پاڪستان جا قداور صحافي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اقتدار جي لنگرخانن جي اندروني خبر گيري ڪندي
پاڪستان جي اردو ميڊيا جو هڪ نامور صحافي جيڪو پنهنجي مخصوص انداز جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سندس هڪ ڪالم “نئين صوبي نئين منصوبي” نظر مان گذريو. جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ نون صوبن واري سوچ جي مضبوطي جو پنهنجن لفظن سان اعلان ڪيو آهي ۽ هن چيو آهي ته هاڻي اهو منصوبو هاڪي مئچ وانگر بال ڊي ۾ پهچڻ واري نازڪ مرحلي تي پهچي چڪو آهي. جيڪڏهن ڌڪ درست نشاني تي لڳو ته “گول” ۽ جيڪڏهن غلطي ٿي وئي ته معاملو وري ٻيهر بال کي ڊي ۾ آڻڻ تائين هليو ويندو. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته پنجاب پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي ٻين سڀني صوبن جي لاءِ هڪ سامراج بڻيل آهي. اتي ويٺل هر ڌر سامراج جو هڪ ڌڙو آهي. اتان جا ڪيترائي صحافي به انهن ساڳين مفاد پرست ٽولن جو حصو رهيا آهن. سندن رشتو صرف اقتدار ۽ ان اثر ۽ رسوخ سان رهيو آهي، جنهن جو اصل مقصد طاقت حاصل ڪرڻ آهي ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته پنجاب ۾ صاف سٿري صحافت ڪرڻ وارن جي ڪمي آهي. يقينن اتي اهڙا صحافي به موجود آهن جن تمام محنت ڪري پنهنجو صحافتي مقام حاصل ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ اهي صحافي به آهن جن پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ ان بنياد تي ٺاهي آهي ۽ انهن جو جهڪاءُ هميشه طاقت واري توازن طرف لڙيل رهيو آهي. اهڙن صحافين ۾ ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا، جن کي خبرون اندران ملن ٿيون ۽ پوءِ ڪڏهن اهي چڙيا ٻاهر ڪڍي اچي ٿي ته ڪڏهن وري تمام نفاست سان ويهي “نئين صوبي نئين منصوبي” جهڙا ڪالم لکيا وڃن ٿا.
هينئر به ڪيترائي ولاگر اهو ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڌڙا ڌڙ طاقتور ڌرين کان مليل خبرن کي بيڪري جي گرم گرم ڪيڪن وانگر وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن اهڙا اصطلاح ايجاد ڪيا آهن جنهن سان سڄو معاملو ڪنهن هڪ لفظ ۾ بند ڪري عوام کي هڪ اهڙو مخصوص پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جو ان کانپوءِ عوام جو دماغ جڪڙجي وڃي ٿو ۽ ائين لڳندو آهي ته اڳتي باقي ڪجهه بچيو ئي ناهي. جهڙوڪ “فيصلو ٿي چڪو آهي، پليئرز، اسٽيڪ هولڊرز، مڪ مڪا، هڪ پيج” اهي اهڙا اصطلاح آهن جن تي انهن جي جرنلزم جو بنياد رکيل آهي ۽ سندن اصل انداز مختلف وقتن ۾ سنسني خيزي ڦهلائڻ لاءِ اهڙي طريقي سان خبرن جي پيڪنگ ڪرڻ آهي جو ڪڏهن اهي پنهنجي لکڻ جي انداز ۾ هلڪي ڦلڪي کِل مشڪري ته ڪڏهن ڪا اهڙي ئي روداد بيان ڪندا آهن جنهن سان دل اداس ٿي ويندي آهي ۽ پڙهڻ وارو هميشه اهو محسوس ڪندو رهندو آهي ته هن کي اندر جون خبرون ضرور آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي صحافي پنهنجي فن ۾ نڀاءُ ڪندڙ هڪ هوشيار ۽ تجربو رکندڙ پاور جرنلسٽ ته ضرور آهي، پر کيس هڪ عام ماڻهو آئيني حڪمراني يا فڪري ۽ اصول پرست صحافت جو نمائندو هر گز نه ٿو چئي سگهجي. هو هميشه اهڙي رپورٽنگ ڪندو آهي ۽ اهڙي سياسي راندين جو ذڪر ڪندو آهي جنهن سان هڪ پڙهندڙ کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هو حقيقي ڪنٽرول ڪندڙ اقتداري ايوانن جون خبرون پيش ڪري رهيو آهي.
هن وقت پاور هائوس سياسي صحافت جو حصو بڻجندڙ ڪيترائي صحافي اٿندي ويهندي بريفنگس ڏيندي، ولاگ ڪندي، عوام جو ذهن، ان جي نفسيات ۽ ان جي پاڪستاني هجڻ جي ناتي ان جي آئين تان يقين کڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ۽ ان ڳالهه تي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آئين جي ڪابه حيثيت نه آهي، ڇو ته آئين کان وڌيڪ طاقتور ڌريون آئين کي اُڏائي سگهن ٿيون ۽ سياسي پارٽيون ته سڀ ڪٺپتليون آهن جنهن جي پنهنجي ڪابه منشا ۽ مرضي نه آهي. اها به حقيقت آهي ته صحافت هن وقت ملڪ ۾ اشرافيه ۽ پاور اسٽيبلشمينٽ جو سياسي هٿيار بڻيل آهي. جنهن جي ڪري اهي مرڪزيت پسندي جو نقطو بار بار اٿارڻ جي لاءِ شرمندگي محسوس نه ٿا ڪن. سندن نظر ۾ صوبن کي غير آئيني طور تي ٽوڙڻ، ننڍن صوبن جي حقن جي مٿان ڌاڙو هڻڻ، تاريخي وحدتن کي ٽوڙڻ، صوبن جي ثقافتي حقن کي ڳڙڪائڻ، ارسا، اين ايف سي، صوبائي خودمختياري جهڙن مسئلن تي ڳالهائڻ بدران هو هڪ اهڙي راهه هموار ڪري رهيا آهن جيڪا نه صرف صحافت جي منهن تي هڪ ڪارو ڌٻو بڻجي اڀري رهي آهي. بلڪه اهي هن ملڪ جي عوام جي نفسيات سان کيڏي ان کي سياسي طور ڪمزور ڪري رهيا آهن. اهي تجزيه نگار جڏهن پنهنجن ڪالمن ۾ آئين کي ڪمزور ۽ آئين جي هيٺان هلندڙ ادارن کي مضبوط ڄاڻائن ٿا ته اهي حقيقت ۾ عوام جي اندر سجاڳي پيدا ڪرڻ بجاءِ ميڊيا مينيوپوليشن ۽ پاور سينٽرن جي ترجمان صحافت ڪندي نظر اچن ٿا. اسان سڀني کي باريڪ بيني سان اهڙي صحافت کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟