سنڌ جي وحدت تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ قلمڪار ڪانفرنس
23 آگسٽ 2026 تي “سنڌ اسان جو ناقابل تقسيم تاريخي وطن آهي” جي عنوان سان پريس ڪلب حيدرآباد ۾ قلمڪار ڪانفرنس گهرائي وئي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جنهن پارٽيءَ کي سنڌ جي عوام مينڊيٽ ڏئي سنڌ جي جاگرافيائي حدن، وسيلن بلڪه ان جي تاريخ، ان جي ثقافت، ان جي ادارن جي حفاظت لاءِ ايوانن ۾ ويهاريو آهي، ان پارٽيءَ جي حڪومت هيٺ سڄي شهر جي ناڪابندي ڪري هڪ خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. خبر ناهي ته سنڌ حڪومت اهڙو شرم جوڳو قدم ڇو کنيو؟ حڪومتي رستا روڪ باوجود به سنڌ سان محبت رکندڙ ليکڪن جو هڪ وڏو انگ جن ۾ بنا ڪنهن ٻوليءَ جي فرق جي دانشور، صحافي، شاعر ۽ آرٽسٽ شامل ٿيا ۽ اهو عزم دهرايو ته سنڌ سنڌين جو ناقابل تقسيم تاريخي وطن آهي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سنڌ جو هر فرد پنهنجي ذميداري ادا ڪندو. سنڌ جي تقسيم سنڌ جي عوام کي نه آئيني طريقي سان قبول هوندي ۽ نه ئي غير آئيني طريقي سان. ڇو ته سنڌ ڪنهن معاهدي تحت ڪنهن طاقت جي هٿان وجود ۾ آيل وحدت ناهي. بلڪه هي هزارين سالن کان سنڌو درياءَ سان گڏ وجود ۾ ايندڙ انڊس ويلي جو حصو آهي، جنهن جو تخليقڪار سنڌو درياءَ آهي.
سنڌ پنهنجن وسيلن ۽ خوشحالي جي ڪري هميشه سختين ۾ رهي آهي، اهي سختيون ۽ چئلينج ئي آهن جن هڪ عام ماڻهو کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍجي رهڻ جو شعور عطا ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ اندر ڪجهه فڪري تضاد به نظر اچن ٿا، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته قلمڪارن کي ان معاملي تي ان قسم جا ميڙاڪا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بلڪه انهن کي پنهنجين لکڻين ذريعي پنهنجو بيانيو ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ اهڙو فڪري طبقو موجود آهي جيڪو سمجهي ٿو ته سنڌ جو باشعور پڙهيل لکيل طبقو جنهن ۾ قلمڪار، صحافي، دانشور ۽ ذميدار سوچ رکندڙ فرد شامل آهن، انهن سڀني کي گڏجي پنهنجو هڪ متفقه بيانيو جوڙي طاقتور ڌرين کي پيغام ڏيڻ جي ضرورت آهي. سماج هڪ هلندڙ لقاءُ هوندو آهي، جتي مختلف وقتن ۾ مخلتف شيون ٿي رهيون هونديون آهن، جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن لاءِ پسند جوڳيون ته ڪجهه ناپسنديده هونديون آهن.
اصل ۾ ڪنهن به عمل ۾ قوم جو فائدو ڏسڻ ضروري آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سياسي پارٽين کان علاوه هر فڪري طبقي جو آواز ان معاملي تي اٿڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو متفقه بيانيو جڙڻ گهرجي، جيڪو انهن ڌرين لاءِ پيغام هجي جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تقسيم چاهين ٿا. ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان مان هر فرد انتهائي ذميداريءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بغير ڪنهن سوديبازيءَ جي بيٺل هجي. سياست خاص طور تي عملي ۽ اقتداري سياست تڪڙن مفادن، لوڪل ۽ عالمي دٻاءُ يا سوديبازي جو شڪار ٿي ويندي آهي. اتي ئي قلمڪار جو اصل ۽ باوقار ڪردار شروع ٿئي ٿو. جڏهن سياسي پارٽيون مصلحتن جي ور چڙهي پنهنجي ئي بيانين تان هٿ کڻڻ لڳنديون آهن تڏهن قلمڪار ان بيانيي جي روح کي زنده رکي ٿو، جيڪو پارٽين کي انهن جا بنيادي واعدا ۽ مقصد ياد ڏياريندو آهي. سياستدان ايندا ۽ ويندا رهندا، پنهنجا موقف بدلائيندا رهندا، پر تاريخ ۾ قوم جي موقف تي بغير ڪنهن سوديبازي کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم قلمڪار جو آهي. تاريخ جي هر دور ۾ اهو رواج به عام رهيو آهي ته بااثر ۽ اقتدار ۾ رهندڙ ڌريون قلمڪارن کي سرڪاري عهدن، انعامن، زمينن ۽ ٻين فائدن سان نوازينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ قلمڪار جهڪي پوندا آهن. جڏهن رياست جو جبر وڌندو آهي ته اهڙي ئي وقت ۾ قلمڪار جو به امتحان شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجي قلم سان سماج اندر ان ڏاڍ خلاف آواز اٿاريندو آهي. جڏهن هڪ سياسي پارٽي پنهنجن اصولن تي سمجهوتو ڪندي آهي ته اهڙو سمجهوتو سندس پاليسيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي، پر جڏهن قلمڪار سمجهوتو ڪندو آهي ته اهو عوام جي نظرن مان پنهنجو اخلاقي وقار ۽ اعتماد وڃائي ويهندو آهي.
هن وقت رياستون به جبر جي نظام ۾ تبديلي آڻي نرم جبر اختيار ڪري قلمڪارن، دانشورن ۽ ميڊيا هائوسن کي اهڙي چڪر ۾ آڻي چڪيون آهن جو قلم به وڪرو ٿيندڙ جنس سمجهي وڃي ٿي. سرڪاري ۽ خانگي مراعتون، حڪومتي ڪميٽين جي ميمبرشپ ۽ ٻيا انعام اڪرام يا وري ڪنهن شخصيت کي اڳيان ڪرڻ اهي سڀ اهڙا سونا پڃرا آهن جن ۾ نه صرف عوام جو حق قيد ٿئي ٿو، بلڪه هڪ ليکڪ جو قلم به قيد ٿي وڃي ٿو. جڏهن هڪ قلمڪار پنهنجي قلم کي هڪ طاقتور جي قربت جو وسيلو بڻائي ٿو ته هو پنهنجي اصل طاقت تان دستبردار ٿي وڃي ٿو، سندس لفظ بي اثر ٿي وڃن ٿا، ان جي ابتڙ جڏهن هڪ قلمڪار بنا ڪنهن سوديبازيءَ جي عوام لاءِ لکي ٿو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي قلم کي امانت سمجهي ٿو تڏهن ئي عوام مٿس اعتبار ڪري ٿو. هڪ قلمڪار لاءِ عوام جو اعتبار سڀني کان وڏو انعام ۽ تمغو هجڻ گهرجي. عوام جيڪو اصل ڌرتي ڌڻي آهي هن وقت مايوس نظر اچي ٿو. ان کي نه پنهنجي چونڊيل نمائندن تي اعتبار آهي نه قومپرست پارٽين تي ۽ نه ئي مڪمل طور تي پنهنجي قلمڪار ۽ دانشور طبقي تي. جڏهن عوام جو اعتماد کڄي وڃي ته اهو هڪ سياسي بحران نه، بلڪه اهو قوم جي اجتماعي وجود جي خطري جي علامت بڻجي ويندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته قوم جن نمائندن کي چونڊي ايوانن ۾ ويهاريو آهي، اهي پنهنجي اقتدار جي سوديبازي کان گريز ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي عوام آڏو احتساب لاءِ پيش ڪن ۽ عوام کي به گهرجي ته جيڪڏهن سندن چونڊيل نمائندو پنهنجو احتساب ڪرائڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ان کي پنهنجي حلقي ۾ به پير رکڻ نه ڏين. اسان جي قلمڪار، دانشور ۽ اديب کي حڪومت کان جيڪي به مراعتون مليل آهن اهي واپس ڪن ته جيئن اهي آزاد ٿي پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن. اسان جي قومپرست ڌرين کي به پنهنجي نظرياتي شفافيت ۽ خود احتسابي جو عمل پنهنجي پارٽين کان شروع ڪرڻ گهرجي، لڪل سمجهوتن کان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪن ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪن جيڪا کين هڪ طاقت ۾ تبديل ڪري نه ڪي ٽڪرن ۾ ورهائي. جيستائين اهي ٽئي ڌريون پنهنجو حقيقي احتساب نٿيون ڪن، تيستائين عوامي مايوسي ختم نه ٿيندي. سچي قيادت، فڪر ۽ مزاحمت اهائي آهي جيڪا لالچ ۽ خوف جي بنياد تي نه، پر اخلاقي جرئت ۽ سچائي جي بنياد تي بيٺل هجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟