بلاول ڀٽو جو ايڪس اڪائونٽ تي سنڌيءَ ۾ “ڌرتي ماءُ آهي” ٻٽي خوف جي علامت
بلاول ڀٽو تازو ئي قومپرستن کي دهشتگردن سان گڏ بيهارڻ کانپوءِ پنهنجن لفظن تان اهو چئي هٽي ويو ته کانئس لفظن جو غلط استعمال ٿي ويو. بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي ان چيل جملي جو ازالو ڪري سگهي، پر جڏهن هن ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کانئس وري ٻي غلطي ٿي وئي. هن 25 آگسٽ 2026 تي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جي اجرڪ پاتل تصوير سان گڏ سنڌيءَ ۾ هڪ جملو پوسٽ ڪيو، “ڌرتي ماءُ آهي” ان نئين پيغام پٺيان ڪجهه سياسي اشارا واضح ٿين ٿا ته هو عوام جي ناراضگي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پنهنجي ئي ڏنل لفظن سان هن پارٽيءَ کي جيڪو نقصان پهچايو آهي، ان تي ضابطو ڪرڻ لاءِ هن “ڌرتي منهنجي ماءُ آهي” سنڌيءَ ۾ لکي اهو پيغام ڏنو آهي ته هو ٻين سڀني سنڌ واسين وانگر ڌرتيءَ سان محبت ڪري ٿو، جنهن کي اردو ميڊيا گهڻو هاءِ لائيٽ ڪيو آهي. هن وقت بلاول ڀٽو زرداريءَ جو سياسي مستقبل گهرن ڪارن ڪڪرن ۾ لڪل نظر اچي ٿو. ڇو ته سندس تربيت ۽ مشورا ڏيڻ واري ٽيم بنا ڪنهن سوچ ويچار جي کيس اهڙي پاسي وٺي وڃي رهي آهي، جيڪا کانئس غلطيون ڪرائي رهي آهي. ايئن ٿو لڳي ته سندس مشير ۽ استاد بلاول جو نه، پر ٻئي ڪنهن جو ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي ان کي مد نظر رکندي بلاول ڀٽو کي ڌرتيءَ بجاءِ سنڌ جو لفظ استعمال ڪرڻ گهرجندو هو. ڇو ته هي سڄو تڪرار سنڌ کي ورهائڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، سنڌ جي اندر جيڪو رد عمل ڏسجي ٿو اهو سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي پيدا ٿيو آهي. پيپلزپارٽي هن وقت سنڌ جي حڪمران پارٽي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي جي تڪ تان سيٽون کٽي اسيمبلين ۾ پهتا. بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي مان ۽ آصفه ڀٽو نوابشاهه جي سيٽن تان ٻئي اسيمبليءَ ۾ پهتا آهن.
هن ڌرتيءَ جو وسيع اصطلاح استعمال ڪري هڪ بنا سڃاڻپ ڌرتيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. اها ڌرتي ننڍي کنڊ، يورپ، آمريڪا يا آفريقا جي ڪنهن به ملڪ جي ٿي سگهي ٿي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پوري ڌرتي اسان جي آهي ۽ ان سان اسان کي محبت آهي، پر ماءُ جو درجو ته اهوئي ڌرتيءَ جو ٽڪر ٿي سگهي ٿو، جنهن مان انسان ڦٽي نڪري ٿو. جيڪا سندس رڳن ۾ هلندڙ خون جي آبياري ڪري ٿي، جيڪا سندس شخصيت سازي ڪري کيس دنيا جي مختلف ماحولن ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿي، کيس وسيلا مهيا ڪري ٿي. بلاول ڀٽو جو اهو اصطلاح ته “ڌرتي منهنجي ماءُ آهي” هڪ اهڙي ٻٽي دٻاءُ کي واضح ڪري ٿو، جيڪو هڪ پاسي سنڌ جي عوام طرفان مٿس پيدا ٿيو آهي ته ٻيو دٻاءُ مٿس اسٽيبلشمينٽ جو آهي. بلاول ڀٽو کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هو جيئن جيئن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کان پري ٿي بيهندو خطري جو شڪار ٿي ويندو. سندس اصل طاقت سنڌ ڌرتي آهي، جيڪا کيس ووٽ بينڪ فراهم ڪري سياسي طاقت ڏئي ٿي، جيڪا سندس سياسي مضبوط قلعو سمجهي وڃي ٿي. جيڪڏهن هو سنڌ ڌرتيءَ جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته پوءِ هو هر جاءِ تي ناڪام ئي رهندو. هونئن به پيپلزپارٽي پنهنجي بنيادي بيانيي جي تضاد ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان تضاد مان پارٽيءَ جو نڪرڻ في الحال مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته پيپلزپارٽي جي بنيادي سڃاڻپ هڪ “عوامي ترقي پسند ۽ مزاحمتي پارٽيءَ” واري هئي، جنهن جو نعرو ئي “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” هو، پر هن وقت پارٽي پنهنجي ان بيانيي تان مڪمل طور ٿڙي چڪي آهي. سنڌ پيپلزپارٽي جو سياسي قلعو آهي، جتي عوام پارٽيءَ کي پنهنجن آئيني حقن، پاڻي، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ جو ضامن سمجهي ووٽ ڏئي ٿو، پر جڏهن پيپلزپارٽي وفاقي اقتداري سوديبازيءَ ۾ سنڌ جي وسيلن، ڪئنالن ۽ قومپرست تحريڪن بابت متنازع بيان ڏئي ٿي ته سنڌ جو عوام اهو محسوس ڪري ٿو ته پيپلزپارٽي صوبائي مفادن کي وفاقي اقتدار لاءِ قربان ڪري رهي آهي.
هن وقت پارٽي پنهنجن ننڍن مفادن کي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ کين سنڌ جو نالو وٺڻ ۾ به خوف محسوس ٿي رهيو آهي. پارٽي صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قربانين جا نعرا هڻي سياست ڪري رهي آهي. جڏهن ته وقت تمام تبديل ٿي چڪو آهي، نئون نسل ماضيءَ کي نه، بلاول ڀٽو کي عملي طور پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي، جيڪو حڪمران پارٽيءَ ۾ هوندي به کين تعليم جو حق نه ڏئي سگهيو آهي، نه سندن روزگار جا مسئلا حل ڪري سگهيو آهي، نه ئي کين پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا آهي، نه ئي 70 لک ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن انهن جي پهچ پرائمري اسڪولن تائين ٿي سگهي آهي ۽ پوءِ جڏهن هو ڌرتي منهنجي ماءُ آهي جهڙا منجهيل جملا پوسٽ ڪري ٿو ته اهي اڃان وڌيڪ تضاد پيدا ڪن ٿا. بلاول ڀٽو کي شايد خبر ناهي ته ڀلي سنڌ ۾ تعليم نظام ڪمزور هجي، پر عوام اندر فڪري شعور ۽ سجاڳي موجود آهي. پارٽي کي پنهنجو احتساب ڪري، پئسي ۽ اقتدار جي سياست ڇڏي نظرياتي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. بيشڪ هيءَ هڪ وفاقي پارٽي آهي، اسلام آباد جي پاور سينٽرن ۾ ان جو هجڻ ضروري آهي، پر جڏهن سندن حڪومت ۾ سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي ته کين اهي عهدا ڇڏي مڪمل طور تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻو پوندو. نئين نسل کي پاڻ ڏانهن ويجهو ڪرڻ لاءِ انهن جا مسئلا سمجهي حل ڪرڻا پوندا. بيڊ گورننس جا سبب ڳولهي عملي طور شفاف حڪمراني نافذ ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي نظرياتي سياست کان پري ٿي رڳو اقتدار جي انتظام ڪاريءَ واري واٽ تي هلندي ته اهڙي تضاد جو شڪار ٿيڻ ان جو منطقي نتيجو بڻجي ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟