مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاق جو 1991ع واري پاڻي معاهدي کان ڪن ٽار ۽ سنڌ حڪومت جا مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون جا نعرا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اقوام متحده جي جي هڪ نائب صدر 1995ع ۾ هڪ مشهور بيان ڏنو هو، “جيڪڏهن ويهين صديءَ جون جنگيون تيل تان وڙهيون ويون ته ايڪيهين صديءَ جون جنگيون پاڻيءَ تان وڙهيون وينديون.” ان جملي مان مٺي پاڻيءَ جي اهميت ۽ ناياب هجڻ جي خبر پوي ٿي. رياستن ٺهڻ کانپوءِ ملڪن وچ ۾ دريائن تي تڪرار شروع ٿيا ۽ پوءِ قومن کي قدرتي وهڪرن جي بنياد تي پاڻيءَ جا حق ڏنا ويا. ورهاڱي کانپوءِ 1960ع ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو ۽ ان وقت جي سربراهه فوجي جنرل پنجاب جا ٽي درياءَ ڀارت کي وڪرو ڪري ڇڏيا. جڏهن ته اهي ٽئي ڪئنال به “انڊس بيسن سسٽم” جو حصو هئا. ان فوجي جنرل مستقبل جي پاڻيءَ جي ضرورتن کي نظر انداز ڪندي قوم جا ٽي درياءَ وڪڻي سنڌو درياءَ تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو. درياءَ قومن کي زندگي، ثقافت ۽ معيشت مهيا ڪندا آهن. آزاديءَ کانپوءِ پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ مسلسل پاڻي جي ورڇ تي تڪرار هلندا اچن. 1991ع ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جو معاهدو ٿيو. جنهن مطابق سنڌ جي مڃيل حصي ۽ گڏوگڏ ڊائون اسٽريم لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽن جي شرط کي مڃيو ويو ته جيئن ڊيلٽا بحال رهي. آئين جي آرٽيڪل 153 تحت سي سي آءِ يا ارسا جهڙا ادارا ٺاهيا ويا ته جيئن وفاق ڪنهن به ڪئنال يا واهه کي يڪطرفو فيصلو ڪري نه وهائي سگهي، پر اهي سڀ قانون ۽ معاهدا ڪٿي گم ٿي چڪا آهن. هن وقت سنڌ وفاق ۽ پنجاب صوبي جو مقابلو نه پيو ڪري سگهي. ارسا ۾ پنج ميمبر آهن (4 صوبا + وفاق). اڪثر وڏن منصوبن يا نون ڪئنالن تي جڏهن سنڌ اعتراض اٿاري ٿو ته وفاق ۽ پنجاب جا ٻيا ميمبر ملي اڪثريتي ووٽ ذريعي سنڌ جا اعتراض رد ڪري ناجائزي ڪن ٿا. سي سي آءِ جو سربراهه وزيراعظم آهي ان لاءِ ان تي وفاق جو تسلط قائم آهي ۽ ٽي وفاقي وزير به وفاق جي مرضيءَ جا آهن.
پاڪستان هن وقت پنهنجين آئيني ڪوتاهين مان هڪ ڀيرو ٻيهر گذري رهيو آهي ۽ ننڍن صوبن سان زيادتي ڪري نه صرف انهن جو اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽ ڏئي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جو پڇڙيءَ وارو آبادگار روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهي. ڇو ته کيس پنهنجن فصلن پوکڻ لاءِ پاڻي دستياب ناهي. پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ نه وفاق ڪري رهيو آهي ۽ نه وري سنڌ ۾ جيڪو پاڻي موجود آهي ان جي منصفاڻي ورڇ سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ به جيڪو طاقتور آهي وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو ۽ غريب آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار رهي ٿو. پنجاب چشما جهلم ڪئنال کانپوءِ هاڻي جلال پور لنڪ ڪئنال کي کولي ڇڏيو آهي. پنجاب جو چوڻ آهي ته ان ڪئنال جو پاڻي رسول بئراج جهلم درياءَ مان کنيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪستان جو آبي نظام هڪ گڏيل سسٽم (انڊس بيسن) وانگر ڪم ڪري ٿو. جهلم جو پاڻي هيٺ چناب سان ملي ڪوٽ مٺن وٽ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. جڏهن رسول بئراج ذريعي جلال پور ڪئنال يا ٻين واهن ذريعي جهلم درياءَ مان پاڻي مٿان مٿان کنيو ويندو ته اهو حقيقت ۾ سنڌو درياءَ جي سسٽم جي پاڻيءَ جي چوري آهي. جنهن جي کڻت سان ڊائون اسٽريم ۾ ڪوٽ مٺن تائين پاڻي گهٽ پهچندو، نتيجي ۾ پنجند ۽ ڪوٽ مٺن وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جو مجموعي مقدار گهٽجي ويندو، جنهن جو اثر گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تائين پهچندڙ پاڻيءَ تي لازمي پوندو. هن وقت سنڌ سان وفاق ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت وري سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.
اهو پاڻي جهلم درياءَ مان جيڪو پنجاب کنيو آهي، اهو سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي کلم کلا چوري آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان ڏاڍائي جي خلاف پنهنجو آئيني آواز بلند ڪري ۽ سي سي آءِ جي ميٽنگ لاءِ درخواست ڏئي پاڻيءَ جي چوري کي روڪرائي. سنڌ حڪومت هميشه اها گهر ڪئي آهي ته 1991ع واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، پر وفاق هن وقت مست هاٿيءَ وانگر قانون، آئين ۽ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ٿيل معاهدن کي لتاڙيندو پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، جنهن جو ثبوت سنڌ جون سڪل ٺوٺ زمينون آهن. سنڌ حڪومت به ڏوهاري آهي، جيڪا پنهنجو مضبوط آواز بلند نه پئي ڪري. هن اڪارڊ تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته ٽيليميٽري سسٽم جي بحالي ذريعي پاڻيءَ جي چوري ۽ غلط انگن اکرن جي سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي. ان سان ارسا، سنڌ ۽ پنجاب جا عملدار ڪمپيوٽر اسڪرينن تي لائيو پاڻيءَ جي ماپ ڏسي سگهندا ته ڪهڙي ڪئنال يا بئراج مان ڪيترو پاڻي ڪهڙي وقت وهي رهيو آهي. ٽيڪنالاجي ان مشڪل عمل کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان هٿ پير هڻي ته اهو ڪم ٿيڻ ناممڪن ناهي. ان کان علاوه 1991ع واري معاهدي تحت هر صوبي جو اونهاري ۽ سياري جي فصلن لاءِ ڏهن ڏينهن جي بنياد تي پاڻيءَ جو حصو مقرر ٿيل آهي. ارسا کي ان ڳالهه جو پڻ پابند ڪيو وڃي ته پاڻيءَ جي کوٽ کي 1991ع جي معاهدي تحت صوبن وچ ۾ تناسب سان ورهايو وڃي. ان کان علاوه لنڪ ڪئنال کولڻ تي سخت ڪنٽرول ڪيو وڃي. چشما، جهلم، تونسا-پنجند ۽ هاڻي جلال پور ڪئنال جنهن جو پاڻي سنڌو نديءَ جي سسٽم مان کنيو پيو وڃي، ان کي روڪيو وڃي. پنجاب کي اها ڳالهه چگيءَ طرح سان سمجهائي وڃي ۽ قانوني طور پابند ڪيو وڃي ته اهي لنڪ ڪئنال صرف ان صورت ۾ وهائي سگهجن ٿا جڏهن پاڻي واڌو هجي.
سنڌ خلاف اڪثريت جي بنياد تي ڪنهن به فيصلي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آئين مطابق حل ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي ماهرن جي اهڙي ڪابه ٽيم ناهي جيڪا سنڌو درياءَ جي سسٽم کي چڱيءَ طرح سان مطالعاتي طور تي تحقيق ڪري پنهنجون رپورٽون شايع ڪندي هجي. اسان کي پنهنجي يونيورسٽين اندر انڊس بيسن جي ماهرن لاءِ ڪو شعبو ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جتي سنڌو نديءَ جي پاڻي، ماحوليات ۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين جي باري ۾ تحقيق ڪئي وڃي. اهڙن ماهرن جي ٽيم سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪري سگهي ٿي جن وٽ فني ڄاڻ ۽ تحقيقي علم هجي. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي اڳتي اچڻو پوندو. پنجاب ۾ هائيڊرولڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ واٽر مئنجيمينٽ جا ماهر ۽ آئيني وڪيلن جون مستقل ٽيمون موجود رهن ٿيون. جڏهن ته سنڌ صرف روايتي انداز ۾ پنهنجي پاڻيءَ جي ڪيس کي اڳيان کڻي اچي ٿي. سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ سياسي نعرن جو استعمال ڪري ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ جا چڱا مڙس “مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون” نعرا هڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ رستن تي نڪتل هئا ۽ ڀارت کي ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا. جڏهن ته انهن کي پنهنجي حصي جو پاڻي وفاق کان وٺڻ لاءِ جيڪي فني ۽ ٽيڪنيڪل تياريون ڪرڻ گهرجن اهي سر زمين تي نظر نٿيون اچن. اهوئي سبب آهي جو هينئر پڇڙي جي هارين تائين پاڻي نه پهچڻ سبب آبادگار پنهنجا اهم فصل پوکي نه سگهيا آهن. اميد ته سنڌ سرڪار نالي ماتر احتجاجن ۽ سياسي نعرن کان ٻاهر نڪري عملي طور قانون ۽ آئين تحت تياري ڪري، گڏوگڏ پنهنجن فني ماهرن ۽ ٽيڪنالاجي جي بنيادن تي ٽيم ٺاهي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو