مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اندر ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هن وقت سنڌ جو نوجوان بيروزگاري ۽ موقعن نه هجڻ سبب مايوس نظر اچي ٿو، کيس مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته صرف سرڪاري نوڪرين جو آسرو نه هجڻ گهرجي، پر وٽس اهڙيون ٽيڪنيڪل مهارتون هجڻ گهرجن جيڪي کيس نه صرف ملڪ اندر، پر ملڪ کان ٻاهر به روزگار وٺي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. جنهن جي بنياد تي هو پنهنجي گهران ويهي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ڪنهن به شعبي ۾ جتي سندس خدمتن جي ضرورت هجي ان لاءِ ڪم ڪري سگهي. يقينن اهو سڀ ڪجهه هڪ رات ۾ تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين ان باري ۾ سوچڻ گهرجي. دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، سعودي عرب جو vision 2030 ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ هاڻي عام روايتي نوڪرين بدران آرٽيفيشل انٽيليجنس جنهن ۾ ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ جديد انجنيئرنگ جي بنياد تي نوڪريون ملنديون. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت سنجيدگيءَ سان پنهنجن نوجوانن لاءِ پنهنجي اڪيڊميا جي ماهرن کي گڏ ڪري هڪ اهڙي رٿابندي ڪري جنهن سان ان تعليم جو بنياد اسڪولن جي سطح کان رکيو وڃي، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي اسان جو نوجوان يونيورسٽي تائين ان ٽيڪنيڪل تعليم مان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهي.
ان لاءِ سڀ کان پهرين حڪومت کي اسڪولي نصاب ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسڪولي ٻارن لاءِ ننڍا ننڍا ڪورسز اسڪول کان ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ملڪي صورتحال ۾ سنڌ جي نوجوانن جي ڊيٽا پنجاب جي نوجوانن سان ڀيٽيون ته اسان کي ڏسي تمام گهڻي مايوسي ٿيندي ته هن وقت پنجاب صوبي مان 52 کان 55 سيڪڙو نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيالڪوٽ، گجرات، گوجرانوالا، راولپنڊي ۽ جهلم جا نوجوان شامل آهن. جڏهن ته ٻئي نمبر تي 28 کان 32 سيڪڙو ڪي پي ڪي جا نوجوان سعودي عرب ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ ليبر طور ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن ۾ سنڌ جو مجموعي حصو 8 کان 10 سيڪڙو آهي، جيڪو شهري علائقن مان آءِ ٽي، بينڪنگ ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻهراڙي جو حصو نه هجڻ برابر آهي. بلوچستان جو حصو 1 کان 1.5 سيڪڙو آهي، جيڪو نه هجڻ برابر آهي. اهو تناسب ملڪي ۽ صوبائي پاليسين جي به نشاندهي ڪري ٿو. ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا پنهنجون الڳ الڳ پاليسيون ٺاهي ان ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا.
پنجاب جي خوشحاليءَ جو سبب اين ايف سي ايوارڊ ۾ وڏو حصو کڻڻ سان گڏوگڏ اهو به آهي ته اتان جي آباديءَ جو 50 کان 55 سيڪڙو ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿو، جنهن سان اهي پرڏيهي ناڻو پنهنجن خاندانن ڏانهن موڪلين ٿا ۽ اتان جي ماڻهن جي غربت ختم ٿئي ٿي، مقامي ڪاروبار ۾ اهو پئسو لڳائي پنهنجي تعميراتي شعبي، زراعت ۽ ڪاروبارن ۾ ترقي ڪن ٿا. نه صرف ايترو، بلڪه ان سان سندن خاندان جي اندر نئين سوچ ۽ ترقيءَ جو تصور مضبوط ٿئي ٿو. جڏهن اهي واپس ملڪ اچن ٿا ته اتان کان نوان خيال کڻي واپس موٽن ٿا، جيڪي هو هتي اچي پنهنجي ڪاروبار ۾ استعمال ڪن ٿا. سندن ٻاهرين ملڪن ۾قيام سندن ايندڙ نسلن تي اثر انداز ٿئي ٿو، سندن ٻار اعليٰ تعليم لاءِ شعور حاصل ڪن ٿا. انهن کي مالي خوشحالي هجڻ ڪري سٺن اسڪولن ۾ داخلائون وٺڻ جو موقعو ملي ٿو. جڏهن ته سنڌ جو نوجوان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي صوبي جي گاديءَ جي شهر وڃڻ کان به لنوائي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت هينئر پنهنجي تعليمي ماڊل ۾ تبديلي آڻي، اسڪولن اندر ڇهين ڪلاس کان وٺي ٻارن کي آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي تعليم ڏني وڃي. موجوده پولي ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي پاليسين کي به تبديل ڪري اتي ٻارن جي عمر جي حد کي گهٽ ڪري اهڙا ووڪيشنل پروگرام ترتيب ڏنا وڃن جتي ٻار بنيادي ڪوڊنگ سکي سگهن ۽ پراڻن ڪورسن جي جاءِ تي جديد ٽيڪنالاجي جنهن ۾ روبوٽڪس، آٽوميشن، سولر يا رينيوايبل انرجي، گرافڪس ۽ ڊجيٽل ميڊيا جهڙا جديد ڪورس ڪرايا وڃن. دنيا اڄڪلهه ڊگري کان وڌيڪ مهارت کي مان ڏيڻ لڳي آهي ۽ هن وقت ٽيڪنالاجي غريب جي ٻار لاءِ هڪ وڏو سهارو بڻجي ان جي مستقبل کي هڪ اهڙو دڳ ڏئي سگهي ٿي، جنهن سان اهو بهتر روزگار ڪمائي پنهنجي زندگيءَ جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.
جنهن لاءِ بنيادي طور تي ته حڪومت کي ئي ڪم ڪرڻو آهي، پر حڪومت سان گڏوگڏ خانگي شعبو به ان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو. جنهن ۾ سرمائيدار ڪمپنيون عالمي معيار جي مهارتون سيکارڻ لاءِ مختلف پيڪيجز ڏئي نوجوانن کي تعليم ڏئي سگهن ٿيون. جنهن سان نه صرف صنعتي تبديلي ۽ روزگار پيدا ٿيندو، بلڪه اهي نوجوان جيڪي اتان فارغ ٿي نڪرندا اهي مختلف ڪمپنين لاءِ ڪارگر ٿي سگهن ٿا. اهڙي سيڙپڪاري سرڪاري پولي ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ به ڪري سگهجي ٿي. اتان فارغ ٿيندڙ نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي مختلف جاين تي پنهنجي مهارت جي حساب سان روزگار ڳولهي سگهن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سنڌ حڪومت ڪنهن هڪ شهر ۾ هڪ پائليٽ پروگرام جي طور تي ڪنهن پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج کي هڪ ماڊل طور تيار ڪري ڪم شروع ڪري سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ان سيڙپڪاريءَ ۾ اها مختلف ملڪن کي به شامل ڪري سگهي ٿي. اهي ملڪ اتان پيدا ٿيندڙ هيومن ريسورس کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلي سگهن ٿا. هن وقت سنڌ حڪومت پاڻ به هڪ اهڙي دٻاءُ ۾ آهي، جتي نوجوانن لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو هڪ اهڙو مسئلو درپيش آهي، جتي نوجوان حڪومت تي ڀروسو نٿا ڪن ته ٻئي پاسي حڪومت جو اهو موقف آهي ته اها نوجوانن لاءِ عملي طور تي تمام گهڻيون ڪارآمد پاليسيون جوڙي رهي آهي ۽ ايمانداريءَ سان ميرٽ تي نوڪريون ڏئي رهي آهي. ان سڄي اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مهارتون ڏيڻ ۾ مدد ڪري، جنهن سان نوجوان گهر ويٺي يا ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجو روزگار حاصل ڪري سگهن. اهڙي پاليسي نه صرف سنڌ حڪومت کي مقبوليت فراهم ڪندي، بلڪه سنڌ ۾ خوشحاليءَ جو نئون دور پڻ شروع ٿيندو، ڏوهن جو خاتمو ٿيندو، امن امان جو مسئلو حل ٿيندو ۽ گڏوگڏ اسان جو نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ ويندو ته سنڌ ڏانهن وڌ ۾ وڌ پرڏيهي ناڻو موڪلي سگهندو. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت جلد کان جلد سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ اهڙا آءِ ٽي پارڪس ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ وارا هنڌ ٺاهي جتي انٽرنيٽ جي رفتار تيز هجي، بجليءَ جي سپلاءِ جو ڪو مسئلو نه هجي ۽ اتي نوجوان ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ مهارت حاصل ڪري سگهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو