مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي قرض سان 838 اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جو منصوبو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

2016ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان سخت عوامي احتجاج کانپوءِ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ غير فعال ۽ گهوسٽ اسڪولن جو خاتمو ڪرڻ، بايو ميٽرڪ نظام ذريعي حاضريءَ کي يقيني بنائڻ ان ايمرجنسي پاليسيءَ ۾ شامل ڪيون ويون. هن لاڳو ڪيل تعليمي ايمرجنسي جا عملي نتيجا گڏيل رهيا. بايو ميٽرڪ حاضري سسٽم ذريعي گهوسٽ استادن جي نشاندهي ٿيندي پئي وڃي ۽ آهستي آهستي عوام اندر گهوسٽ استادن خلاف نفرت وڌي رهي آهي. اسڪولن ۾ استادن جون ڀرتيون، آءِ بي اي ٽيسٽن ذريعي ٿي رهيون آهن، جنهن سان ميرٽ تي نئون رت اسڪولن ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) ماڊل تي عمل ڪرڻ سان ڪافي بهتري نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته ڪيترائي چئلينج اڃان تائين موجود آهن.
اڄ به لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، چار ديواري، فرنيچر ۽ واش رومن جي سهولت اڻلڀ آهي. ٻارن جو علمي جائزو ورتو وڃي ته سندن بنيادي علمي بصيرت پنهنجي نصاب ۽ ڪلاس مطابق نظر نٿي اچي، جنهن سان تعليم جو بنياد پوي ٿو. 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ انهن سڌارن کي اڃان وڌيڪ ڌڪ هنيو. ڇو ته هزارين اسڪولن جون عمارتون استعمال ڪرڻ جوڳيون نه رهيون. هن وقت سنڌ حڪومت ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان جنهن ۾ ADB سنڌ حڪومت کي 82.5 ملين آمريڪي ڊالر قرض ڏنو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت جديد تعليمي، بنيادي ڍانچو تيار ڪري ٻارن کي معياري اسڪول فراهم ڪري سگهي، جن ۾ سائنس ۽ ڪمپيوٽر ليبارٽريون، مناسب فرنيچر ۽ بنيادي سهولتون شامل هجن. هن رٿا ۾ انهن پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ جتي ڇوڪرين لاءِ مڊل ۽ هاءِ اسڪولن تائين رسائي ناهي اتي اسڪول تعمير ڪرڻ ۽ ڇوڪرين کي اسڪولن تائين پهچائڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. تعميرات ۾ ٻوڏن ۽ آفتن جي اثر کي نظر ۾ رکندي اسڪولن جي عمارتن کي ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن جي سٽ سهڻ جهڙو بڻايو پيو وڃي.
ADB پاران تعميراتي معيار، ناڻي جي شفافيت ۽ انتظامي شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ سخت اصول ۽ فريم ورڪ مقرر ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ سڀني عمارتن جا ٺيڪا ۽ سامان جي خريداري صرف اوپن ٽينڊرنگ ذريعي ٿيندي. ٽين پارٽي بڊنگ، مانيٽرنگ جي نظام تحت ايشيائي ترقياتي بينڪ جون پنهنجون خود مختيار ٽيمون هونديون، جيڪي شفافيت ۽ قابليت کانسواءِ ڪنهن کي به ٺيڪو نه ڏينديون. تعميرات دوران زمين جي حاصلات، ماحول ۽ مقامي آباديءَ تي پوندڙ اثرن لاءِ اصول مقرر ڪيا ويا آهن. شڪايتون درج ڪرڻ جو نئون نظام پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن منصوبي جي تحويل ۽ تعمير دوران مقامي آبادي، استادن يا والدين جي شڪايتن کي ٻڌي سگهجي. ADB پاران ان ڳالهه جو خاص خيال ڏنو ويو آهي ته اهي اسڪول گهوسٽ اسڪول يا وڏيرن جون اوطاقتون بڻجڻ کان محفوظ رهن. ان لاءِ جڳهه جي چونڊ جو سائنسي معيار، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ استادن جي باقائدي حاضري جو بايو ميٽرڪ بندوبست، ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ جنهن ۾ خود مختيار ادارن جي ذريعي ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان صرف سرڪاري رپورٽن تي انحصار نه ڪيو ويندو، پر بين الاقوامي ماهرن جون ٽيمون اماڻيون وينديون ۽ جائزو ورتو ويندو. گڏوگڏ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل نظر داري پڻ ڪئي ويندي. جنهن ۾ هر اسڪول جون جاگرافيائي تصويرون، لوڪيشن، تعميراتي پيش رفت ۽ هلندڙ حالت جي جيو ٽيگنگ ٿيل سيٽلائيٽ رپورٽنگ شامل هوندي. تعمير ٿيندڙ اسڪول ڇهين درجي کان ميٽرڪ واري سطح جا هوندا، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 کان 500 ٻارن جي گنجائش پيدا ڪئي ويندي. گڏوگڏ اسڪولن جي اندر سائنس ليب، ڪمپيوٽر ليب ۽ لائبريرين جي سهولت پڻ شامل هوندي. هن منصوبي تحت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڌار ڌار اسڪول تعمير يا مرمت ڪيا ويندا. سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروويمينٽ پروجيڪٽ (SSEIP) تحت تعمير ٿيندڙ يا مرمت ڪري اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ وارن مجموعي اسڪولن جو هدف 838 آهي، جنهن ۾ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول اپگريڊ ۽ تعمير ٿيڻا آهن.
پهرين مرحلي جا نوان اسڪول 160 کان وڌيڪ جديد ايجوڪيشن مئنيجمينٽ آرگنائيزيشن ماڊل اسڪول ٻڙيءَ کان تعمير ڪيا ويندا، باقي ٻين اسڪولن جي اپگريڊيشن يا مرمت ڪئي ويندي. جنهن ۾ خاص طور تي ڏهن پٺتي پيل ڏورانهن ضلعن جن ۾ بدين، ٺٽو، سجاول، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري ۽ ڄامشورو شامل آهن. هر اسڪول کي سنڌ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم ڪوڊ مليل هوندو. جيڪو هڪ قسم جو اسڪول جو شناختي ڪارڊ نمبر هوندو. جنهن سان اسڪول جي وجود جي تصديق، ان جي لوڪيشن ۽ اسڪول جي مڪمل ڊيٽابيس سنڌ حڪومت جي سرڪاري پورٽل تي ڏسي ۽ ڳولهي سگهبي. حڪومتون مختلف طريقن سان ڪم ڪري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ منصوبا تيار ڪنديون آهن، پر انهن منصوبن مان عوام کي ان وقت ئي فائدو ملي سگهي ٿو، جڏهن عوام انهن منصوبن جي مالڪي ڪري، انهن ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين کي پنهنجي ذاتي دلچسپي سان وائکو ڪري ۽ انهن منصوبن جي حفاظت پنهنجن نسلن جي حفاظت سمجهي. عوام ان سڄي معلومات جي تصديق ۽ نظرداري جي لاءِ بين الاقوامي پروجيڪٽ پورٽل ADB پروجيڪٽ نمبر 51030-110 يا سرڪاري پورٽل ۽ شڪايتي سيل SSEIP (GRM): www.sseip.gos.pk تي وڃي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. جيستائين عوام انهن سڀني شين تي واچ ڊاگ ٿي نه بيهندو تيستائين حڪومت جا کنيل سٺا قدم به اهي نتيجا نه ڏئي سگهندا، جن جو اسين خواب ڏسندا آهيون. معلومات مطابق هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي به اسڪولن تائين آندو ويندو. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن تائين وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته سنڌ حڪومت کي يقينن پوليس ۽ امن امان تي پوءِ گهڻو خرچ ڪرڻو نه پوندو ۽ اها سنڌ حڪومت جي هڪ وڏي تاريخي ڪاميابي ليکبي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو