وحدت سنڌ مارچ ۽ متعصب اردو ميڊيا
سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، تاريخي سڃاڻپ ۽ قومي تشخص جو سوال رڳو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا ڌر جو معاملو ناهي، پر اهو سنڌ جي اجتماعي وجود، تاريخ ۽ مستقبل سان ڳنڍيل آهي. ڪراچيءَ ۾ “جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي” جي سڏ تي ٿيل “وحدت سنڌ مارچ” ان حوالي سان هڪ اهم عوامي اظهار هو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل سياسي ڪارڪنن، عورتن، نوجوانن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مختلف علائقن مان نڪتل ريليون جوهر موڙ تي گڏ ٿيون ۽ شهر جي اهم رستن کان ٿيندي ميٽروپول چوڪ تي پهتيون. مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ نعرا هنيا ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ازلي لاڳاپي جو اظهار ڪيو. هن احتجاج جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو سنڌ جي ورهاست بابت وقت بوقت سامهون ايندڙ بيانن ۽ تجويزن سنڌ جي عوام اندر ڳڻتي پيدا ڪئي آهي. سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌ رڳو انتظامي جاگرافيائي حدبنديءَ جو نالو ناهي، پر اها سندن تاريخ، ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ اجتماعي سڃاڻپ جو مرڪز آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت ڪنهن به بحث جو رد عمل رڳو سياسي حلقن تائين محدود نٿو رهي، پر عام ماڻهن جي احساسن ۽ خدشن جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ٿيل مارچ ان اجتماعي احساس جو اظهار هو. احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن جو واضح موقف هو ته سنڌ کي ورهائڻ يا انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جون تجويزون قبول ناهن. هنن سنڌ جي سمنڊ، دريائن، قدرتي وسيلن، زمينن ۽ پاڻيءَ جي مسئلن کي پڻ پنهنجي جدوجهد جو حصو بڻايو. رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زنئور، اسلم خيرپوري ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي خطابن ۾ سنڌ جي وحدت تي سوديبازي نه ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. هن احتجاج جو بنيادي پيغام اهو هو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي وجود ۽ آئيني حقن بابت ڪنهن به فيصلي ۾ پنهنجي راءِ ۽ رضامنديءَ کي ضروري سمجهن ٿا.
هن مارچ جو هڪ اهم پاسو مختلف لساني برادرين سان گڏجي رهڻ جو پيغام پڻ هو. اڳواڻن اردو ڳالهائيندڙ شهرين کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو حصو قرار ڏنو. حقيقت ۾ سنڌ جي وحدت جو تصور ڪنهن هڪ ٻولي يا برادريءَ جي بالادستيءَ جو نالو نه، پر سڀني رهواسين جي گڏيل حقن، احترام ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجڻ گهرجي. سنڌ جي طاقت ان جي گهڻ ثقافتي روايت، رواداري ۽ گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ ۾ آهي. لساني ورهاست ۽ نفرت ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي مفاد ۾ ناهي. هن سڄي صورتحال ۾ اردو ميڊيا جو منفي رويو افسوس جوڳو رهيو. هڪ اهڙي اهم سياسي ۽ قومي مسئلي تي ٿيندڙ وڏي عوامي احتجاج يا ريفرنڊم جي پسمنظر، مطالبن ۽ پهلوئن کي اجاڳر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي تعصب پرست سوچ جو اظهار ڪندي ڪوريج جو مرڪز ٽريفڪ جام، روڊن جي بندش ۽ ماڻهن جي پريشانيءَ کي بڻايو ويو. اهو به نظرانداز ڪيو ويو ته اهو مارچ آچر ڏينهن ٿيو، جڏهن اسڪول، ڪاليج، سرڪاري آفيسون ۽ گهڻي قدر خانگي ادارا به موڪل ڪندا آهن. يقينن ڪنهن به احتجاج دوران ٽريفڪ جي رواني ۽ شهرين جي سهولت جو خيال رکڻ ضروري آهي، پر ڇا هڪ وڏي قومي ۽ عوامي مسئلي تي هزارين ماڻهن جي پرامن احتجاج کي رڳو ٽريفڪ جي تڪليف طور پيش ڪرڻ صحافتي انصاف آهي؟ ميڊيا جو ڪم رڳو رستن جي صورتحال ڏيکارڻ نه، پر احتجاج جا سبب، عوام جا خدشا ۽ ان پويان موجود سياسي ۽ سماجي حقيقتون پڻ سامهون آڻڻ آهن. افسوس ته متعصب اردو ميڊيا انهن اهم پهلوئن کي نظرانداز ڪري مارچ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
جتي هيڏي وڏي عوامي سيلاب جي هوندي ڪوبه نقصان نه ٿيو. احتجاج جي مثبت پاسن کي ڪوريج ڏيڻ بدران غير ذميداري ۽ تعصب جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ فائدن ۾ مقامي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، زمينن جي تحفظ ۽ سنڌ جي آئيني حيثيت جو احترام اهڙا مسئلا آهن، جن تي سنجيده حڪومتي ۽ سياسي پاليسيءَ جي ضرورت آهي. عوام جا خدشا مسلسل نظرانداز ڪرڻ سان بي اعتمادي وڌندي ۽ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو. سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته سنڌ جي ماڻهن جڏهن به پنهنجن مسئلن لاءِ آواز اٿاريو آهي ته اتي ڪڏهن به دهشتگردي ناهي ٿي. هي مارچ به ان جو تسلسل هو. سنڌ جي سياسي ڌرين لاءِ به ضروري آهي ته پاڻ ۾ اتحاد، مستقل مزاجي ۽ تعميري حڪمت عملي پيدا ڪن. سنڌ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي، پر ان جي وحدت ۽ مستقبل جي ذميواري سنڌ جي سمورن رهواسين، سياسي ڌرين ۽ حڪمرانن تي لاڳو ٿئي ٿي. سنڌ جي وحدت بابت ڪنهن به فيصلي ۾ سنڌ جي عوام جي راءِ ۽ اعتماد کي بنيادي حيثيت ملڻ گهرجي. ڪراچيءَ جو هي احتجاج هڪ واضح پيغام آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ متحرڪ آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟