سمنڊ مان هڪ ڀيرو ٻيهر آف شور ڊرلنگ لاءِ ترڪيه جو جهاز پاڪستان پهچي ويو
ترڪيه هن وقت اسلامي ملڪن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. جنهن ۾ مصنوعي ذهانت سان گڏوگڏ دفاعي ٽيڪنالاجي ۽ ڊرون انقلاب ذريعي ان شعبي ۾ تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ترڪيه پنهنجي قومي خلائي ايجنسي ذريعي خلا ۽ سيٽلائيٽ جي شعبي ۾ به اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ مقامي سطح تي تيار ڪيل ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽس Turksat 6A ترڪيه کي انهن ملڪن جي قطار ۾ بيهاريو آهي، جيڪي پنهنجا ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ڊزائين ۽ تعمير ڪري سگهن ٿا. گڏوگڏ ترڪيه گهري سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس ڳولهڻ جي شعبي ۾ پڻ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي. هن وقت هن ملڪ وٽ هڪ جديد ترين بحري ٻيڙو جيڪو گهرن سمنڊن جي پاڻيءَ ۾ ڊرلنگ ڪري سگهي ٿو، جيڪو ترڪيه جي سرڪاري توانائي ڪمپني (TPAO) وٽ چار الٽرا ڊيپ واٽر ڊرلنگ جهاز ۽ ٻه سيسمڪ ريسرچ جهاز موجود آهن. ترڪيه وٽ سمنڊ جي مٿاڇري کان 3 هزار ميٽر هيٺ پاڻيءَ ۾ وڃي سمنڊ جي تري کان به وڌيڪ 12 هزار ميٽرن تائين کوٽائي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر پاڪستان جي حوالي سان اها ڳالهه اهم آهي ته ترڪيه وٽ ڳولهڻ ۽ کوٽڻ جي ٽيڪنالاجي ته پوري آهي، پر پاڪستان جي سمنڊ جي خاص طور تي انڊس آف شور بيسن جي ارضياتي بناوٽ ڪافي پيچيده آهي.
ماضيءَ ۾ “ايگزون موبل” ۽ “اين آءِ” جهڙين وڏين عالمي ڪمپنين به هتي کوٽائي ڪئي. 2019ع ۾ ڪيڪڙا-1 کوهه کوٽيو ويو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ سمنڊ جي تري مان تيل ۽ گئس ڳولهڻ جو سڀ کان وڏو مهانگو ۽ گهڻو شهرت ماڻيندڙ منصوبو هو. ان وقت جي وزيراعظم عمران خان قوم کي وڏي اميد ڏياري هئي ته تيل جو وڏو ذخيرو ملي سگهي ٿو، پر 100 کان 140 ملين ڊالر خرچ ٿيڻ کانپوءِ ڪيڪڙا-1 مان تيل حاصل نه ٿي سگهيو ۽ ان کوهه کي بند ڪيو ويو. تيل ۽ گئس ٻه اهڙا قدرتي وسيلا آهن جيڪي ڪنهن به ملڪ جي قسمت تبديل ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن پاڪستان جي سمنڊ مان تجارتي مقدار ۾ تيل يا گئس هٿ اچي وڃي ٿو ته ان جا اثر رڳو پاڪستان جي معيشت تائين محدود نه رهندا، پر ملڪ جي مالياتي آزاديءَ کانپوءِ، توانائي جي سلامتي ۽ عالمي سياسي حيثيت کي مڪمل طور تبديل ٿي ويندي. هن وقت اسان ٻاهران گهرايل تيل جي قيمت ادا ڪرڻ جي صورت ۾ ٻاهران ورتل قرضن جو هڪ وڏو حصو امپورٽ بل جي صورت ۾ ادا ڪيون ٿا ۽ پاڪستان جي 80 کان 85 سيڪڙو تيل ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪيو وڃي ٿو. 15 کان 18 ارب ڊالر هر سال ڪچي تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ايل اين جي جي درآمد تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. سمنڊ مان تيل نڪرڻ جي صورت ۾ سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيندو ته ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ بار بار آءِ ايم ايف يا دوست ملڪن کان قرض وٺڻا پون ٿا ان مان جان ڇٽي پوندي. نه صرف ايترو، بلڪه اسان پنهنجي پيداوار ٻين ملڪن کي تيل ۽ گئس جي صورت ۾ اماڻي سگهنداسين. آف شور تي تيل نڪرڻ سان ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ مڪران جي ساحلي پٽيءَ تي پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽري جو قيام ٿيندو جنهن سان عوام کي خوشحالي نصيب ٿيندي. ماهرن موجب پاڪستان جي سمنڊ مان ڪچي تيل جي ڀيٽ ۾ قدرتي گئس ملڻ جا امڪان وڌيڪ آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته رڳو تيل يا گئس جو ملڻ ڪافي ناهي، پر ان جو ذخيرو ايترو هجڻ گهرجي جو اربين ڊالرن جي پائيپ لائين وڇائڻ جو خرچ پورو ٿي سگهي ۽ ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته سمنڊ ۾ تيل جي ڳولها جو عمل مسلسل جاري رهي. ڇو ته ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ۾ پهريون يا ٻيون کوهه کوٽڻ سان تيل نه مليو ۽ ان کانپوءِ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا.
ناروي جي لاءِ ارضياتي ماهرن سرڪاري طور اعلان ڪيو ته اتر سمنڊ ۾ تيل جو هڪ ڦڙو به نٿو ملي سگهي. 1966ع کان 1969 تائين عالمي ڪمپنين اتي 32 کان وڌيڪ کوهه کوٽيا ۽ آخر ۾ 33 هين ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. اهڙي طرح ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ گيانا ۾ 40 کوهه کوٽڻ کانپوءِ ڪاميابي حاصل ٿي. سعودي عرب جي دمام ۾ 7 کوهه کوٽڻ کانپوءِ آرامڪو ڪمپني بڻي. برازيل جي سرڪاري ڪمپني پيٽرو براس ڏهاڪن تائين کوٽائي ڪندي رهي، پر لوڻ جي هڪ ٿلهي تهه هيٺان کوٽڻ ناممڪن سمجهيو ويندو هو. آخر 2006ع ۾ اها لوڻ جي تهه ٽوڙي ٽيوپي فيلڊ مان اربين بيرل تيل لڌو ويو. اميد ڪجي ٿي ته پاڪستان جي سامونڊي تيل جي ڳولها جو عمل به وچ ۾ اڌورو نه ڇڏيو ويندو ۽ ان کي تيل ڳولها جو عمل نجي يا پرڏيهي سيڙپڪار ڪمپنيون مسلسل جاري رکنديون ۽ هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو جو پاڪستان جي سامونڊي پٽيءَ مان اربين بيرل تيل حاصل ٿيندو، جنهن سان پوري پاڪستان جي عوام جي قسمت بدلجي ويندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟