ڀارت ۾ مون سون جي برساتن سان چناب ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ ۽ سنڌوءَ جي سسٽم ۾ به پاڻيءَ جي بهتر صورتحال
ڀارت ۾ هن وقت سانوڻي جي موسم پوريءَ طرح سان شروع ٿي چڪي آهي، جنهن جو آغاز معمول مطابق ڪيرالا جي ساحل (مالابار) وٽان ٿيندو آهي. هن وقت جولاءِ جو مهينو هلي رهيو آهي، جيڪو ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ سانوڻي (مون سون) جي برساتن جي شروعات وارو دور هوندو آهي. ڀارت جي جابلو علائقن ۾ هن وقت تيز برساتون هلي رهيون آهن، جن ۾ مقبوضه ڪشمير، اتر ڀارت، هماچل پرديش ۽ هندستان جي اتر کنڊ جا جابلو علائقا شامل آهن. هي علائقو هماليائي جبلن جي سلسلي ۾ واقع آهي. هنن برساتن سبب چناب، جهلم، راوي، ستلج ۽ ٻين ندين نالن وٽ پاڻيءَ جا وڏا ريلا ٺهي پاڪستان جي دريائن ڏانهن وڌي رهيا آهن. ڀارت جي جابلو پٽيءَ ۾ انهن سانوڻي جي برساتن سبب سلال ڊيم ۽ ٻين هائيڊرو پروجيڪٽن ۾ پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جنهن سبب اضافي پاڻي چناب درياءَ جي هيٺئين پاسي يعني پاڪستان ڏانهن ڇڏيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي جاگرافي گڏيل هجڻ جي ڪري ڀارت مان سانوڻي جي مينهن سبب ايندڙ پاڻي پنجاب ۽ سنڌ ۾ داخل ٿي دريائن ۾ سانوڻيءَ جي ٻوڏ ۽ پاڻيءَ جي صورتحال کي بهتر بڻائيندو آهي. هن وقت هيڊ مرالا تي پاڻيءَ جو دٻاءُ آهي، ڇو ته چناب درياءَ ۾ پاڻي سڀ کان پهرين پاڪستان ۾ هيڊ مرالا مان داخل ٿيندو آهي. ڀارت ۽ مقبوضه ڪشمير ۾ مٿانهن علائقن ۾ تيز برساتن سبب هن وقت مرالا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. اهو پاڻي هيڊ مرالا کانپوءِ قادر آباد بئراج ڏانهن وڌندو آهي، جتي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن پاران مسلسل مانيٽرنگ ڪئي ويندي آهي.
ان پاڻيءَ جي اچڻ سان اڃان تائين سنڌو درياءَ ۽ سنڌ تي ان جو ڪوبه غير معمولي اثر نظر نه پيو اچي. جڏهن اهو وهڪرو پنجند وٽان ٿيندي سنڌو درياءَ (مٺڻ ڪوٽ) ۾ شامل ٿيندو ان وقت سڌو اثر گڊو بئراج، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي پاڻي جي وهڪرن تي پوندو. اهائي ڳالهه سمجهڻ جي آهي، جيڪا اسان جي وفاق کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته پاڻيءَ جي گهٽ هجڻ واري صورتحال ۾ جڏهن جلال پور ڪئنال جهڙا واهه وهايا ٿا وڃن ته ان پاڻيءَ جي گهٽتائي سنڌي سنئين سنڌو تي اثر انداز ٿئي ٿي. هن وقت ڀارت مان ايندڙ چناب درياءَ جو پاڻي پنهنجي پوري سفر دوران پنجاب جي زمينن کي سيراب ڪندي آخر سنڌو درياءَ جي سسٽم ۾ شامل ٿيندو. اهو پاڻي پنجند وٽان باقي دريائن سان گڏجي چناب درياءَ ۾ جهلم، راوي ۽ ستلج درياءَ جو پاڻي شامل ٿيندو آهي، جيڪي گڏجي پنجاب جي احمد پور شرقيه ويجهو پنجند وٽ اچي پاڻ ۾ ملندا آهن. پنجند کانپوءِ ان گڏيل وهڪري کي “پنجند درياءَ” چيو ويندو آهي، جيڪو پوءِ ضلعي راڄڻپور جي شهر مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌوءَ ۾ شامل ٿيندو آهي. مٺڻ ڪوٽ وٽان سنڌو درياءَ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ اهو پاڻي ترتيبوار گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ پوءِ ڪوٽڙي بئراج ۾ اچڻ کانپوءِ مختلف ڪئنالن کي پاڻي فراهم ڪندي ڊيلٽا ڏانهن ويندو آهي. ان پاڻيءَ جي آخري منزل عربي سمنڊ آهي. اهو پاڻي سنڌو ڊيلٽا ۾ ٺٽي، سجاول جي ساحلي علائقن کان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. قدرت جو پاڻي عطا ڪرڻ لاءِ بهترين نظام هن خطي کي حاصل آهي، جنهن جي ذريعي سانوڻي جي مند ۾ برساتن ذريعي ٻنهي ملڪن کي پاڻيءَ جو تمام وڏو ذخيرو فراهم ٿئي ٿو. اصل ڳالهه اها آهي ته قدرت انسانن سان نا انصافي نٿي ڪري، پر انسان انسان سان نا انصافي ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي. سندس دل ۾ لالچ اچيو وڃي، اها لالچ کيس نه صرف پنهنجي ماحوليات کي نقصان پهچائڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي، بلڪه فطرت جي نظام کي تبديل ڪرڻ ۽ ان جي ڀڃ ڊاهه تي مجبور ڪريو ڇڏي.
جڏهن ڀارت مان برساتن يا ڊيمن مان نڪندڙ اضافي پاڻي چناب ۾ شامل ٿيندو آهي ته انڊس سسٽم ۾ پاڻيءَ جي مجموعي صورتحال بهتر ٿي ويندي آهي. سنڌو لاءِ چناب جو هي اضافي پاڻي تمام گهڻو اهم آهي. ڇو ته ان پاڻيءَ سان فصلن ۽ زمينن جي زرخيزي لاءِ مٿان کان زرخيز مٽي به ان پاڻيءَ سان گڏجي سنڌو ۾ وهي هيٺ اچي ٿي ۽ جڏهن پاڻي ڊيلٽا تائين وڃي ٿو ته اهو دريائي ماحوليات ۽ سمنڊ جي کاڌ کي به روڪي ٿو. ڀارت کان پنجند تائين پاڻيءَ کي سفر ڪندي 3 کان 5 ڏينهن لڳي وڃن ٿا ۽ پنجند کان گڊو تائين پهچڻ لاءِ پاڻيءَ کي 24 کان 48 ڪلاڪ سفر ڪرڻو پوي ٿو. چناب ۽ مٿين دريائن ۾ برساتي ريلن سبب سنڌو درياءَ جي مجموعي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. بئراجن ڏانهن پاڻيءَ جي رفتار جاري آهي. سنڌ ايريگيشن کاتي جي ويب سائيٽ مطابق روزانو جي بنياد تي گڊو بئراج ۾ هن وقت 43 هزار 205 ڪيوسڪ پاڻي پهچي رهيو آهي، پر هيٺئين پاسي پاڻيءَ جو ڇوڙ (0) آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته سڄو آيل پاڻي بئراج مان نڪندڙ ڪينالن ۾ موڪليو پيو وڃي يا ڊيم ۾ روڪيو ويو آهي. اميد آهي ته جلد ئي سنڌو درياءَ جي صورتحال بهتر ٿيندي سنڌوءَ ۾ پاڻي چڙهندو ۽ سنڌ جي آبادگارن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو نه صرف ايترو، بلڪه سنڌ حڪومت کي پاڻيءَ جي بهتر مئنيجمينٽ لاءِ اڃان به وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جڏهن پاڻي لهي ٿو ته ان پاڻيءَ کي ڪيئن بهتر طريقي سان ورهائي سنڌ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن کي سندن زراعت لاءِ پورو سال پاڻي فراهم ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي وڃي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟