نون صوبن جو منصوبو، پنجاب پنهنجو دٻاءُ سنڌ ڏانهن منتقل ڪيو آهي
هن وقت صوبن ٺاهڻ وارو خيال آهستي آهستي ريفرنڊم واري پاسي هليو ويو آهي. جنهن لاءِ اردو ميڊيا تي ويٺل اينڪر پرسن پنهنجن خيالن کي زوري زبردستي مهمان صحافين جي وات ۾ وجهندي نظر اچن ٿا. صوبن ٺاهڻ جي پٺيان ٻن وڏين سياسي پارٽين سان دشمني به هڪ وڏو سبب نظر اچي رهي آهي. جنهن ۾ هاڻي انهن پارٽين جي اندر ويٺل ماڻهو خود ان ڳالهه لاءِ منتظر آهن ته کين به وزارت اعليٰ جو موقعو ملڻ گهرجي. ائين چئي سگهجي ٿو ته هاڻي پاڪستان جي غريب عوام مٿان صرف ٻن پارٽين جا خاندان حڪومت نه ڪندا، بلڪه انهن خاندانن جو تعداد وڌايو ويندو ته جيئن اهي پاڪستان جي عوام کي چڱيءَ طرح سان چيڀاٽي سگهن. خبر ناهي ته ريفرنڊم لاءِ خيال ڪٿان آندو ويو آهي ۽ پوءِ صوبن جي ضرورت ان ڳالهه تحت ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ ۾ گهڻي ڪرپشن آهي، گٽرن جا ڍڪ غائب آهن، گذريل 18 سالن کان صوبو پيپلزپارٽي وٽ ٺيڪي تي آهي، تعليم جو حال برو آهي، ان لاءِ صوبو ٺهڻ گهرجي. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ عوام لاءِ سيڪريٽريٽ تائين پهچڻ مسئلو ناهي.
سڄي صوبي جي ڀيٽ ۾ انهن کي سٺو ٽرانسپورٽ جو نظام مليل آهي، جنهن جي ذريعي ڪراچيءَ جو عوام هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين آرام سان اچي وڃي سگهي ٿو، جيڪو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مهيا ناهي. ڪيترائي ماڻهو سرڪاري زمينن تي قابض ٿي آباديون قائم ڪري ويٺا آهن. جن کي سنڌ حڪومت سياسي نقصان سبب اتان هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. ڪراچيءَ وارن کي ٻارن لاءِ سٺا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون مهيا آهن. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪراچيءَ ۾ انتظامي مسئلا تمام گهڻي حد تائين موجود آهن، پر ڇا انهن جي ذميدار صرف سنڌ حڪومت آهي؟ جڏهن ته سنڌ حڪومت جي اختيار ۽ انتظاميه هيٺ هلندڙ ادارا ۽ علائقا بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. ڊرگ روڊ ڪينٽونمينٽ بازار گهمي ڏسو ته خبر پوندي ته اها ڇا واقعي ڪينٽونمينٽ بازار نظر اچي ٿي؟ جڏهن ته ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي جا روڊ ۽ رستا ٽٽل آهن، اڄ ڏينهن تائين اتي عوام کي پنهنجن گهر تائين واٽرسپلاءِ واٽر ٽينڪرن جي ذريعي ٿي رهي آهي، پر ان هوندي به عوام پورو ٽيڪس ڪينٽونمينٽ کي جمع ڪرائي ٿو. صوبن جو شو شو جيڪو محسن نقوي ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته اهو دٻاءُ پنجاب طرف وڃڻو هو، پر ان کي سنڌ طرف منتقل ڪيو ويو آهي. مئي 2012ع ۾ پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبي بابت قرارداد منظور ڪئي. جنهن کانپوءِ وفاقي سطح تي پارلياماني ڪميشن پڻ قائم ڪئي وئي. جنهن 2013ع ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. ان دور ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبي جي قيام ۽ حد بندي بابت مختلف سياسي موقف سامهون آيا، پر آئيني ترميم جي طريقيڪار آرٽيڪل 239 تي مڪمل اتفاق نه ٿي سگهيو. 2018 کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام بابت قراردادون ۽ قانون سازي تي بحث ٿيندا رهيا. 2020ع ۾ عملي طور ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو.
ان باوجود نئون صوبو ٺاهڻ جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ ان کي مختلف حدن جي بحث ۾ الجهايو ويو. آئيني حقيقت اها آهي ته صرف صوبائي اسيمبليءَ مان رڳو قرارداد منظور ٿيڻ ڪافي ناهي. نئين صوبي جي قيام لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري سان گڏ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان به ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ضروري آهي. لڳي ائين پيو ته پنجاب جي مٿان آيل سڄو بار سنڌ طرف ڌڪيو ويو آهي. (ن) ليگ جو صدر نواز شريف، محسن نقوي جي صوبن واري بيان کانپوءِ مسلسل خاموش آهي. ڳالهه ايتري واضح آهي جو (ن) ليگ جو سڄو دٻاءُ هن وقت پيپلز پارٽي طرف منتقل ٿي چڪو آهي ۽ اهي ان ڳالهه جو اظهار ڪن ٿا ته ڏسون پيپلز پارٽي ڇا ٿي ڪري. بلاول ڀٽو ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ريفرنڊم جي مخالفت ڪرڻ به ان دٻاءُ جو ئي اظهار آهي. ان کانپوءِ جڏهن صدر، وزيراعظم ۽ محسن نقوي جي ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي ته وزيراعظم ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته محسن نقوي جيڪو به ڳالهائي ٿو اهو سندس ئي خيال آهي. ان تضاد ۽ سياسي مونجهاري ۾ (ن) ليگ جو وڏو هٿ نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته پنجاب ۾ نون صوبن جو قيام (ن) ليگ جو سياسي موت ئي هوندو. ان سڄي مسئلي کي آئيني طور تي حل ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ کان ٻاهر گوڙ ڪرڻ بجاءِ اسيمبليءَ اندر ويهي بحث مباحثو ڪرڻ ان سڄي مسئلي جو حل آهي. جيڪا ڳالهه هن ملڪ ۽ وفاق جي دفاع ۾ آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟