مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت جو “ايجوڪيشن سٽي” منصوبو ۽ خطري ۾ آيل تاريخي ڳوٺ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جديد طرز تعمير ۽ منصوبن سان ترقي ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، پر ترقي انساني حقن ۽ تاريخ جي تباهيءَ کانپوءِ آندي وڃي ته اها ڪڏهن به ترقي نٿي ڪوٺرائي سگهي. هيستائين سنڌ حڪومت سنڌ جي پرائمري تعليمي نظام ۾ ڪابه بهتري آڻي نه سگهي آهي ۽ لکين ٻار پرائمري نظام جي تباهيءَ جي ڪري يا ته اسڪولن کان ٻاهر آهن يا اهي هاير سيڪنڊري ۾ پڙهڻ جي قابل ناهن. سنڌ جو پرائمريءَ جو تعليمي نظام اڃان بهتر ئي ناهي ٿيو ته سنڌ حڪومت کي “ايجوڪيشن سٽي” جو منصوبو ٺاهڻ ياد پيو آهي. جنهن لاءِ لڳ ڀڳ 8 هزار کان 9 هزار ايڪڙ زمين سپر هاءِ وي M-9 جي ويجهو مخصوص ڪرڻ جون خبرون اڳيان اچي رهيون آهن. تمام سٺي ڳالهه آهي ته ان منصوبي ۾ عالمي معيار جا ادارا، تحقيق جا سينٽر ۽ وڏين يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا، جتي جديد بنيادي ڍانچي کي تعمير ڪري ليبارٽريون ۽ رهائشي سهولتون ڏنيون وينديون، پر سوال ٿو اٿي ته ان سڄي منصوبي لاءِ اسان وٽ ان جا بنياد ته موجود ئي ناهن. پوءِ ان ايجوڪيشن سٽي جو ڇا ڪجي، جنهن جي قيمت اتان جا ڳوٺاڻا ۽ تاريخي ڳوٺ ادا ڪندا، اهي ماڻهو جيڪي اتي ڪيترن ئي نسلن کان آباد آهن، اهي ڪيڏانهن ويندا؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام ۽ تاريخ کان ايتري وڏي قيمت وٺي اهو منصوبو تعمير ڪري رهي آهي ته اهڙي منصوبي کي تعمير ٿيڻ نه گهرجي.
ڇو ته سنڌ ۾ ترقيءَ جي نالي تي عوام سان هميشه دوکا ۽ دولاب ڪيا ويا آهن. جنهن جو مثال بحريه ٽائون سٽي آهي. جنهن ۾ هزارين تاريخي ڳوٺن، زرعي زمينن، برساتي نئين کي تباهه ڪري چوديواري اندر هڪ اهڙو منصوبو تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو اشرافيه لاءِ آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته جڏهن سنڌ ۾ ٻاهرين ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ تعميراتي منصوبا جوڙيا وڃن ٿا ته سنڌ جي قديم تاريخي شهرن کي تاراج ڪري انهن جي مٿان جديد تعميراتي منصوبا ٺاهيا وڃن ٿا. جڏهن ته M-9 جي ٻنهي پاسن کان لکين ايڪڙ زمين موجود آهي، حڪومت ان کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، جتي ڪنهن به ڳوٺ کي يا ڪنهن به وسنديءَ کي متاثر نه ٿيڻو پوي. ترقي جيڪڏهن توازن، انساني بنيادي اصولن جي بنياد تي ڪئي وڃي ته ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو. هن وقت سوشل ميڊيا تي اهڙن ڳوٺاڻن جو مستقل احتجاج نظر اچي رهيو آهي، جتي ان منصوبي جي تياري ٿي رهي آهي اتي آسپاس سنڌ جون ڪيتريون ئي پراڻيون آباديون جن ۾ جوکيا، پالاري، برفت، ٽالپر ويٺل آهن.
ان کان علاوه خاصخيلي، ڪلمتي وستيون پڻ اتي ٻني ٻاري سان وابسته آهن. ان کان علاوه انهن ڳوٺن ۾ ڪيترائي مالوند ماڻهو جيڪي اتي صدين کان رهن ٿا انهن جا ڳوٺ به منصوبي جي اثر هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. نه صرف ايترو، بلڪه انهن جا تاريخي قبرستان ۽ قديم اثاثو جنهن ۾ چوڪنڊي جو قبرستان به ممڪن آهي ته متاثر ٿئي. جڏهن ته قانون حڪومت سوڌو سڀني کي پابند بڻائي ٿو ته ترقيءَ جا پراجيڪٽ ٻين جي آئيني حقن جي مٿان نه ٺاهين. آئين جو آرٽيڪل 24 هر شهريءَ کي جائيداد ۽ ملڪيت جو بنيادي حق ڏئي ٿو. “1894ع لينڊ ايڪوائيزيشن ايڪٽ” تحت جيتوڻيڪ حڪومت عوامي مفاد لاءِ زمين حاصل ڪري سگهي ٿي، پر ان لاءِ انتهائي سخت قانوني مرحلا طئي ڪرڻ ضروري آهن. اڳواٽ شفاف نوٽيس جاري ڪرڻ لازمي آهي، مقامي ماڻهن، مالڪن ۽ رهاڪن جا اعتراض ٻڌڻ حڪومت تي فرض آهي. ان کان علاوه مارڪيٽ جي موجوده شرح مطابق متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي معاوضو ڏيڻ يا متبادل رهائش فراهم ڪرڻ کان بغير زبردستي اٿارڻ يا انهن جون وسنديون برباد ڪرڻ غير قانوني عمل آهي. “سنڌ ڳوٺ آباد ايڪٽ 1987ع” ڳوٺن کي تسليم ڪرڻ، انهن جي سروي ڪري ڳوٺاڻن کي سندون ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو. 1985ع يا ان کان اڳ وارن قديمي ڳوٺن کي اٿارڻ بدران انهن کي مالڪاڻه حق ڏئي آباد ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان کان علاوه قديمي ورثي جو تحفظ جنهن ۾ قديمي قبرستان يا چوڪنڊي جهڙا آثار موجود آهن اهي علائقا “سنڌ ڪلچرل هيريٽيج پروٽيڪشن ايڪٽ” تحت محفوظ ٿيل آهن، انهن کي ڊاهڻ يا برباد ڪرڻ سخت ڏوهه آهي. سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا اهو واضح ڪري چڪا آهن ته بغير ڪنهن متبادل حڪمت عملي ۽ معاوضي جي ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ انساني بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي. قانون ته هڪ وڻ کي به پنهنجي جاءِ تان ڪٽڻ جي اجازت نٿو ڏئي، سنڌ حڪومت ڪيئن پنهنجن تاريخي ڳوٺن کي اهڙيءَ طرح برباد ڪري اتي نوان منصوبا ٺاهي سگهي ٿي. جڏهن ته حڪومت متبادل زمين ٻي ڪنهن خالي جاءِ تي حاصل ڪري سگهي ٿي. هن وقت سرمائيداري نظام تيزيءَ سان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجا پر پکيڙي رهيو آهي. عوام سنڌ حڪومت کي پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ ووٽ ڏئي ايوانن ۾ ويهاريو آهي. اها ئي حڪومت انهن جا بنيادي حق ڦري انهن کان انهن جي تاريخي سڃاڻپ ڦرڻ چاهي ٿي. حڪومت جي ان زيادتي واري قدم کڻڻ سبب ئي عوام ۽ مقامي تنظيمون ان کي ترقيءَ جي نالي تي زمينن تي قبضو قرار ڏين ٿيون. حڪومت جي پٺڀرائيءَ سبب وڏيون وڏيون پرائيويٽ هائوسنگ اسڪيمون تعمير ٿي رهيون آهن، گڏاپ ۽ ملير جا ماڻهو اڳ ئي بحريه ٽائون جي توسيع واري منصوبي کان ڌڪ کاڌل آهن ۽ هاڻي هي ايجوڪيشن سٽي عوام جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. بلڪه سنڌ جي تاريخ مٿان ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. وزيراعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سڀني کي هڪ دفعو ان منصوبي تي ٻيهر غير ڪرڻ ۽ زمين کي ٻئي هنڌ ڳولهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا ڪنهن وسنديءَ کي متاثر نه ڪري. ترقي اها ئي پائيدار ٿيندي آهي، جنهن ۾ انساني بنيادي حق متاثر نه ٿين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو