وفاقي وزارت خوراڪ ۾ سنڌ جو 23 سيڪڙو ڪوٽا تي صرف 19 سيڪڙو ڏنو پيو وڃي: ضمير گهمرو
سينيٽ جي ڊيووليوشن ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين بئريسٽر ضمير گهمرو جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ سينيٽر پونجو ڀيل فوڊ سيڪيورٽي وزارت ۾ ڀرتين دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي شيئر کي نظر انداز ڪرڻ جو معاملو اٿاريو. ڪاميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته وزارت ۾ ٿيل سمورين ڀرتين کي روڪيو وڃي ۽ آئين موجب صوبن کي شيئر ڏنا وڃن. هن وزارت ۾ سنڌ جو 23 سيڪڙو بڻجي ٿو، پر سنڌ کي 19 سيڪڙو ڏنو پيو وڃي، ان تي به صحيح نموني عمل نه پيو ٿئي. اجلاس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي گئس ۽ تيل پيدا ڪندڙ علائقن جي حقن جو معاملو پڻ اٿاريو ويو. ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبائي خود مختياري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڊيووليوشن ڪاميٽي جوڙي وئي ته جيئن آئين مطابق شعبا يا وزارتون صوبن حوالي ڪيا وڃن ۽ ٻيا مونجهارا ختم ڪيا وڃن جنهن ۾ وفاق جيڪي وزارتون اڃان تائين صوبن کي مڪمل طور تي نه ڏنيون آهن انهن کي حل ڪيو وڃي. ايئن چئجي ته هيءَ ڪاميٽي آئيني طور صوبن جي حقن ۽ ارڙهين ترميم لاءِ “واچ ڊاڪ” آهي. هن ڪاميٽي جي چيئرمين 24 جولاءِ 2026 تي اهو اعتراض اٿاريو ته فوڊ کاتي ۾ سنڌ جي شيئر تي غير مقامي ماڻهن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي. وفاقي حڪومت يا سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ پاسڪو ۾ سنڌ لاءِ مخصوص آئيني شيئر تي مقامي، شهري ۽ ڊوميسائيل رکندڙن بدران ٻين صوبن جي ماڻهن کي غير شفاف طور مقرر ڪيو پيو وڃي. هن وفاقي ادارن کان جواب طلب ڪيو آهي ته سنڌ جي 23 سيڪڙو شيئر کي صرف 19 سيڪڙو ڇو پيو ڏنو وڃي؟ ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪاميٽي جو اهو به موقف رهيو آهي ته فوڊ سيڪٽر صوبائي معاملو آهي ان جي باوجود وفاقي اٿارٽيون سنڌ جي ادارن يا وسيلن تي مداخلت ڪن ٿيون ۽ انهن ۾ بيقائدگيون ٿيندي نظر اچن ٿيون. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته وفاق کي آئين جي رکوالي ڪرڻ گهرجي، آئين جي آرٽيڪل-5 موجب آئين جي پاسداري ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ رياست ۽ وفاقي حڪومت جي بنيادي ۽ آئيني ذميواري آهي. جڏهن ته وفاقي ادارا پاڻ ئي ارڙهين ترميم صوبائي خود مختياري يا آئيني شيئر جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، جنهن سان آئيني ۽ سياسي بحران پيدا ٿئي ٿو.
پاڪستان جو آئين اها ضمانت ڏئي ٿو ته جيڪي اختيار مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ ورهايل آهن انهن تي آئين مطابق عمل ٿئي، پر اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ اڙهين ترميم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهوئي سبب آهي جو جيڪي شعبا ۽ وزارتون جيئن صحت، تعليم، زراعت، فوڊ وغيره مڪمل طور تي صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻا هئا، وفاق مختلف اٿارٽين، بورڊن ۽ فنڊنگ پارٽنرز جي نالي تي اهي اختيار پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آرٽيڪل-27 ان ڳالهه جي يقين دهاني ڪرائي ٿو ته ڪنهن به شهري سان ملازمتن جي معاملي ۾ ڪوبه متڀيد نه رکيو ويندو. جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ، بلوچستان يا ٻين صوبن جي مقرر ڪيل شيئر تي غير شفاف ڀرتيون ڪري ٿي يا اهڙن ڊوميسائيلن تي ڀرتيون ٿين ٿيون جيڪي حقيقت ۾ ان صوبي جا ناهن ته اها آئين ۽ قانون جي پامالي آهي. جيئن ته سينيٽ ملڪ جي سڀني صوبن جو برابر ۽ آئيني نمائندو ايوان آهي. جنهن ۾ بئريسٽر ضمير گهمرو اها گهر ڪئي آهي ته ننڍن صوبن جي شيئر لاءِ آئين تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. پنجاب آباديءَ جي تناسب سان هڪ وڏو صوبو آهي جيڪو اڳ ۾ ئي آئين جي مطابق 50 سيڪڙو نوڪرين ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو کڻي ٿو. پنجاب ۾ تعليمي سهولتون، نيٽ ورڪنگ ۽ مقابلي جي امتحانن لاءِ اڪيڊمين ۽ وسيلن جي گهڻائي سبب وڏو حصو پنجاب کي ملي ٿو.
پاڪستان جي وفاقي اسٽيبلشمينٽ جو اسلام آباد جي وزارتن ۽ پاليسي سازي واري نظام تي شروع کان ئي ڪنٽرول آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوانن اندر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ جي پاليسين تحت هڪ بيچيني موجود آهي. سنڌ جو تعليمي نظام تباهه هجڻ ڪري سنڌ جو نوجوان پنجاب جي نوجوان کان پٺتي پيل آهي، ڇو ته سنڌ جو تعليمي نظام هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ جو وفاق ۾ نوڪرين جي حصي کي مڪمل طور نه ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي، جيڪا تيل ۽ گئس جي شعبي سان گڏوگڏ توانائي جي شعبي ۾ به ٿي رهي آهي. ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم ۽ ريلوي کاتي ۾ ملازمن جي ورهاستن ۾ پڻ مقامي ماڻهن جي حق تلفي ۽ ڊوميسائيل جي جاچ نٿي ڪئي وڃي. هن مسئلي جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خاص طور تي جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺهرائڻ وارن ماڻهن جي چڱيءَ طرح سان ڇنڊڇاڻ نٿي ڪئي وڃي. جڏهن وفاق کان مقرر ڪيل ڊپٽي ڪمشنر سنڌ جي ضلعن ۾ اچن ٿا ته اهي نادرا يا مقامي آفيسن ۾ بايوميٽرڪ يا شفاف فزيڪل تصديق جو پروسيجر مانيٽر نٿا ڪن. وفاقي حڪومت جي سڀني وزارتن، ڪارپوريشنن ۽ اٿارٽين ۾ آئيني شيئر تي مڪمل عمل ڪرائڻ جو بنيادي ڪم اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو آهي. جنهن ڪڏهن به منظم ۽ باقائده ڪوٽا آڊٽ عام نه ڪئي آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ضلعي انتظاميه (ڊپٽي ڪمشنر آفيسون) جعلي ڊوميسائيلن کي روڪڻ ۽ تصديق ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن، جنهن جو نقصان سنڌ جي نوجوان کي پنهنجي شيئر کان گهٽ نوڪريون ملڻ جي صورت ۾ ملي رهيو آهي۽ وفاق ان جو فائدو وٺي رهيو آهي. نيب ۽ ايف آءِ اي کي گهرجي ته اهڙن جعلي دستاويزن ۽ رشوت خوري جي خلاف تحقيق ڪري قانوني ڪارروائي ڪن. اميد آهي ته سينيٽ ۾ اٿاريل ضمير گهمرو جو فوڊ ڊپارٽمينٽ لاءِ اٿاريل آواز سڀني شعبن ۾ ٿيندڙ شيئر جي خلاف ورزي ختم ڪرائڻ ۾ مددگار ٿيندو. سنڌ جي نوجوان کي به اکيون پٽڻ گهرجن ته اهو نه صرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾، بلڪه اسلام آباد مان ايندڙ سڀني نوڪرين جي اشتهارن تي پنهنجي نظر رکي، انهن نوڪرين لاءِ پروسيجر مطابق نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري. اميد آهي ته سنڌ جي ضلعي انتظاميه جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ وارن لاءِ ڪو بند ٻڌي سگهندي. ڇو ته ان سڄي نظام ۾ وفاق جعلي ڊوميسائيلن ذريعي ئي نوڪريون ٻين صوبن کي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟