سنڌ جي سياسي شطرنج ۽ ملا نصيرالدين جو گڏهه
جيئن جيئن سنڌ جون بلدياتي چونڊون ويجهو اچڻ واريون آهن تيئن تيئن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا ايم پي اي مختلف بيان ڏئي ڪيڏي مهل ايوان کلائين ٿا ته ڪڏهن ڪاوڙائين ٿا. هن وقت سندن ڪردار هڪ مسخري جهڙو بڻجي چڪو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جا نمائندا به انهن جي مزاج موجب جواب ڏيندا رهن ٿا. 23 جون 2026 تي سردار شاهه ايم ڪيو ايم جي مسلسل راڳن ٻڌڻ کانپوءِ هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته ننڍي کنڊ جو هڪ ڪردار ملا نصير هڪ ڀيري گڏهه تي ابتو ويٺو هو ڪجهه راهگيرن پڇيس ته ملا گڏهه تي ابتو ڇو ويٺو آهين؟ تنهن تي ملا وراڻيو ته پٺيان ايندڙ خطرن کي ڏسڻ لاءِ، تنهن تي انهن چيس ته اڳيان ايندڙ خطرن کي ڪير ڏسندو؟ ملا جواب ڏنو، “گڏهه.” سو اسان جي هن سياسي پارٽيءَ جو به اهوئي حال آهي جو اها ماضيءَ ۾ ايترو ڀوڳڻ کانپوءِ به سامهون وارا خطرا نظر انداز ڪري پٺين خطرن کي ڏسي رهي آهي. سڀ شيون وساري پنهنجي مصنوعي بحاليءَ جي ڇانو ۾ اهڙي سياست ڪري رهي آهي، جيڪا کيس ايندڙ خطرن کان بچائي نٿي سگهي. ايم ڪيو ايم کي مٿي تي چاڙهڻ به شايد وفاق جي مجبوري آهي. جڏهن وفاق پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ سخت محنت ڪري ٿو ته ان قسم جي سياست ڪرڻي پويس ٿي. وفاق پ پ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر هيلو هلايو آهي ۽ کيس ڪمزور ڪري سنڌ تائين محدود به ڪيو آهي، پر پ پ هميشه پنهنجي بقا لاءِ اقتدار جي ايوانن ۾ “پريگميٽڪ پوليٽڪس” ڪئي آهي. اها عملي سياست زميني حقيقتن کي ڏسي کيڏي پئي وڃي، جنهن پيپلزپارٽي جي وجود کي برقرار رکي ميدان تي بيهڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي مضبوطي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ خوش آئند ڪونهي. انهيءَ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي وقتي طور آڪسيجن ڏيڻ ۽ ان جي قد بت کان وڌيڪ طاقت ڏئي ان کي متحرڪ ڪري رهي آهي. ڇو ته هيءَ واحد پارٽي آهي، جنهن جي سياست ٻن شين تي بيٺل آهي، هڪڙو سندن “اڻٽر نظرياتي تعصب” ٻيو شهر ۾ سندن “خوف ۽ عسڪري طاقت.” هاڻي ٻئي شيون ختم ٿي چڪيون آهن. هن وقت ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي، پر اسٽيبلشمينٽ پراڻي تصوير کي نئين فريم ۾ سينگارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا هاڻي وقت جي تبديلين کانپوءِ قابل قبول ناهي. جيڪڏهن ايئن هٿرادو ڪم ڪيو ويو ته ان جا نتيجا ملڪ لاءِ هاڃيڪار ٿيندا.
هي سڄو ڊرامو بلدياتي اليڪشن مان پي ٽي آءِ جنهن کي نوجوان طبقي جي حمايت حاصل آهي ۽ پيپلزپارٽي جي اسپيس کي گهٽ ڪرڻ لاءِ کيڏيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم کي اڳيان ڪري اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڄڻ اها راند صرف پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٿي رهي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ کي قانوني ڪيسن ۽ تنظيمي ڪمزورين ۾ ڦاسائي اليڪشن جي اڏام کان اڳ ئي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جڏهن ته پ پ هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين سان گڏوگڏ ڪراچيءَ جي ملير، لياري، اورنگي ٽائون، سرجاڻي ٽائون، قصبه ڪالوني، منگهو پير مطلب ته اولهه وارن علائقن ۾ گهڻي مضبوط آهي، شهر جو ميئر به سندن آهي. ايم ڪيو ايم ڪا طاقت نه، صر هڪ اوزار وانگر استعمال ٿي رهي آهي. هي اهو وقت ناهي جڏهن پرويز مشرف ايم ڪيو ايم جي هٿ تي شهر جون چاٻيون رکيون ۽ رياستي سرپرستي ڏني. 2001 ۾ نئين ضلعي حڪومتن واري نظام سان ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ سوڌو شهري علائقن ۾ طاقتور بڻايو ويو. مصطفيٰ ڪمال ڪراچيءَ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو، جنهن جي دور ۾ چائنا ڪٽنگ، 12 مئي جهڙا واقعا، ٻوريءَ ۾ بند لاش مليا.
انهيءَ سونهري دور ۾ سڀ کان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو 12 مئي 2007 جو هو جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري جي آمد تي ڪراچيءَ کي يرغمال بڻايو ويو. ان کان علاوه سٽي ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو گهيرو ڪري رستا بند ڪيا ويا، وڪيلن کي يرغمال بڻايو ويو. 14 مئي تي ڪراچيءَ جي طارق روڊ تي واقع ايم اي جناح روڊ جي ويجهو هڪ بلڊنگ ۾ وڪيلن جي چيمبر کي باهه ڏئي پنجن وڪيلن کي زنده ساڙيو ويو. ڪرسيءَ جو نشو ڏاڍو خراب آهي. جڏهن پروٽوڪول ۽ حيثيت کان وڌيڪ اقتدار ملندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ذهن تان ميسارجي ويندو آهي. موجوده قيادت کي به جيڪا سياسي اڏام ملي رهي آهي، ان ۾ سندن ذاتي بقا ۽ وزراتون ته بچنديون، پر انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ويندا ته نه رڳو سندن هٿن مان اقتدار ويندو، پر انهن جا اهي ڪيس به کولي اڳيان رکيا ويندا، جيڪي في الحال بند آهن. اها سڄي راند ٻڌائي ٿي ته سياسي پارٽيون جڏهن پنهنجا نظريا وڃائين ٿيون ته انهن کي گڏهه تي ابتو ويهڻو پوي ٿو ۽ اڳيان ايندڙ خطرن جي بجاءِ پٺين خطرن کي غير منطقي طور ڏسڻو پوي ٿو. ان سڄي راند ۾ پيپلزپارٽي پريگميٽڪ پوليٽڪس ڪري جڏهن سندس گهيرو تنگ ڪيو وڃي ٿو ته مفاهمت به ڪري ٿي. اصل ۾ پيپلزپارٽي ارڙهين ترميم جي حفاظت لاءِ جڏهن مضبوط ارادي سان بيهي ٿي ته ان کي ايم ڪيو ايم ذريعي جيڪا گڏهه تي ابتي ويٺل آهي، ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش اهائي آهي ته سنڌ ۾ ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به هڪ پارٽيءَ کي مڪمل طور تي طاقتور ٿيڻ نه ڏجي، پر پيپلزپارٽي پنهنجي پريگميٽڪ پوليٽيڪس جي ذريعي مستقل طور انهن حالتن جو مقابلو ڪندي پاڻ کي زنده رکيو آهي، پر مضبوط به ڪيو آهي، بلڪه پنهنجي اقتدار جي دائري کي وسيع ڪري GB تائين پهتي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪيستائين ايئن پٺيان ايندڙ خطرن کي جاچيندي رهندي ۽ سامهون وارن خطرن کي نظر انداز ڪندي رهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟