مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ نون صوبن لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ مذهبي انتها پسندن جي سنڌ ۾ آمد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هاڻي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي رهيو ته سنڌ جي وحدت مٿان جيڪي حملا ٿي رهيا آهن، ان جي پويان اهو ساڳيو نوآبادياتي نظام وارو ماڊل موجود آهي. جنهن مطابق برٽش ۽ پورچوگيز سڄي دنيا کي پنهنجون ڪالونيون بڻائي وسيلن جي لٽ مار ڪئي. هن وقت سنڌ جو عوام پنهنجي قوت سان ۽ سنڌ حڪومت آئيني طريقي سان ان سڄي حملي جو مقابلو ڪندي نظر اچي رهي آهي، پر حملا آور قوتون هڪ کانپوءِ ٻيو طريقو اختيار ڪندي نظر اچن ٿيون. 20 سيپٽمبر 2026ع تي ايم ڪيو ايم جي جلسي جي ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻي پاليسي لساني سياست کان هٽائي مذهبي ڪارڊ کيڏڻ طرف ڌڪي وئي آهي. هاڻي مذهبي فرقيواراڻي نعرن ۽ تنظيمن جي مدد سان اهڙين شخصيتن کي سنڌ ۾ موڪلڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مولانا اورنگزيب فاروقي جيڪو بنيادي طور اهلسنت و الجماعت ۽ ان سان گڏوگڏ تاريخي طور تي سپاهه صحابه پاڪستان سان به گڏ رهيو آهي. فاروقي صاحب ڪراچيءَ جي سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو.
پاڻ هڪ سختگير مذهبي رهنما طور مشهور آهي. سندس نالي سان ڪڏهن “سياسي جماعت” ته ڪڏهن “مذهبي تنظيم” ته ڪڏهن “ڪالعدم تنظيم” جهڙا لفظ استعمال ٿيندا رهن ٿا. کيس هاڻي سنڌ اماڻي نون صوبن ٺاهڻ لاءِ مذهبي فرقيواريت جو سهارو وٺي ماڻهن کي رستن تي ڪڍي صوبا ٺاهڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. يقينن اهڙين حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشعور سياسي، سماجي ۽ فڪري طبقي کي انتهائي رٿابندي، صبر ۽ حڪمت عملي سان ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي عوام جي رهبري ڪندڙن واضح مقصد ۽ بصيرت سان اهڙين حڪمت عملين کي غير اثرائتو ڪيو آهي. هن وقت اسان جو اصل ڌيان ان طرف هجڻ گهرجي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي روڪيو وڃي، نون ڪئنالن کي وهائڻ کان اڳ انهن جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي وڃي، ان لاءِ اسان جي صحافتي طبقي کي ۽ ميڊيا هائوسن کي انتهائي ڌيان سان اهڙين خبرن کي اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي جيڪي قومي مفاد ۾ اهم آهن. ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جي پاڻي ۽ معيشت جي وجودي سوالن کي نظرانداز نه ٿيڻ گهرجي. اهڙن فرقيواراڻن مسئلن کان عوام کي پري رکڻ ۽ اشتعال بدران پرامن رهڻ جي هدايت ڪرڻ گهرجي. اسان سڀني جو ڌيان ان طرف هجڻ گهرجي ته سياسي ۽ سماجي سطح تي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اردو، پشتون، بلوچي ۽ ٻيون سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙن، اتان جي مستقل رهواسين سان رابطي ۾ رهون ۽ انهن کي هم خيال بڻائي سگهون. سول سوسائٽي، ليکڪن، وڪيلن کي آئيني ۽ قانوني محاذ تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هر طرح سان تيار رهڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي نظر رکڻ گهرجي ته اهي ارسا جي قانون ۾ ترميمون ٿيڻ نه ڏيندا، صوبائي وحدت خلاف ٿيندڙ حڪمت عملين کي چئلينج ڪندا ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ اهڙيون مطالعاتي ويهڪون منعقد ڪيون وڃن، جن سان عوام کي اها خبر پوڻ گهرجي ته بنيادي مسئلو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ آهي.
اسيمبلين ۾ ويٺل نمائندن تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته اهي سياسي مفادن لاءِ خاموش رهڻ بدران سنڌ جي پاڻي، وحدت ۽ امن جو شفاف طريقي سان تحفظ ڪن ۽ گڏوگڏ ان مذهبي فرقيواراڻي حملي جي مذمت ڪن ۽ ان کي قانوني ۽ آئيني طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪن. صوفياڻي ۽ رواداري فڪر رکندڙ طبقي کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ڀٽائي، سچل سرمست، روحل فقير ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙن صوفين جي تعليمي ۽ ترقي پسند تحريڪن سان پاڻ ڳنڍي وطن ۽ سنڌ جي وحدت جو درس ڏيڻ جي ضرورت آهي. انهن مذهبي عالمن کي نڪرڻو پوندو، جيڪي نه صرف مذهب دوست آهن، بلڪه اهي سنڌ ڌرتيءَ سان به محبت ڪن ٿا. ڇو ته سنڌ اندر عوام مسجد، امام بارگاهه، مندر يا چرچ سڀني کي هڪ جهڙي عزت ڏئي ٿو. هن وقت جيڪا جنگ سنڌ جي مٿان مڙهي وئي آهي، ان جي پويان زراعت، نوان ڪئنال، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون، اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽائڻ جهڙا آئيني مسئلا ڦاٿل آهن. اهي آئيني حق جيڪي سنڌ جي عوام کي آئين ڏئي ٿو، ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهيءَ لاءِ سنڌ جي عوام کي ڪمزور ڪري لساني، مذهبي ۽ انتها پسنداڻي بيانيي اڳيان زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بنا ڪنهن تفريق جي سنڌ جي تاريخ، صوفياڻي روح ۽ عوامي سجاڳيءَ جو اهو فرض ادا ڪيو وڃي ته سڀ گڏجي پنهنجي تاريخي اظهار سان پنهنجي ڌرتي، پنهنجن وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ گڏجي ان جو آئيني دفاع ڪن. ان لاءِ ضروري آهي ته منظم فڪري انداز ۾ عوامي تحريڪ ذريعي انهن طاقتور ڌرين جو مقابلو ڪجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو