مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا ايران معاهدو، گڏيل قومن جي ادارن جي بحالي ۽ پاڪستان جو مستقبل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

22 جون 2026 تي سوئٽزرلينڊ جي رزورٽ برگن اسٽاڪ ۾ آمريڪا-ايران وچ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ قطر ثالث طور شرڪت ڪئي. سڄي دنيا جون نظرون ان تقريب مٿان لڳل هيون. ننڍن وڏن لاهن چاڙهن کانپوءِ نيٺ ان معاهدي تي ڪاميابيءَ سان صحيحون ٿيون، جيڪو في الحال هڪ 60 ڏينهن جو معاهدو آهي، جنهن کي اڳتي هلي سفارتي لاڳاپن ذريعي مستقبل لاءِ هڪ مڪمل امن معاهدي جي صورت ۾ تبديل ڪيو ويندو. دنيا جي رياستي ملڪن ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ خوامخواهه جنگ ڪرڻ ڪنهن به ملڪ لاءِ فائديمند ناهي. ان هوندي به طاقتور طاقت جي مستيءَ ۾ جيڪا اسان کي يونيپولر ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا اندر نظر آئي اهڙيون حرڪتون ڪيون جنهن سان ڪمزور ملڪن مٿان حملا ڪيا ويا. نيٺ آمريڪا جو يونيپولر طاقت وارو نظام اڄ ڊهي پيو آهي. هن معاهدي کانپوءِ دنيا تبديل ٿي چڪي آهي. ايران جهڙي ڪمزور ملڪ شاندار حڪمت عملي ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا سان مقابلو ڪري پنهنجي طاقت ۽ عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، جو اڄ هڪ طاقتور ملڪ کي آمريڪا جي اڳيان گوڏا کوڙي معاهدو ڪرڻو پيو آهي، اها تاريخ جي هڪ وڏي تبديلي آهي جيڪا هن وقت دنيا ۾ موجود سڀئي ملڪ ڏسي رهيا آهن. هن معاهدي کانپوءِ گڏيل قومن جي ماتحت ادارن خاص طور تي IAEA (ايٽمي توانائي جي عالمي اداري) جي اهميت ۽ حيثت ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي.
معاهدي جي سڀ کان اهم شرط ايران جي ايٽمي پروگرام جي نگراني آهي گڏيل قومن جي اداري جي انسپيڪٽرن کي پنهنجي ايٽمي مرڪزن تائين ٻيهر مڪمل پهچ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن سان بين الاقوامي سطح تي شفاف نگراني لاءِ گڏيل قومن جي اداري کانسواءِ ٻيو ڪوبه متبادل ناهي. جيتوڻيڪ اڃان تائين هي عبوري معاهدو آهي، ان کي مستقل شڪل ڏيڻ ۽ عالمي قبوليت ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو سهارو ورتو ويندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو ادارو ضامن طور سامهون آيو آهي. گڏوگڏ هرمز پيچري جي ٻيهر کلڻ کانپوءِ امدادي سامان جي پهچ ۽ عالمي تجارت جي قانوني تحفظ ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي اهميت وڌي وئي آهي. 2015ع ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اوباما جي دور ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي ڪابه پابندي نه مڙهي وئي هئي. 2018ع ۾ ٽرمپ جي پهرين دور حڪومت ۾ ان معاهدي تان هٿ کنيو ويو ۽ اتان گڏيل قومن جي اداري جي بيوسي شروع ٿي. هن وقت گڏيل قومن جي لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي ته هو ايندڙ 60 ڏينهن جي ڳالهين ۾ هن معاهدي کي ڪنهن به سياسي تبديلي کان بچائي هڪ مستقل امن روڊ ميپ تيار ڪري، جنهن جو سڀ کان وڏو خطرو اسرائيل کان ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هن معاهدي ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل جي صفن اندر تمام گهڻي بيچيني پيدا ٿي چڪي آهي. هن معاهدي کي ناڪام بنائڻ لاءِ اسرائيل ڪابه حرڪت ڪري سگهي ٿو. جنهن کان خبردار رهڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن کي ذهانت ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. اسرائيل آمريڪا جي اندر موجود ايران مخالف لابي جي ذريعي حڪومت تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو. اهڙي ڳنڀير ماحول ۾ ايران آمريڪا معاهدو گڏيل قومن ۽ IAEA جو هڪ ڀيرو ٻيهر بااثر ٿي سامهون اچڻ دنيا لاءِ هڪ خوشخبري آهي.
ثابت اهو ٿيو آهي ته ڪوبه طاقتور ملڪ اڪيلي سر عالمي امن کي تباهه ۽ برباد نٿو ڪري سگهي. اتي هڪ گڏيل ۽ اڻ ڌري عالمي پليٽ فارم جي ضرورت کي رد نٿو ڪري سگهجي. اهو پليٽ فارم جنهن کي آمريڪي صدر ٽرمپ “آمريڪا فرسٽ” جي پاليسيءَ تحت “ٽرانزيڪشنل ملٽي ليٽرلزم” جنهن جو مطلب آهي “متبادل قومپرست بلاڪ” جو نالو ڏئي هڪ نئون پليٽ فارم ٺاهيو هو ۽ هن پنهنجي هن ٻئي دور دوران گڏيل قومن جي بنيادي اصولن کي چئلينج ڪري پنهنجي نئين پليٽ فارم کي متبادل طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو مقصد گڏيل قومن جي ڪلائميٽ چينج جي پروگرامن، انساني حقن ۽ عالمي صحت واري ايجنڊا کي ڪمزور ڪرڻ هو. نه صرف ايترو، پر هن عالمي تجارتي اداري (WTO) ۽ گڏيل قومن جي اقتصادي اداري کي باءِ پاس ڪندي مختلف ملڪن تي پنهنجي مرضيءَ جا ٽيرف ۽ ٽيڪس نظام لاڳو ڪري هڪ خاص اقتصادي ڪلب ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو اصل مقصد گڏيل قومن جي اداري جي اثر کي ختم ڪرڻ هو. ٽرمپ جو خيال هو ته گڏيل قومن جهڙا ادارا آمريڪا جا وسيلا ضايع ڪري رهيا هئا، تنهنڪري دنيا کي عالمي قانونن بدران مفادن جي بنيادن تي ٺهيل پليٽ فارمن تي هلڻ گهرجي. ايران، آمريڪا معاهدي ٽرمپ جي هن سياسي تصور کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان گڏيل قومن جي عقل و فهم ۽ فڪر کي وري زنده ڪيو آهي جنهن تحت گڏيل قومن جا ادارا تعمير ڪيا ويا هئا. ٽرمپ ايران هٿان آمريڪا کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي، جنهن گڏيل قومن جي اداري/IAEA جي اڻ ڌري حيثيت کي بحال ڪيو آهي. هاڻي ٻنهي ملڪن کي IAEA جي انسپيڪٽرن تي ئي يورينيم جي ذخيرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ سڄي عمل جي نگرانيءَ لاءِ نتيجن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. ان پروپيگنڊا کي شڪت ملي آهي ته گڏيل قومن جا ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن. ٽرمپ جي شروع کان ئي اها ڪوشش هئي ته آمريڪا اڪيلي سر دنيا جا فيصلا ڪري، پر سندس بيوقوفين آمريڪا کي وقت کان اڳ ڪمزور ڪري ٻين طاقتن کي مضبوط ٿيڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا آهن. هينئر يقينن اسان تبديل دنيا ۾ بيٺل آهيون ۽ هاڻي ان ڳالهه تي معاهدي جي ذريعي ٺپو به لڳي چڪو آهي. ماضيءَ جا ڪجهه سال دنيا لاءِ تمام ڳرا گذريا جنهن ۾ گڏيل قومن جا ادارا ڪمزور ٿيا، ڪمزور ملڪن مٿان جنگين جو خوف طاري رهيو ۽ ڪجهه ڪمزور ملڪن مٿان حملا ڪري انهن کي چيڀاٽيو ويو، پر وقت اهو ثابت ڪيو ته دنيا چاهي ڪيتري به جديد ۽ طاقتور ٿي وڃي، پر آخري رستو ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي امن طرف وڃي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جنهن کي ڀارت مستقل ڪوششن سان سڄي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجو سموريون توانائيون صرف ڪري ڇڏيون، اڄ پاڪستان، ايران-آمريڪا معاهدي ۾ هڪ طاقتور ثالث طور اڀري سامهون آيو آهي، جنهن جو اعتراف دنيا جو هر ملڪ ۽ هر شعبو ڪري رهيو آهي. هن معاهدي کي صرف ايم او يو نه، بلڪه اسلام آباد ايم او يو جو نالو ڏنو ويو آهي.
پاڪستان پاڻ کي هڪ بااثر ۽ ذميدار ملڪ طور مڃايو آهي. پاڪستان لاءِ صرف مڃتا ثالثي جو ايوارڊ ناهي، بلڪه هن معاهدي جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان جي معيشت ۽ پاڪستان جي خوشحالي جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. جنهن ۾ سڀني کان وڏو فائدو پاڪستان کي ايران سان پنهنجا معاشي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ حاصل ٿيندا. حقيقت ۾ ايران مٿان معاشي پابنديون اڻ سڌي طرح پاڪستان جي معيشت مٿان پابنديون هيون، جيڪي هاڻي پاڪستان تان به لٿيون. اميد آهي ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين جو منصوبو مستقبل ۾ جلد ئي مڪمل ٿيندو، جنهن جو ايران وارو حصو ته اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي. ان منصوبي جي تڪميل سان پاڪستان جي توانائي جي کوٽ پوري ٿيندي، صنعتي ۽ ملڪي توانائي جي کوٽ پوري ٿيڻ سان پاڪستان اندر ترقيءَ جو ڦيٿو تيز رفتاريءَ سان ڦرندو، جنهن جو اثر مستقبل جي هر شعبي تي نظر ايندو. جنهن سان نه رڳو معاشي ترقي ٿيندي، بلڪه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جو به خاتمو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بينڪنگ چئلنز ذريعي قانوني طريقي سان ڪاروباري سلسلا شروع ٿيندا، جنهن ۾ زراعت، پيٽرو ڪيميڪل ۽ ڪيمائي ڀاڻ، سرحدي مارڪيٽون ۽ آزاد تجارت، بينڪنگ سسٽم جي ڪنيڪٽوٽي، لاجسٽڪس جو مضبوط سلسلو شروع ٿيندو. ان سان سي پيڪ جنهن ۾ ايران به شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي، ان کي به شامل ٿيڻ جو موقعو ملندو. جيڪڏهن مستقبل بيني ڪري ڏسجي ته گوادر بندرگاهه ۽ ايراني چابهار بندرگاهه پوري خطي ۾ “سسٽر پورٽس” طور گڏجي سينٽرل ايشيائي ملڪن تائين واپار کولي سگهن ٿيون. هن وقت بلوچستان ۾ امن امان جو مسئلو رڳو فوجي يا انتظامي ناهي، بلڪه ان جون پاڙون اتان جي معاشي بدحالي سان به ڳنڍيل آهن. اميد آهي ته آمريڪا ايران معاهدو نه صرف انهن ٻن ملڪن جي معيشت لاءِ بلڪه پوري دنيا سان گڏوگڏ پاڪستان جي معيشت لاءِ به هڪ نئون خوشحاليءَ جو دور شروع ڪندو ۽ دنيا هڪ نئين پر امن دور ڏانهن وڌندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو