مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هٿ ٺوڪيو گروهه جلسي کانپوءِ ککو وکو ۽ سنڌ حڪومت جي ذميداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

20 سيپٽمبر 2026ع تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪريم آباد کان مزا قائد تائين خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ ٻين رهنمائن جي قيادت ۾ هڪ جلوس ڪڍي طاقتور ڌرين جي منصوبي کي پاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. افسوس ته اسان جو اردو ميڊيا جنهن کي عرف عام ۾ “قومي ميڊيا” چيو وڃي ٿو، جيڪو حقيت ۾ نه قومي ميڊيا آهي ۽ نه اردو ميڊيا، اهو هن وقت طاقتور ڌرين جو هٿيار بڻجي شيطاني ميڊيا طور ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن هن ننڍڙي جلوس جي پوري ڪوريج ڪئي. جڏهن ته سڄي سنڌ اندر سنڌ جو عوام نون صوبن جي شيطاني خيال خلاف مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي ته کين سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، پوءِ اها آئيني حدن اندر ڇو نه هجي، پر اردو ميڊيا انهن جلسن ۽ جلوسن کي ڪوريج ڏيڻ کان نابري واري ويٺو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جنهن کي ماضيءَ ۾ مختلف طريقن سان سنڌين سان ويڙهايو ويو، پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آبادي انهن طاقتور ڌرين جي ايجنڊا کي سمجهندي باشعور ٿي چڪي آهي ۽ هن ريليءَ ۾ انهن جي عدم دلچسپي ۽ شرڪت نه ڪرڻ مان صاف ظاهر آهي ته اهي ان قسم جي ورهاست جي حق ۾ ناهن ۽ اها ريلي صرف هڪ چند پارٽي ڪارڪنن جي ريلي هئي، جن کي اهي طاقتور ڌريون زوري زبردستي ٻين سياسي پارٽين جا حق ڦري ايوانن ۾ ويهاري ويٺيون آهن.
ريليءَ جي پڄاڻيءَ تي اسٽيج تي بيٺل قيادت ۾ خالد مقبول صديقي جي چهري تان اداسي صاف ظاهر هئي. جڏهن ته فاروق ستار، جيڪو بنيادي طور هڪ گجراتي سنڌي آهي، کيس دلاسا ڏئي همت ٻڌرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي الطاف حسين کان برطانيه ۾ ورتل هڪ سوال جو جواب هڪ وڊيو جي صورت ۾ وائرل ٿيو ۽ ان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سڄي حقيقت کي وائکو ڪري ڇڏيو. سينيئر صحافي برطانيه ۾ الطاف حسين کان اهو سوال پڇيو ته هاڻي سنڌ کي ورهائي هڪ ڌار صوبو ٺاهيو پيو وڃي، ان باري ۾ سندن ڇا خيال آهي؟ جنهن تي ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين واضح جواب ڏنو ته هن ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه خواهش جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت ايم ڪيو ايم پاڪستان جو گروهه جنهن جو نه پنهنجو ڪو سياسي وزن آهي ۽ نه ئي عوامي، شهري آباديءَ ۾ سندس ڪا عزت ۽ بنياد آهي، ان پنهنجي آقائن جي اشاري تي جيڪو به ڪجهه ڪيو آهي انهن سندن بچيل ساک کي به مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. مٿان الطاف حسين جي ان بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته صوبن جي ورهاست وارو معاملو خود سندن تنظيم جي اندروني متفقه نظريي بدران هڪ تيار ڪيل ٻاهران کان ٿاڦيل سياسي ايجنڊا آهي. ڪراچيءَ ۾ ان جلسي کان عوام جو ٻاهر رهڻ ۽ الطاف حسين پاران ان قابض گروهه کي استعمال ٿيندڙ گروهه سڏڻ بعد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياسي قَلعي لاهي ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ انهن وٽ هاڻي انهن سيٽن تي ويهڻ جو نه سياسي ۽ نه ئي اخلاقي جواز بچي ٿو.
هن وقت ڪراچي صرف اردو ڳالهائيندڙن جو شهر نه، پر هن وقت ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ سان گڏوگڏ هڪ وڏو تعداد سنڌي آبادي، پشتون، بلوچ، گجراتي، ڪڇي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو آباد آهي. انهيءَ ڪري ڪراچي “مِني پاڪستان” سڏجي ٿو. هن وقت اهي قوتون جيڪي وفاقِ پاڪستان کي آئين تي عمل ڪرڻ کان روڪي ۽ هڪ اهڙي پاسي گهلي وڃڻ چاهين ٿيون، جتي آئين جو انڪار ڪيو وڃي، هڪ اهڙي بند گليءَ ۾ ڦاسندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪو ان سڄي عمل جو هڪ قدرتي نتيجو آهي. جڏهن به ڪنهن هڪ خود مختيار رياست ۾ جيڪو وفاق به هجي، اتي آئين تي عمل ڪرڻ کان لنوائجي ۽ غير آئيني طاقتن ذريعي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته نتيجو اهوئي نڪرندو. انهن طاقتن کي هوش ڪرڻ گهرجي ته هينئر دنيا جا نقشا تبديل ٿي رهيا آهن، نوجوان ڊگرين نه هوندي به سڄي دنيا سان ڳنڍجي باشعور ٿي چڪو آهي. ان ڪري سندن ڪوبه اهڙو ايڊوينچر نه صرف قوم کي بلڪه ملڪ کي به تمام گهڻو نقصان پهچائي سگهي ٿو. هاڻي پراڻا حيلا ۽ بهانا، هٿرادو سياسي نعرا هلي نه سگهندا. سڀني کان خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن کي سياسي طور تي ويجهو آڻڻ جي اڃان وڌيڪ ضرورت آهي. جڏهن انهن جي وچ ۾ ويڇا ختم ٿيندا ته بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊائون پنهنجو موت پاڻ مري وينديون. ان سڄي صورتحال کانپوءِ سنڌ حڪومت جي مٿان اها وڏي ذميداري اچي ٿي ته سنڌ جي اندر پکڙيل بيچيني کي ختم ڪرڻ جي ذميداري سندس مٿان آهي. سنڌ ۾ ادارن اندر ميرٽ تي ڀرتيون ڪرائڻ، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ قانون مطابق انهن کي پنهنجي حڪمرانيءَ جو حصو ڏيڻ مسئلي جو حل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجو ويزن استعمال ڪري ان سڄي صورتحال کي ڊفيوز ڪرڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو