مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

باني پي ٽي آءِ جو اڊيالا جيل کان الشفا اسپتال بجاءِ پمز مان طبي معائنو ۽ وري اڊيالا منتقلي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

19 آگسٽ 2026 تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي تفصيلي ۽ طبي معائني لاءِ “الشفا اسپتال” منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر ان سڄي عمل لاءِ حڪومت سيڪيورٽي جا خطرا ڄاڻائي هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي اعتراض لڳائي سپريم ڪورٽ واپس ڪئي ۽ کيس 48 ڪلاڪن اندر اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. جنهن کانپوءِ اسپتال اندر ۽ ٻاهر سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا ۽ عام تاثر ڏنو ويو ته باني پي ٽي آءِ کي “الشفا اسپتال” منتقل ڪري انتظامي فلور کي سب جيل قرار ڏنو ويندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي. باني پي ٽي آءِ کي اسپتال منتقل ڪرڻ کان اڳ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ ۽ سندس ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان کي پڻ گهرايو ويو. ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته کيس “الشفا اسپتال” ۾ رات جو 11 کان صبح جو چئين وڳي تائين انتظار ڪرايو ويو ۽ پوءِ کيس واپس اماڻيو ويو. جڏهن ته سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ مطابق کيس رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ ڪار ذريعي پمز اسپتال آندو ويو، جتي بلڪل اونداهي هئي ۽ فون جي ٽارچ ذريعي خان کي به اسپتال آندو ويو، سندس چيڪ اپ کانپوءِ کيس اونداهيءَ ۾ واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، جيڪا سندس لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه هئي.
ڇو ته کيس يقين هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق باني پي ٽي آءِ کي الشفا اسپتال منتقل ڪرڻو هو. طبي معائني دوران باني پي ٽي آءِ جي صحت اطمينان جوڳي هئي، پر هن پنهنجي ڀيڻ سان اها شڪايت ڪئي ته کيس تنهائيءَ جي اذيت مان گذاريو پيو وڃي، جنهن سبب هو سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. باني پي ٽي آءِ سڄي پاڪستان جي نوجوان طبقي لاءِ هڪ اميد بڻجي اڀريو ۽ پوءِ جلد ئي عوام کي مايوسيءَ جو شڪار ڪيو. ڇو ته سندس سياست اسٽيبلشمينٽ جي سهاري هلندي رهي ۽ هن سياستدانن سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو. اڄ به ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون چاهين ٿيون ته باني پي ٽي آءِ سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ويهي هڪ نئين عوامي طاقت پيدا ڪري، پر ان جو اڃان تائين ڪوبه آسرو نظر نٿو اچي. هن وقت باني پي ٽي آءِ جو قيد تنهائي ۾ هجڻ سندس ڪارڪنن ۽ چاهيندڙن لاءِ يقينن پريشانيءَ جو سبب آهي. جڏهن خان کي اڊيالا کان الشفا اسپتال منتقل ڪرڻ واري خبر سامهون آئي ته هڪ عام تاثر اهو پيدا ٿيو ته شايد طاقتور ڌرين باني پي ٽي آءِ سان ڪا ڊيل ڪئي آهي. ڇو ته اٺاويهين ترميم جيڪا هن وقت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، اتي پي ٽي آءِ کي هڪ متبادل طور وري موقعو ڏنو پيو وڃي، پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهو تاثر جلد ئي ختم ٿي ويو آهي. اهو سڄو عمل شايد (ن) ليگ جيڪا مرڪز ۽ پنجاب ۾ هن وقت اڳواڻي ڪري رهي آهي، ان کي دٻاءُ ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو.
جيئن ته پيپلزپارٽي اتحادي هجڻ باوجود هڪ ڌار سڃاڻپ سان بيٺل آهي، ان کي باني پي ٽي آءِ جي ٻاهر اچڻ سان ڪو گهڻو فرق نه پوي ها ۽ شايد پيپلزپارٽي ان کي هڪ موقعي وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها. جيئن ته سياسي ميدان ۾ نه ڪو مستقل دشمن هوندو آهي ۽ نه وري ڪو دوست. ان ڪري پي ٽي آءِ جي قيادت کي هاڻي سياسي ڌرين سان جيڪي رنجشون آهن اهي دور ڪري هڪ اهڙو اتحاد يا نئين صف بندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن سان اها پاڻ کي مضبوط ڪري پنهنجي لاءِ اسپيس پيدا ڪري سگهي. ان سڄي ڪارروائي کي ڏسجي ته سپريم ڪورٽ جو باني پي ٽي آءِ لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ وارو فيصلو ۽ ان جو اسپتال منتقل ٿيڻ بجاءِ چيڪ اپ ڪري ٻيهر اڊيالا جيل موڪلڻ ڪجهه سياسي پيغام ضرور آهن. اها سڄي ڪارروائي طاقتور ڌرين جي مرضيءَ کان سواءِ ٿيڻ ممڪن نه هئي. باني پي ٽي آءِ جي جيل ۾ قيد تنهائي سندس انساني حقن، صحت جي بنيادي طبي خدشن جي تحت سپريم ڪورٽ ان معاملي کي گهڻي عرصي تائين نظر انداز نه پئي ڪري سگهي ۽ آئين ۽ قانون مطابق اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ اڃان عدالتون انصاف ڪري رهيون آهن. ان سڄي مشق ذريعي رات جو اونداهيءَ ۾ باني پي ٽي آءِ کي اڊيالا کان پمز اسپتال ۽ پوءِ وري اڊيالا منتقل ڪرڻ ڪنٽرولڊ روڊ ميپ جو کليو اظهار آهي. سپريم ڪورٽ باني پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏئي پنهنجو اخلاقي ۽ قانوني وقار محفوظ رکيو. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ان فيصلي کي استعمال ڪندي عوامي دٻاءُ کي رليز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان سڄي عمل ۾ (ن) ليگ جيڪا هن وقت پنهنجو پاڻ کي بنا شريڪ هڪ مضبوط حڪومت سمجهي رهي هئي، کيس اهو پيغام ڏنو ويو ته طاقتور ڌرين وٽ متبادل موجود آهي. جيئن ته (ن) ليگ جو پاور بيس پنجاب ۾ ئي آهي، جڏهن به باني پي ٽي آءِ جي ڳالهه نڪري ٿي يا کيس اسپتال معائني لاءِ آندو وڃي ٿو ته ان خبر سان سندس پنجاب جا ڪارڪن متحرڪ ٿي وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ ذريعي اهڙو فيصلو ڪرائي طاقتور ڌرين هڪ پاسي عالمي ۽ عدالتي دٻاءُ جو دفاع ڪيو ته ساڳي ئي وقت تنقيد جو رخ حڪومت ڏانهن موڙي ڇڏيو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته ان سڄي ڪارروائي جو مقصد پي ٽي آءِ ۾ ساهه وجهڻ نه، پر (ن) ليگ جو سياسي ساهه ڪڍڻ هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو