ڪنهن به آمريڪي صدر جو 1962ع کانپوءِ ڪنهن پرڏيهي رهنما جو پاڻ اچي ايئرپورٽ تي ڀليڪار چوڻ جو اهو واقعو 64 سالن جي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيو. آمريڪي فوجي ريڊ ڪارپيٽ جي صفائي جاچيندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي ان کي هٿن سان درست ڪندا رهيا. اهو هڪ حيرت ۾ وجهندڙ منظر هو، جيڪو سڄي دنيا پنهنجي اکين سان ڏٺو. ٽرمپ جي صدارتي حلف برداري کانپوءِ هن جيڪي ٽيرف پابنديون مختلف ملڪن تي لڳايون، ان ۾ چين تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ “بوسان معاهدو” ٿيو، جيڪو آڪٽوبر ۾ ختم ٿيڻو هو، پر هاڻي اهو 10 جنوري 2027ع تائين وڌايو ويو آهي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي تڪرارن ۽ هلندڙ ٽيرف کي طئي ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو ويو هو. جتي سڄي دنيا اهو سوچي رهي آهي ته آمريڪا دنيا کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، اتي آمريڪا جا چائنا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي مد ۾ ايئن چائنا کي برابريءَ جو رتبو ڏيڻ مان خبر پوي ٿي ته هڪ وڏو ملڪ پنهنجي ذميداري به محسوس ڪري رهيو آهي ۽ اهو دنيا ۾ امن ۽ ترقي ڏسڻ لاءِ هڪ اهڙي معاهدي واري سفارتڪاري جو استعمال ڪري “آرٽ آف دي ڊيل” واري حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي. جنهن سان مخالف تي پهرين ٽيرف لڳائي سخت دٻاءُ وڌو ويو، ٽيڪنالاجيءَ تي پابنديون وڌيون ويون ۽ جيو پوليٽيڪل گهيراءُ ڪري سندس صنعتن جي پيداوار کي گهٽائڻ جو پورو بندوبست ڪيو ويو. هاڻي ان کي انتهائي شاندار طريقي سان پروٽوڪول ڏئي ان جو استقبال ڪرڻ هڪ اهڙو قدم آهي جنهن سان چين به حيران هوندو. ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي رهيو ته دنيا هڪ قطبي مان ڦري ٻه قطبي ٿي چڪي آهي. آمريڪا طرفان چين جي صدر جو ايڏو شاندار استقبال ان جو صاف ۽ شفاف ثبوت آهي. هن وقت دنيا ۾ چين آمريڪا جو برابر مقابلو ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي ۽ آمريڪا اهو مڃي چڪو آهي ته چين جي رسد ۽ سپلاءِ واري زنجير کي بند ڪرڻ، ناياب معدنيات ۽ زرعي جنسن سان رستا روڪ آمريڪا جي پنهنجي مفاد ۾ به ناهي ۽ ٻنهي کي پنهنجن مفادن لاءِ هڪ ميز تي ويهڻو پئجي ويو آهي.
جلد ئي دنيا ان ٻه قطبي دنيا جو منظر ڏسندي، عالمي معيشت جو ٻن حصن ۾ ورهائجڻ، دنيا جي مختلف ملڪن جا ٻن بلاڪن ۾ توازن سان اتحاد ٿيڻ، بين الاقوامي جهيڙن جي نبيرڻ ۾ پرامن وچٿرائي اهڙا معاملا آهن جنهن سان دنيا جي ٻه قطبي ٿيڻ جو اظهار ٿيندو. دنيا جي تجارتن جا معيار، مالياتي ۽ تجارتي سٽاءُ تبديل ٿيندا، ٻٽو بينڪنگ نظام سامهون ايندو، جنهن ۾ آمريڪي بينڪنگ نظام سان گڏوگڏ چين جو بينڪنگ نظام به اڀرندو. هڪ پاسي آمريڪا سان گڏ يورپي يونين، برطانيه، جاپان ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ هوندا ته ٻئي پاسي اوڀر واري بلاڪ ۾ چين سان گڏ روس، ايران، اتر ڪوريا، قزاقستان، ڪرغستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ايران، بيلاروس ۽ پاڪستان شامل هوندا. گڏوگڏ دنيا ۾ ڌار ڌار ٽيڪنالاجي، انفرااسٽرڪچر جا نيٽ ورڪس اڀرندا، جن ۾ ملڪن کي پنهنجي ڪنهن هڪ يا ٻئي سسٽم جي چونڊ ڪرڻي پوندي. دنيا جي ٻن بلاڪن ۾ ورهائجڻ سان عالمي جهيڙن جي نبيرڻ ۾ بيجنگ نمايان رهندو. ان بدلجندڙ دنيا ۾ پاڪستان جي هميشه وانگر اها ڪوشش رهندي ته نئين ٻه قطبي عالمي نظام ۾ جيڪو اڀرندي اڀرندي هاڻي کلي منظر تي اچي چڪو آهي، ان ۾ پنهنجو توازن برقرار رکي. چين جو هماليا کان اوچو دوست سي پيڪ ۽ گوادر بندر گاهه ذريعي چيني بلاڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو مرڪزي لنگهه رهندو ته ان سان گڏوگڏ آمريڪا سان ٽيڪسٽائل جي واپار ۽ آءِ ايم ايف سان لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي تعاون جي ضرورت ڪري آمريڪا کي به ناراض نه ڪندو. 1970ع کان پاڪستان، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا برقرار رکندي ٻنهي ملڪن سان غير جانبدار رهندي ڪردار ادا ڪيو آهي. مستقبل ۾ هو ٻنهي دوست ملڪن کان سيڙپڪاري حاصل ڪري فائدا حاصل ڪندو. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجو غير جانبدار ڪردار قائم رکي.
هن وقت آمريڪا ۽ چين جو هڪ ميز تي ويهڻ دنيا لاءِ هڪ مثبت پيغام آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرد جنگ ختم ٿيڻ سان دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو ايندو، چين جي سپلاءِ چين بحال ٿيندي، ٽيڪنالاجيءَ لاءِ ڪچي مال جي فراهمي ۾ ريئر منرل ارٿ آمريڪا کي اماڻيندو ته جيئن هن جي ٽيڪنالاجي واري صنعت ترقي ڪري سگهي. ٽرمپ جي ڊيل ڪرڻ واري آرٽ کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ سٺي واپاري سان گڏوگڏ هڪ سٺو سياستدان پڻ آهي. تائيوان جيڪو هميشه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ريڊ لائين رهيو آهي، اهو به ٻنهي ملڪن جي ڳالهين ٻولهين جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. جنهن لاءِ ون چائنا پاليسي جيڪو آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جو بنياد آهي، جنهن ۾ چين جو اهوئي چوڻ آهي ته دنيا ۾ چين صرف هڪ ئي آهي ۽ آمريڪا به اها تصديق ڪئي آهي ته هو روايتي ون چائنا پاليسي تي قائم آهي ۽ تائيوان جي رسمي طور تي مڪمل آزاديءَ جي حمايت نٿو ڪري. جنهن جو مقصد اهو آهي ته آمريڪا چين جي سالميت کي چئلينج نٿو ڪري. تائيوان تي ڪوبه فوجي حملو يا سامونڊي ناڪا بندي ٻنهي ملڪن جي صنعتي ٽيڪنالاجيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اميد آهي ته چين ۽ آمريڪا جي ڳالهين ٻولهين سان ايران، سعودي عرب ۽ وچ اوڀر ۾ جنگ جا خطرا ٽري ويندا. دنيا هن وقت هڪ طاقتور هڪ هٽيءَ واري ماحول مان نڪري هڪ اهڙي توازن واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي ٻه وڏيون طاقتون هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ بدران هڪٻئي سان گڏجي هلي سگهن ٿيون ۽ سوديبازي ڪرڻ تي مجبور آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو