مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارت ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي اڳواڻيءَ ۾ نوجوانن جي مزاحمت، ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ تبديليءَ جو وڏو اهڃاڻ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۽ ڀارت آزاديءَ کانپوءِ ٻن ڌار سياسي نظامن سان اڳتي وڌندا رهيا. ڀارت هڪ ترقي پسند سيڪيولر جمهوري ملڪ وانگر ترقي ڪندو رهيو. جڏهن ته پاڪستان هميشه مارشلائن جي ڇانوَ ۾ رهيو، پر پوءِ به ڀارت جي عوام مٿان مودي سرڪار جو اهڙو ته منحوس پاڇو پيو آهي، جو اتي انتها پسندي، پنهنجا نوازڻ، ڪرپشن ۽ نوجوانن لاءِ موقعا گهٽ ٿيڻ واري صورتحال شروع ٿي وئي آهي. نئون نسل (جينزي) خاموشيءَ سان جيڪڏهن شين کي ڏسي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هو بيحس ٿي چڪو آهي يا اهو پنهنجي ملڪ جي تاريخي جبر ۽ حڪمرانن جي بيحسي کي قبول ڪري چڪو آهي. ڪجهه عرصو اڳ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون نوجوانن جون تاريخي مزاحمتي تحريڪون اسان جي ڏکڻ ايشيائي حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن. پاڪستان جي عوام لاءِ به پاليسيون بند ڪمرن ۾ ٺهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان نه پنهنجي اڳواڻ سان ڳنڍيل آهي ۽ نه ئي کيس شاگرد سياست ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن ان جي اندر بيچيني ۽ ڪاوڙ ڀري ڇڏي آهي. حڪومتون انهن سڀني نتيجن کان بي پرواهه پاليسيون ٺاهينديون رهن ٿيون. ڀارت ۾ هڪ جج جڏهن ڀارت جي بيروزگار نوجوانن لاءِ ڪاڪروچ جو لفظ استعمال ڪيو ته نتيجي ۾ هڪ آن لائين “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” جو بنياد پئجي ويو، جيڪو مزاحمت جو اعليٰ مثال آهي. نوجوانن اندر قدرت جيڪا توانائي ڀري هوندي آهي اها جيڪڏهن مزاحمت جي صورت ۾ ٻاهر اچي ته اها بارود جو ڪم ڪندي آهي.
هن وقت ڀارت جو نوجوان بيچين آهي ۽ اتان جي تعليمي وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ڇو ته نوجوان مٿس اهو الزام لڳائي رهيا آهن ته هن مختلف امتحانن جا پيپر ليڪ ڪيا آهن، جنهن جو فائدو اتان جي اليٽ ڪلاس کي ڏنو ويو آهي ۽ نوجوانن پنهنجي اتحاد سان 21 جولاءِ 2026 تي نئين دهلي ۾ نريندر موديءَ جي رهائشگاهه اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ راهول گاندي به شامل هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. نوجوانن جو پنهنجن حقن لاءِ ٻاهر رستن تي نڪرڻ، احتجاج ڪرڻ، پارٽيون ٺاهڻ ۽ تحريڪون هلائڻ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ انهن جو آئيني حق آهي. ڀارت ۾ اڃان تائين نوجوانن کي اهو حق حاصل آهي. جڏهن ته 1984ع ۾ پاڪستان اندر شاگردن جي سياست تي پابندي وجهي شاگردن کان سياسي تحريڪن هلائڻ ۽ پنهنجن حقن لاءِ سياست ڪرڻ جو حق ڦريو ويو. اها صورتحال صرف هڪ صوبي جي نه پر سڄي پاڪستان جي نوجوانن کي ان حق کان محروم ڪيو ويو آهي. سنڌ جو نوجوان ميرٽ جي قتل، SPSC جي اندر ڪرپشن ۽ سفارش ڪلچر جي ڪري ڪورٽن جي اندر پنهنجا ڪيس وڙهي رهيو آهي، پر ان کي ڪٿان به انصاف نٿو ملي. ڇو ته اهل نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بدعنواني، امتحاني پرچن جي ليڪ ٿيڻ ۽ سالن تائين نتيجن جي التويٰ کي ڀوڳڻ ڪري نااميدي جو شڪار آهي. ڇو ته غريب تعليم ذريعي پنهنجو حق حاصل ڪري اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ۽ اهو حق ان کان ڦريو پيو وڃي. جڏهن ته پنجاب اندر نوجوان کي اشرافيه ۽ عام ماڻهو ۾ ورهايو ويو آهي، اشرافيه جيڪو سڀني وسيلن مٿان قابض آهي ۽ ٻيو جيڪو غريب آهي پنهنجي ترقيءَ لاءِ رواجي طريقن سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ان کي وقت بوقت اشرافيه جي فرعونيت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بلوچستان جتي قدرت جا سڀئي وسيلا موجود آهن، پر اتان جو نوجوان سٺي تعليم، سٺي معيشت ۽ سٺي روزگار کان محروم آهي. ان جي پٺيان به اشرافيه، سيڪيورٽي ۽ سرداري نظام راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. جڏهن ته ڪي پي ڪي جو نوجوان امن امان جي خرابي سبب مسلسل لڏپلاڻ جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي يا وري دهشتگرديءَ جو شڪار آهي. جنهن سان سندس تعليم، تجارت ۽ ترقيءِ جي رفتار رڪجي وئي آهي. هو جنگي معيشت جو شڪار آهي ۽ اتان جو نوجوان ترقي پسند معاشري جو خواب ڏسندي ڏسندي هاڻي مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي. لڳ ڀڳ اسي سالن ۾ هن ملڪ جي چئني صوبن جي نوجوانن کي ڪڏهن به ڳنڍجي هڪ قوم بنجڻ نه ڏنو ويو.
صوبن جي وچ ۾ نفرتون وڌي وڻ ٿي چڪيون آهن، جن کين هڪٻئي کان ڌار رکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جو نوجوان به پنهنجن مسئلن جي بنياد تي هڪٻئي سان ڳنڍجڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو اسان جي اشرافيه کي ملي رهيو آهي. جڏهن تاريخ رخ بدلائيندي آهي ته حڪمرانن جا محل ۽ سندن نظام ريت وانگر ڊهي پوندا آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ نئين نسل (جينزي) پنهنجي مستقبل ملڪ اندر شفافيت ۽ پنهنجي روزگار جي ذريعن لاءِ اشرافيه جي بڻايل جديد نظامن کي لوڏي ڇڏيو آهي. پاڪستان جي حڪمرانن کي به پنهنجي بند ڪمرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي نوجوان نسل جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نوجوانن سان سڌو سنئون رابطو ڪرڻ پوندو. ڇو ته سڄي پاڪستان جو نوجوان چاهي ان جو تعلق ڪهڙي به صوبي سان آهي اهو بنا ڪنهن فرق جي ڪنهن نه ڪنهن محروميءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ڀارت اندر نوجوانن جي اها مزاحمت اسان جي پاليسي سازن لاءِ به هڪ خطري جي گهنٽي آهي، جنهن کي نظر انداز ڪرڻ بيوقوفي ٿيندي. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ نوجوان طبقو جنهن ۾ اقليتي نوجوان به شامل آهي مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. کين سياست کان ٻاهر رکي سندن اندر تنقيدي سوچ، فڪري قيادت ۽ اتحاد کي ختم ڪيو ويو آهي، پر تاريخ اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته نوجوان صرف يونيورسٽين مان نٿو سکي، هن جي جواني هن جو فڪر آهي. هينئر هو ڪنهن به سياسي جهنڊي جو محتاج ناهي. هن وقت سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي هو هڪ ورڪر به آهي ته هڪ ليڊر به بڻجي قيادت ڪري رهيو آهي. ان ڪري نوجوانن جي مسئلن کي سمجهه سان حل ڪرڻ ملڪ کي مضبوط ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ پاليسيون نوجوانن اندر موجود بارود کي باهه ڏئي سگهن ٿيون. جنهن جو اظهار هينئر اسان کي ڀارت ۾ ان کان اڳ بنگلاديش ۾ نظر آيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو