بلاول ڀٽو جي مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ۽ سنڌي قومپرستن کي دهشتگردن سان گڏ بيهارڻ جو بيانيو
چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ من پسند ڪاميابي نه ملڻ کانپوءِ پنهنجي اتحادي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ نظام کان ناراض لڳي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو 19 آگسٽ 2026ع تي هن اپوزيشن ليڊرن محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي. سندس اهو قدم پنهنجن اتحادين لاءِ هڪ پيغام پڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ چونڊن دوران ذاتي طور انهن جي نگراني ڪئي ۽ چونڊ مهم ۾ حصو ورتو، پر پوءِ به کيس ڪاميابي نه ملي سگهي. جنهن تي هينئر هو ناراض نظر اچي رهيو آهي. هن کليل لفظن ۾ اهو اظهار ڪيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. جڏهن ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي من پسند نتيجا ناهن ملندا ته اها پارٽي نئين حڪمت عملي ٺاهي ڪارڪنن کي نئين سر متحرڪ ڪندي آهي. ممڪن آهي ته جلد ئي بلاول ڀٽو زرداري عوام کي مخاطب ٿي پنهنجو ڪو نئون لائحه عمل پيش ڪري ته پيپلزپارٽي ڪهڙي طرف وڃڻ جو ارادو رکي ٿي. هن وقت پيپلزپارٽي جيئن ته (ن) ليگ جي اتحادي پڻ آهي، پر ان هوندي به ان کي ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ يا ان جون ڪجهه شقون ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ وڏو دٻاءُ اين ايف سي ايوارڊ بابت آهي، جنهن کي آئيني طور تي ختم ڪرڻ ۽ صوبن جي مالياتي حصن کي گهٽ ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن ارڙهين ترميم جي ڪابه شق پنهنجي جاءِ تان هڪ دفعو ٿڙي وئي ته پوءِ ان جو مثال ايئن ٿيندو ته هڪ مضبوط قلعي جي ڀت مان هڪ سر ڪڍي آهستي آهستي سڄي ڀت کي ٽوڙي اندر داخل ٿي قلعو فتح ڪيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته سڀئي سياسي پارٽيون هن وقت متحد ٿي ارڙهين ترميم جو تحفظ ڪن. ڇو ته ارڙهين ترميم صرف سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ جاگرافي جي حفاظت نٿي ڪري، بلڪه اها ترميم چئني صوبن کي هڪ ئي وقت تحفظ فراهم ڪري ٿي، پر (ن) ليگ جو بيانيو اڳتي پٺتي ٿيندي نظر اچي ٿو، جيڪا سندن ڪمزور نظريي جي عڪاسي آهي. بلاول ڀٽو زرداري هن وقت ايترو ته دٻاءُ ۾ آيل آهي جو ان پنهنجي هڪ ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي دهشتگردن سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي قومپرستن تي ڪيترائي سوال اٿاري سگهجن ٿا، انهن جو ڪيترن ئي حوالن سان تجزيو ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌ جي سياسي، سيڪيولر، قومپرست پارٽين لاءِ بلاول ڀٽو جو اهو بيان ته اهي دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن، اهو زميني حقيقتن جي خلاف آهي. جيڪڏهن چيئرمين پيپلزپارٽيءَ کي ڪنهن قومپرست پارٽيءَ ۾ دهشتگرديءَ جا اهڃاڻ مليا آهن ته ان کي ان جو نالو ٺي اڳيان آڻڻ گهرجي. سڀني کي گڏي نشانو بنائڻ سياسي غير دانشمنديءَ جو اظهار آهي. سنڌ جون قومپرست پارٽيون سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ سياسي حقن تي مستقل آواز اٿارينديون رهن ٿيون. انهن جي تحريڪ ۽ سياسي اثر کي قانوني يا سيڪيورٽي خطرو بڻائي پيش ڪرڻ سان ائين لڳي رهيو آهي ته چيئرمين پيپلزپارٽي انهن جو دٻاءُ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پيپلزپارٽي کي هميشه اهو خدشو به رهيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان قومپرستن جا لاڳاپا بهتر ٿي ويا ته پوءِ پيپلزپارٽيءَ جو متبادل پيدا ٿي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هڪ پاسي هن اهو بيان ڏنو آهي ته صوبن کي آئيني طريقي سان ٺاهڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي ته ٻئي پاسي هن قومپرستن کي سختگير گروهن سان ملائي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏنو آهي ته قومپرست جماعتون سيڪيورٽي رسڪ آهن.
جڏهن ته سنڌ جي عوام جو اهو خيال آهي ته سنڌ جون قومپرست پارٽيون سنڌ جي مسئلن کي اڀارڻ لاءِ هڪ وڏو پريشر گروپ آهن. عوام کي ان ڳالهه تي پورو ڀروسو آهي ته قومپرست چاهي پارلياماني سياست ڪندڙ هجن يا نه، اهي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ڪڏهن به نقصان پهچائي نٿا سگهن. نه ئي اهي سنڌ جي قدرتي وسيلن کي آئين کان مٿانهين طريقي سان ڪنهن طاقتور ڌر جي حوالي ڪرڻ جي حق ۾ ٿي سگهن ٿا. چيئرمين پيپلزپارٽيءَ جي اهڙي بيانيي قومپرست سياسي پارٽين جي تنظيم ڪاري لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج پيدا ڪيو آهي. ڇو ته هن وقت بلوچستان کي اهڙين حالتن ۾ ڦاسائي ان کي هڪ اهڙي خطي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جو اهي هاڻي پنهنجي ئي باهه ۾ پڄري رهيون آهن. ان کان اڳ جو سنڌ کي ڪنهن اهڙي باهه ۾ ڌڪيو وڃي، سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر، پنهنجن ڪارڪنن جي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي تربيت ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ لاءِ سر ڏيندڙ هر شخص قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر اهو ڪنهن به دهشتگرديءَ سان ڳنڍيل ناهي. بهتر اهو آهي ته بلاول ڀٽو جلد ئي سنڌ جي قومپرستن لاءِ اهڙي بيانيي کي واضح ڪري ته هن اها ڳالهه ڪهڙي مقصد تحت ۽ ڪنهن لاءِ چئي آهي. نه ته اهو بيانيو کيس به نقصان ڏئي سگهي ٿو. ڇو ته پيپلز پارٽي مٿان اڳ ۾ ئي اهڙا الزام لڳل آهن ته ماضيءَ ۾ به پيپلزپارٽي بلوچستان ۾ نيپ حڪومت جي برطرفي ڪري فوجي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. نيپ جي بنيادي اڳواڻن تي غداريءَ جا مقدمه هلايا، سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي نقصان پهچائي ليڊرن کي سياسي بليڪ ميلنگ جو نشانو بڻايو. جنهن سان عارضي طور تي ته پيپلزپارٽيءَ جي ليڊرشپ کي فائدو پهتو، پر ڊگهي مدي واري سياست ۾ اهو سڀ ڪجهه پارٽيءَ لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي ويو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟