مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سرمائيداراڻي نظام جي اونهي طبقاتي فرق سبب فرانس ۾ نوجوانن جا احتجاج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي ايران مٿان حملي کانپوءِ هن وقت سڄي دنيا ان جا اثر ڀوڳي رهي آهي. ايتري تائين جو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ به مهانگائيءَ جو شڪار آهن. ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن جي روزمره زندگي ۽ طرز زندگيءَ تي وڏو اثر پيو آهي، جنهن هڪ بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته تيل جون قيمتون سڌو سنئون ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ تي اثر ڪن ٿيون، جنهن سان زراعت به متاثر ٿئي ٿي ۽ زرعي پيداوار مهانگي ٿي وڃي ٿي. جنهن جو اثر هڪ ماهوار پگهار تي ڪم ڪندڙ شخص جي زندگيءَ تي پوي ٿو. هاڻي ان جو اثر يورپ جي تعليمي ادارن، اسڪولن، يونيورسٽين ۽ سڄي نظام تي به اچڻ شروع ٿيو آهي. جنهن ۾ فرانس جي هڪ ننڍي شهر جي هڪ هاءِ اسڪول مان هڪ چڻنگ اڀري جتي شاگردن پنهنجي اسڪول جي زبون حالي، ڪلاس ۾ شاگردن جي گهڻائي، استادن جي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ۽ اتان کان اها چڻنگ سڄي پيرس ۽ پوءِ فرانس ۽ پاڙيسري ملڪن تائين پکڙجي وئي. خبرن مطابق پيرس ۾ هيستائين 3 هزار کان وڌيڪ دڪان لٽجي چڪا آهن ۽ انهيءَ بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اتي ڪرفيو لڳايو ويو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ سرمائيداري نظام وچولي طبقي جي نه صرف غريب ملڪن جو جيئڻ بلڪه ترقي يافته ملڪن جي وچولي طبقي جو جيئڻ به مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.
فرانس ۾ بحران، احتجاجن ۽ دڪانن جي لٽجڻ جي واقعن جي پويان روزمره جي ضرورتن جي شين جي مهانگي ٿيڻ، روزگار جي ذريعن جو گهٽجڻ سان گڏوگڏ بجلي، گئس ۽ توانائي جي قيمتن ۾ ايترو اضافو آهي جو يورپ جي ملڪن ۾ ٻارڻ ۽ بجليءَ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. گهرن جا ڪرايا تمام گهڻا وڌي ويا آهن، جنهن سبب نه صرف اتان جا رهائشي، بلڪه مختلف جاين تي پڙهندڙ شاگرد به پنهنجا موقعا وڃائي رهيا آهن. فرانس مان اٿندڙ اهو طوفان هن وقت يورپ جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن، جن ۾ اسپين، اٽلي، پرتگال ۽ البانيا شامل آهن، پکڙجي چڪو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري جين زي جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو. جيئن پاڪستان ۾ هن وقت سرمائيداري نظام تيزيءَ سان پنهنجا چنبا کوڙي عام ماڻهو جي زندگي مفلوج ڪئي آهي، ساڳئي طريقي سان مغربي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ۾ به سرمائيداري نظام تمام طاقتور بڻجي عام ماڻهو جي زندگيءَ کي مفلوج ڪري رهيو آهي. سرمائيداري نظام جو بنياد ان ڳالهه تي رکيل آهي ته سرمايو چند هٿن ۾ قابو رهي ته جيئن اهي پنهنجي مرضيءَ جي نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪندا رهن. پاڪستان ۾ به هن وقت چند خاندان ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا وڃن جن جو سياست، ڪاروبار ۽ سماجي اثر رسوخ تمام گهڻو آهي. عوام لاءِ موقعا تمام گهٽ آهن. خاص طور تي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا نه هجڻ برابر آهن. ساڳي ريت فرانس ۾ به گذريل ڪجهه سالن ۾ امير ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سرمائي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. جنهن سان عام ماڻهو مزدور، هاري ۽ وچولو طبقو جدوجهد ڪري رهيو آهي. فرانس تاريخي طور هڪ “فلاحي رياست” آهي، جتي تعليم، صحت، پينشن ۽ عام سهولتون حڪومتن طرفان سستيون يا مفت ڏنيون وينديون آهن، پر سرمائيداراڻي دٻاءُ سبب حڪومتي تعليمي پاليسين، ادارن، اسپتالن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ٿي رهي آهي. جڏهن اسڪولن ۾ استاد گهٽ هجن، عمارتون ٽٽل هجن ۽ غريب جي لاءِ سستي صحت يا پڙهائي ناممڪن ٿي وڃي ته حڪومتن جو اهو ماڊل عوام جي نظر ۾ ناڪام ٿي چڪو هوندو آهي. جنهن جو اندازو نوجوان نسل کي چڱي طرح سان هوندو آهي. ڇو ته کيس پنهنجو مستقبل محدود نظر ايندو آهي. سرمائيداري نظام جو سڀ کان وڏو مقصد منافعو ڪمائڻ هوندو آهي.
اتي هن وقت ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ مهاجرن جي صورت ۾ سستو مزدور سرمائيدار لاءِ منافعو ۽ عام ماڻهو جا موقعا ڦٻائيندڙ هوندو آهي. هن وقت عوام ۽ حڪومت جو سڄو ٽڪراءُ ان ڳالهه تي آهي ته حڪومت فلاحي نظام جي دائري کي گهٽائي سرمائيداراڻي نظام ڏانهن موڙي رهي آهي، ايئن جيئن پاڪستان ۾ تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، ايئر لائين هر شيءِ تي سرمائيدار جو قبضو ٿيندي نظر اچي پيو. فرانس جي هنگامن ۾ ڪي به وڏيون سياسي پارٽيون شامل ناهن، پر ڪجهه ننڍيون کاٻي ڌر جون پارٽيون، مزدور يونينون ۽ زراعت سان لاڳاپيل يونينون شامل آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو احتجاج ۽ هنگاما گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندا، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي هنگاما جيڪي طبقاتي فرق جي ڪري پيدا ٿين ٿا انهن کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي ٿو؟ جواب نه ۾ آهي. اهڙا طبقاتي فرق صرف حڪومت جي فلاحي پاليسين سان ئي ختم ٿي سگهن ٿا. جنهن سان عوام جي اندر تحفظ جو احساس پيدا ٿئي ۽ نوجوان طبقي کي پنهنجي روشن مستقبل جو يقين ٿئي، تڏهن اهڙن احتجاجن کي مستقل طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو