مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڄام چاڪرو ۾ پهرئين سينيٽري انجنيئرڊ لينڊ فل منصوبي جو افتتاح

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچيءَ جهڙي ميگا سٽي مان روزانو تقريبن 11 هزار کان 13 هزار ٽن ڪچرو نڪري ٿو. ايتري وڏي ڪچري کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ جي حساب سان انتهائي ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري ڪراچي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران شهر جي ڪچري کي بنيادي طور تي ٻن وڏين سرڪاري لينڊ فل سائيٽس تي منتقل ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ پهريون سرجاڻي ٽائون جي ويجهو ڄام چاڪرو واري علائقي ۾ جنهن ۾ سينٽرل ڪراچي، ويسٽ ۽ اوڀر واري ضلعي جا ڪجهه علائقا، ناظم آباد، سرجاڻي، اورنگي ۽ نيو ڪراچي شامل آهن. جڏهن ته ٻيو علائقو گوند پاس يا ديهه ديهي آهي. جنهن ۾ ڪياماڙي ضلعو، هن علائقي جو ڪچرو ضلعي ڪياماڙي، لياري، بلديه، سائيٽ، انڊسٽريل ايريا ۽ ڏکڻ ڪراچيءَ جي علائقن جو ڪچرو اتي جمع ڪيو ويندو آهي. ڄام چاڪرو ڪراچيءَ جي ڪچري جمع ڪرڻ جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي. پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪچري کي سائنسي انداز ۾ ڊمپ ڪرڻ يا ان جي الڳ الڳ چونڊ ڪرڻ جو نظام چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت قائم نه ٿي سگهيو آهي، پر وقت سان گڏ هڪ سٺي ڳالهه ڏسڻ ۾ ۽ ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته 19 آڪٽوبر 2026ع تي وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ جي پهرئين سينيٽري انجنيئرڊ لينڊ فل منصوبي جو افتتاح ڪيو. هي ڪچري کي تلف ڪرڻ جو هڪ سائنسي ۽ جديد طريقو آهي. اسان وٽ عام طور تي ڪچرو جمع ڪري ان کي باهه ڏيڻ جو رواج آهي، ڪراچيءَ ۾ به اڪثر سينيٽري لينڊ فل سائيٽس تي باهيون لڳل هونديون آهن. حيدرآباد ۾ هاڻي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڪليڪشن سبب اهڙا منظر گهٽ ڏسڻ اچن ٿا، پر ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اڃان تائين ڪچرو ساڙيو وڃي ٿو. جيڪو ساهه جي بيمارين، دل جي بيمارين، هوا جي ڪوالٽي کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پهريون سينيٽري انجنيئرڊ لينڊ فل منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ ان سائنسي انداز سان ڪچري کي تلف ڪيو وڃي ٿو. هن طريقي سان زمين جي اندر هڪ مضبوط تهه ٺاهي ان جي هيٺان ۽ پاسن کان هڪ خاص قسم جو مادو جنهن ۾ پلاسٽڪ ۽ مٽي شامل هوندي آهي ان جي تهه لڳائي ويندي آهي، جنهن مان ڪچري جو ڪنو پاڻي جر جي پاڻيءَ کي خراب نه ڪري سگهندو آهي. گڏوگڏ هن ۾ ڪچري مان نڪرندڙ زهر جهڙي پاڻيءَ کي پائيپن جو ڄار وڇائي واٽر پلانٽ ڏانهن موڪليو ويندو آهي. ان کان علاوه ان ۾ ميٿين گئس جيڪا زهريلي آهي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جو به نظام موجود آهي. جنهن سان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ پائيپ لڳايا ويندا آهن ته جيئن باهه لڳڻ جو خطرو نه رهي. روزانو ڪچرو وجهڻ کانپوءِ ان جي مٿان مٽي يا ريتيءَ جو تهه لڳايو ويندو آهي، جنهن سان بدبو، مکيون، مڇر ۽ ٻيا جيت جنم نه وٺندا آهن. هي نظام ماحول لاءِ تمام فائديمند آهي ۽ ان جي نگرانيءَ جو به مسلسل هڪ نظام ڪم ڪندو آهي. جنهن جي ذريعي ان علائقي جي پاڻي، هوا ۽ زمين جي مسلسل چڪاس ڪئي ويندي آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ سينيٽري انجنيئرڊ لينڊ فل جو استعمال گهڻو اڳ شروع ڪيو ويو، پر اتي عوام جي اندر مسلسل ڪچري کي اڇلائڻ لاءِ آگاهي ڏني ويندي آهي ۽ ڪچري جي لاءِ ڌار ڌار ڊسٽ بن رکيل هوندا آهن ته جيئن ڪچرو اڇلائڻ وقت مختلف قسم جو ڪچرو مختلف ڊسٽ بن ۾ اڇليو وڃي. جنهن ۾ نامياتي يا اهڙو ڪچرو جيڪو آلو هجي جنهن ۾ کاڌي پيتي جو بچيل سامان، ڀاڄين ۽ ميون جون کلون، ماني، ٻوٽن جا پن يا باغن جو ڪچرو اڇلايو ويندو آهي. جنهن کي پوءِ هڪ پراسيس ذريعي ڀاڻ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه خشڪ ڪچري ۾ پلاسٽڪ جون شيون ڌار ڊسٽ بن ۾ ته گتي ۽ ڪاغذ جون شيون ڌار، شيشي مان ٺهيل سامان ڌار، ڌاتوءَ جو ڪچرو ڌار دٻن ۾ اڇلايو ويندو آهي. خطرناڪ يا زهريلو ڪچرو الڳ دٻن ۾ وڌو ويندو آهي ۽ انهن جي ريسائيڪلنگ ڪري انهن مان ڪچو مال حاصل ڪيو ويندو آهي.
جڏهن ته اسان وٽ ڪچري کي ڌار ڪرڻ لاءِ هزارين غريب ٻار گهٽين ۾ ٿيلها کڻي صبح کان وٺي ڪچرو چونڊيندا رهندا آهن ۽ پوءِ اهي ڪنهن ڪٻاڙي کي وڪڻي ڏيندا آهن. اهي ٻار جن کي اسڪول ۾ هجڻ گهرجي ڪچرو ڌار ڪري ڪٻاڙي کي ڪمائڻ لاءِ وڏي مدد ڪندا آهن. جڏهن ته ڪچري جي دنيا مان سنڌ حڪومت به وڏو ناڻو ڪمائي سگهي ٿي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ان کنيل قدم کي صرف ڪنهن هڪڙي شهر تائين محدود نه ڪندي، بلڪه ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ ۽ صوبي جي هر ننڍي ۽ وڏي شهر ۾ اهڙيون لينڊ فل سائيٽس جوڙيون وينديون ۽ ڪچري کي سائنسي انداز ۾ تلف ڪرڻ لاءِ پلانٽ لڳايا ويندا. جيڪڏهن حڪومت ٿوري محنت ڪري وڏن شهرن کي تربيت ڏئي ڪچري کي ڌار ڌار اڇلائڻ جون بندوبست ڪري ته اها تربيت آهستي آهستي هر شهر تائين پکيڙي سگهجي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو