صحت جي نالي ۾ انساني زندگين سان کيڏڻ جو ڪاروبار
سنڌ اسيمبليءَ ۾ صحت بابت ٿيل بحث دوران اهو انڪشاف انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي ته ڪجهه باقاعده پيشه ور ڊاڪٽر پنهنجا نالا ۽ ايم بي بي ايس جون ڊگريون عطائي ڊاڪٽرن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ غيرتربيت يافته ماڻهو قانوني سڃاڻپ جي آڙ ۾ ڪلينڪون هلائي رهيا آهن. هي معاملو رڳو قانون جي ڀڃڪڙي نه، پر انساني زندگين سان سنگين بي احتياطي آهي. ڊاڪٽر جو نالو ۽ ڊگري اعتماد جي علامت هوندا آهن. جيڪڏهن اهي ئي ذاتي فائدي لاءِ عطائيت جي سهولت بڻجن ته صحت جي نظام تي عوام جو اعتماد ڪيئن قائم رهي سگهندو؟
صحت واري وزير عذرا پيچوهو اسيمبليءَ کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف 11 هزار کان وڌيڪ ڪارروايون ڪيون ويون آهن ۽ 11 هزار 560 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪلينڪون سيل ڪيون ويون آهن. 1800 کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڇهه ڪيس داخل ڪيا ويا. اهي انگ ظاهر ڪن ٿا ته مسئلو محدود نه، پر صوبي جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل آهي. تنهن هوندي به ڪلينڪون سيل ٿيڻ کانپوءِ ساڳين ماڻهن جو ٻين هنڌن تي ٻيهر ڪاروبار شروع ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته رڳو تالا لڳائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. مستقل نگراني، قانوني سزا ۽ ادارن وچ ۾ اثرائتو سهڪار ضروري آهي. هن مسئلي جو هڪ وڌيڪ سنگين پاسو باقاعده ڊگري رکندڙ ڊاڪٽرن جو سهولتڪار بڻجڻ آهي. جرنل آف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ 2021ع دوران ڇپيل هڪ تحقيق، جيڪا 2019ع کان 2020ع دوران سنڌ جي 29 ضلعن ۾ ڪيل سروي تي ٻڌل هئي، موجب 4315 خانگي علاج ڪندڙن مان 3022 غيرلائسنس يافته هئا. تحقيق ۾ اهو به معلوم ٿيو ته 155 ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جا نالا غيرتربيت يافته ماڻهن جي ڪلينڪن تي استعمال ٿي رهيا هئا. ان کانسواءِ ڪيترن هنڌن تي صفائي، جراثيم کان بچاءَ ۽ انجيڪشن جي محفوظ استعمال جا معيار به انتهائي خراب ڏٺا ويا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عطائيت جي پاڙن ۾ رڳو اڻڄاڻ ماڻهن جو ڪردار نه، پر ڪجهه باقاعده ڊاڪٽرن جي غيرذميواري به شامل آهي. اهڙي غيرقانوني علاج جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. استعمال ٿيل سرنجون، غيرمحفوظ ڊرپس، جراثيم کان پاڪ نه ڪيل طبي اوزار ۽ رت جي منتقليءَ دوران بي احتياطي ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ ۾ اڳ ئي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ جا ڏکوئيندڙ واقعا سامهون اچي چڪا آهن. تنهنڪري عطائيت خلاف ڪارروائيءَ کي رڳو غيرقانوني ڪلينڪون بند ڪرڻ بدران وبائي بيمارين جي روڪٿام ۽ انساني جانين جي تحفظ واري بنيادي ذميواري طور ڏسڻ گهرجي.
ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو ڪردار مرڪزي اهميت رکي ٿو، پر تازو اسيمبليءَ ۾ اهو به سامهون آيو ته ڪميشن جو چيئرمين لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کان مقرر ناهي ۽ بورڊ جو مدو پڻ پورو ٿي چڪو آهي. جڏهن صوبي ۾ صحت جي خدمتن جي نگراني ڪندڙ اهم ادارو ئي انتظامي غيريقينيءَ جو شڪار هجي ته ان جي ڪارڪردگي ۽ تسلسل بابت سوال اٿڻ فطري آهي. حڪومت کي گهرجي ته بنا دير ڪميشن جو نئون بورڊ ۽ چيئرمين مقرر ڪري، ضلعي سطح تي ان جي موجودگي ۽ عملي صلاحيت کي مضبوط بڻائي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر ڪلينڪ جي لائسنس، مالڪ ۽ عملي جي اصل تعليمي قابليت جي تصديق ڪئي وڃي. جنهن ڊاڪٽر پنهنجو نالو يا ڊگري غيرقانوني استعمال لاءِ ڏني هجي، ان کي به برابر جو ذميوار قرار ڏئي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل سان گڏ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سيل ٿيل ڪلينڪن کي ٻيهر کولڻ کان روڪڻ، باقاعدي اوچتا معائندا ڪرڻ ۽ ڪاررواين جا تفصيل عوام آڏو رکڻ پڻ ضروري آهي. ساڳئي وقت سرڪاري اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن جي موجودگي، دوائن ۽ ضروري سهولتن کي يقيني بڻائڻو پوندو، جيئن مجبوريءَ ۾ ماڻهو غيرمستند علاج ڪندڙن ڏانهن نه وڃن. صحت جو شعبو ڪنهن به سماج ۾ اعتماد ۽ ذميواريءَ جي بنياد تي قائم هوندو آهي. ڊاڪٽر جي ڊگري کي ڪرائي تي ڏيڻ، مريض جي زندگيءَ سان راند ڪرڻ برابر آهي. سنڌ حڪومت لاءِ اصل ڪاميابي سيل ڪيل ڪلينڪن جي انگ ۾ واڌ نه، پر عطائيت جي مستقل خاتمي، قانون جي بنا فرق عملداري ۽ شهرين کي محفوظ ۽ معياري علاج جي فراهميءَ ۾ آهي. انساني زندگيءَ جي تحفظ لاءِ هن معاملي ۾ اعلانن کان اڳتي وڌي نتيجا ڏيندڙ قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟