قومي راند هاڪي جي بحالي، ٽيلنٽ هنٽ کان پروفيشنل ليگ تائين
پاڪستان جي قومي راند هاڪي هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي. هڪ طرف ماضي جون شاندار ڪاميابيون، عالمي اعزاز ۽ عظيم رانديگرن جون يادون آهن، ته ٻئي طرف موجوده دور ۾ قومي ٽيم جي مسلسل ڪمزور ڪارڪردگي، مناسب منصوبابندي جي کوٽ، پروفيشنل ليگ جي غير موجودگي ۽ نئين ٽيلنٽ لاءِ محدود موقعا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران ملڪ گير سطح تي قومي انڊر-15 اسڪول هاڪي چيمپئن شپ ۽ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان يقينن هڪ اميد افزا قدم آهي، پر ان جي ڪاميابي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته اهو پروگرام ڪيترو شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ عملي ثابت ٿئي ٿو. پروگرام جو بنيادي مقصد اسڪولن مان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ موجود باصلاحيت رانديگرن کي ڳولڻ، انهن لاءِ قومي سطح تائين پهچڻ جو رستو ٺاهڻ ۽ هڪ وسيع قومي ٽيلنٽ پول تيار ڪرڻ آهي. جنوري 2027ع ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ انڊر-15 اسڪول هاڪي چيمپئن شپ منعقد ڪرڻ جو منصوبو آهي. ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي اسڪولن کي شامل ڪرڻ سان ملڪ جي مختلف علائقن مان نئون ٽيلنٽ سامهون اچڻ جا امڪان وڌندا. خاص طور تي ڇوڪرين کي به ڇوڪرن سان گڏ برابر موقعو ڏيڻ هن پروگرام جو هڪ اهم پاسو آهي. جيڪڏهن چونڊ جو عمل ميرٽ ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڪيو وڃي ته هي پروگرام پاڪستان جي هاڪي لاءِ نئين نسل تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر هتي هڪ بنيادي سوال به ضرور اٿارڻ گهرجي: ڇا ٽيلنٽ هنٽ واقعي ٽيلنٽ لاءِ هوندو يا سفارش ۽ پنهنجا نوازي لاءِ؟
اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ اهو مسئلو رهيو آهي ته موقعا اصل حقدارن بدران اثر رسوخ، سفارش ۽ ذاتي لاڳاپن جي بنياد تي ورهائجن ٿا. هاڪي جي هن پروگرام سان اهڙو هرگز نه ٿيڻ گهرجي ته فيڊريشن يا چونڊ عمل سان لاڳاپيل ماڻهن جا مٽ مائٽ، دوست يا من پسند رانديگر ئي اڳتي اچن ۽ ٻين باصلاحيت ٻارن کي نظرانداز ڪيو وڃي. قومي ٽيلنٽ پول جو مطلب ئي اهو آهي ته ملڪ جي هر ڪنڊ مان بهترين رانديگر سامهون اچن، نه ته ڪجهه مخصوص خاندانن يا ماڻهن لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن حوالي سان سنڌ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏن شهرن سان گڏ ننڍن شهرن، ضلعن ۽ ٻهراڙين ۾ به هاڪي جو ٽيلنٽ موجود آهي، پر مناسب سهولتن ۽ موقعن جي کوٽ سبب ڪيترائي نوجوان اڳتي نٿا اچي سگهن. جيڪڏهن ٽيلنٽ هنٽ جو مقصد واقعي قومي راند کي بحال ڪرڻ آهي ته سنڌ جي هر ضلعي مان شاگردن کي برابريءَ سان ٽرائلز ۾ شرڪت جو موقعو ملڻ گهرجي. ڪنهن به ٻار کي صرف ان ڪري پوئتي نه رکيو وڃي جو هو ڪنهن بااثر ماڻهو جي سفارش کان سواءِ آيو آهي. ضروري آهي ته ٽرائلز جا معيار اڳواٽ پڌرا ڪيا وڃن، چونڊ ڪميٽين ۾ قابل ۽ آزاد ڪوچز کي شامل ڪيو وڃي، رانديگرن جي فٽنيس، ٽيڪنيڪل صلاحيت، راند جي سمجھ ۽ ڪارڪردگيءَ کي واضح معيارن تحت پرکيو وڃي. ٽرائلز جي وڊيو رڪارڊنگ ۽ چونڊيل رانديگرن جا تفصيل محفوظ رکڻ سان شفافيت وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جي چونڊ ڪئي وڃي ته ان جي ڪارڪردگيءَ جو بنياد به واضح هجڻ گهرجي، جيئن ڪنهن به قسم جي پنهنجا نوازيءَ جا خدشا پيدا نه ٿين.
راند ۾ ايندڙ تبديلين سان وقت سر هم آهنگ نه ٿيڻ، فٽنيس جي معيار ۾ پوئتي رهجي وڃڻ، جديد ڪوچنگ ۽ اسپورٽس سائنس کان پري رهڻ، ڊپارٽمينٽل ٽيمن جي خاتمي ۽ مستقل روزگار جي موقعن ۾ گهٽتائي ان جا اهم سبب آهن. هڪ وقت هو جڏهن بينڪن ۽ سرڪاري ادارن جون ٽيمون رانديگرن کي روزگار فراهم ڪنديون هيون، جنهن سان هو معاشي پريشاني کان آزاد ٿي پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي سگهندا هئا. هاڻي اهڙا موقعا محدود ٿيڻ سبب والدين به پنهنجي ٻارن کي هاڪي کي ڪيريئر طور اختيار ڪرڻ لاءِ آساني سان تيار نٿا ٿين. اڳوڻي قومي رانديگر سهيل عباس پڻ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ نه، پر پلاننگ جو فقدان آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هاڪي ليگ جو 2027ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ انعقاد پڻ اميد جي هڪ ڪرن آهي. پروفيشنل ليگ نوجوان رانديگرن کي مسلسل مقابلي، معاشي سهڪار ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو موقعو ڏئي سگهي ٿي، پر ليگ به تڏهن ڪامياب ٿيندي جڏهن ان جي بنياد مضبوط هجي. حڪومت، هاڪي فيڊريشن، نجي شعبي، اسپانسرز ۽ براڊڪاسٽرز کي گڏجي اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو، جنهن ۾ رانديگرن کي مناسب معاوضو، تربيت، روزگار ۽ مستقبل جو تحفظ حاصل هجي. ساڳئي وقت اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٻيهر هاڪي جا مرڪز بڻائڻا پوندا. هر ضلعي ۾ ميدان، ڪوچنگ ۽ بنيادي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ باصلاحيت ٻارن لاءِ اسڪالرشپس ۽ تربيت جا موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهن.
پاڪستان وٽ هاڪي جي شاندار تاريخ، عوامي جذبو ۽ ٽيلنٽ اڄ به موجود آهي. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته ماضي جي ڪاميابين تي فخر ڪرڻ بدران انهن مان سبق حاصل ڪري اسڪول کان قومي ٽيم تائين هڪ شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ مستقل نظام جوڙيو وڃي. هاڪي فيڊريشن جو ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ان سفر جي شروعات بڻجي سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته نه سفارش هجي، نه پنهنجا نوازي، نه علائقائي تعصب ۽ نه ئي ڪنهن بااثر خاندان لاءِ خاص رستو. سنڌ سميت ملڪ جي هر صوبي ۽ هر ضلعي جي ٻار کي برابر موقعو ملڻ گهرجي. قومي راند جي بحاليءَ جو پهريون قدم ٽيلنٽ ڳولڻ آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم قدم حقيقي ٽيلنٽ سان انصاف ڪرڻ آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟