مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو نوجوان قومي ۽ عالمي راندين جي مقابلن کان ٻاهر ڇو آهي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آزاديءَ کان وٺي هيستائين سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان نه صرف تعليمي نظام ڪمزور ٿيو آهي، پر اسان جي نوجوانن کان راندين جا ميدان به ڦريا ويا آهن. اسڪول ۽ ڪاليج راندين جون نرسريون هونديون آهن، پر سنڌ جي نوجوانن کي اسڪولن کان وٺي ڪاليجن تائين ان صحتمند سرگرميءَ کان محروم به رکيو ويو آهي. رانديون تفريح نه، شخصيت سازيءَ جو هڪ وڏو حصو آهن. ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليمي نظام صوبن جي هٿ هيٺ آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي مخصوص فنڊ به فراهم ٿئي ٿو، پر ڪوبه سنڌي نوجوان ڇوڪرو يا ڇوڪري نه صوبائي سطح تي نه ئي قومي سطح تي ڪنهن وڏي راند جي ٽيم جو حصو بڻجي سگهيا آهن. جڏهن قومي ٽيم ۾ ئي ناهن ته بين الاقوامي ٽيم جا خواب ڪيئن ڏسجن. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته انهن وٽ قابليت ناهي. هينئر به سنڌ جا ڪيترائي ڪاليج ۽ اسڪول يا ته فنڊن جي کوٽ ۽ بجيٽ جي نه هجڻ جي ڪري پنهنجن تعليمي ادارن ۾ راندين جون سرگرميون هلائي نٿا سگهن، ڪٿي استاد مقرر ٿيل ناهن ته ڪٿي وري فنڊز جي کوٽ آهي. اهڙا اسڪول به آهن جتي اهي سڀ شيون هوندي به رانديون نٿيون کيڏايون وڃن. ڪوبه معاشرو صحتمند تڏهن سمجهيو ويندو آهي جڏهن ان معاشري جا نوجوان هر قسم جي راند ۾ دلچسپي وٺي مصروف نظر اچن. جڏهن اهي ٿڪجي گهر اچن ته سندس چهري تي سرخي هجي، پر ان جي ابتڙ سنڌ جو نوجوان ڪمزور، مايوس ۽ زرد چهري جو شڪار نظر اچي ٿو. تڏهن هو نه صوبائي ٽيمن جو حصو آهي نه قومي. اسان جي سماج ۾ راندين جي اهميت جو اندازو ئي ختم ٿي چڪو آهي.
جڏهن ته ٻهراڙين ۾ قدرتي طور تي ٻار سگهارا آهن، مناسب ڪوچنگ ملڻ سان اهي تمام سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. سندن راند کيڏڻ وارين قدرتي صلاحيتن کي ضايع ڪيو پيو وڃي. ڪنهن وقت اسڪولن ۾ اسڪائوٽنگ جو نظام ٻارن کي ليڊرشپ جي لاءِ تيار ڪندو هو، هاڻي اهو به نظر نٿو اچي. اسڪولن جي اندر ۽ اسڪولن کان ٻاهر راندين جا ميدان هن وقت سرمائيدار ۽ ريئل اسٽيٽ مافيا جي ڪاروبار ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. شهرن ۾ ٻارن لاءِ ڪٿي به راندين جا ميدان گهرن ويجهو نظر نٿا اچن، جتي اهي شام جو ڪرڪيٽ، ٿرو بال يا فٽبال کيڏي سگهن، ڊوڙي سگهن ۽ پنهنجي ذهن کي صحتمند رکي سگهن. اهڙين مثبت سرگرمين جي نه هجڻ سبب نوجوان منشيات ۽ ڏوهن جو شڪار آهن. وٽن صرف سمارٽ فون واحد وندر آهي، جنهن تي خبر ناهي ته هو ڇا ڏسي ۽ سکي رهيا آهن. ڏوهه صرف حڪومت جو نه، پر ڏوهه انهن هيڊماسترن، هيڊماسترياڻين ۽ ڪاليج جي پرنسپالن جو به آهي، جن جي اڳواڻيءَ ۾ اهي تعليمي ادارا ته هلي رهيا آهن، پر سندن بزدلي ۽ مصلحت پسندي سبب ٻار پنهنجي راند کيڏڻ جي بنيادي حق کان محروم آهن، جنهن جو نقصان نسلن کي پهچي رهيو آهي. خانگي اسڪولن ۾ ننڍن ننڍن ميدانن تي به رانديون ڪرايون وڃن ٿيون. جڏهن ته سرڪاري اسڪولن وٽ وڏا ميدان خالي پيل هوندا آهن، پر انهن کي راندين لاءِ استعمال نٿو ڪيو وڃي ۽ جڏهن انهن سان ان بابت ڳالهايو وڃي ٿو ته بجيٽ نه هجڻ جي شڪايت ڪئي وڃي ٿي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ انهن ميدانن کي ڪمرشل ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي ۽ ميدان شادي هالن ۾ يا نجي پارڪنگ لاٽن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن يا وري انهن کي ميلن يا ٻين پروگرامن جي انعقاد لاءِ ڪرائي تي ڏنو ٿو وڃي.
اهي ميدان اسان جي نوجوان نسل جي راندين کيڏڻ لاءِ ادارن وٽ امانت آهن، جن جو غلط استعمال ڪري نوجوانن کي محروم رکيو پيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته والدين ۽ سول سوسائٽي اڳيان اچي. والدين کي پنهنجن ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هيڊماسترن ۽ پرنسپالن سان ڳالهائڻو پوندو. حڪومت کي به ميدانن جي حفاظت لاءِ جيو ٽيگنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي راندين جا ميدان راندين جي استعمال لاءِ محفوظ رهن ۽ انهن تي ٻئي ڪنهن به قسم جي ڪابه سرگرمي ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ان کان علاوه لينڊ رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ڪاليجن جي زمين جا نقشا ۽ رڪارڊ سنڌ روينيو کاتي جي سسٽم ۾ پبلڪ ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته ڪهڙن ڪهڙن اسڪولن ۾ ريئل اسٽيٽ مافيا راند جي ميدانن سان هٿ چراند ڪئي آهي. راندين جي فنڊ جي شفاف آڊٽ ڪرائي وڃي ته آخر اهي فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا ويا، ڇا انهن مان راندين جا سامان خريد ٿيا، ڇا ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جي ڀرتي ڪئي وئي يا نه؟ جيڪڏهن اهي ڀرتي ٿيل آهن ته انهن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. مقامي سطح تي به سول سوسائٽي اندر “ميدان بچايو ڪميٽيون” قائم ڪيون وڃن، انهن کي پنهنجي ارد گرد اسڪولن ۽ ڪاليجن جي اندر راندين جي ميدانن ۽ ٻاهر نوجوانن لاءِ مختص ٿيل راندين جي ميدانن تي نظر رکڻي پوندي. جيڪڏهن اسان جو عوام پنهنجين شين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو ته غير قانوني طور قبضا ڪرڻ واري مافيا پٺتي هٽندي. ان لاءِ انتظاميه ۽ هر مافيا جي چرپر تي نظر رکڻي پوندي. تڏهن اسان پنهنجي ڌرتي تي هڪ دفعو ٻيهر راندين جي ڪلچر کي زنده ڪري سگهون ٿا. هن وقت اسان وٽ جيڪي به خانگي ڪلب موجود آهن اهي به ريسٽورينٽن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اسان کي پنهنجي نئين نسل جي لاءِ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ جو تصور وري ٻيهر پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو