موسمياتي تبديلي ۽ پاڻيءَ جو وڌندڙ بحران
دنيا جي آبي وسيلن ۾ تيزيءَ سان ايندڙ گهٽتائي هاڻي رڳو موسمياتي تبديليءَ جو معاملو نه رهي آهي، پر انساني بقا، معاشي استحڪام ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل سان لاڳاپيل هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي. عالمي موسمياتي اداري (WMO) جي تازي رپورٽ دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته دريائن جي وهڪرن، زيرِ زمين پاڻي، گليشيئرن ۽ مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ ٿيندڙ مسلسل تبديليون عالمي آبي نظام کي غير يقيني بڻائي رهيون آهن. پاڻيءَ جي کوٽ جو خطرو هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي، پر دنيا جي مختلف سماجن ۽ معيشتن کي متاثر ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب 2025ع گذريل 35 سالن دوران دريائن جي وهڪرن جي حوالي سان خشڪ ترين سالن ۾ شامل رهيو. دنيا جي تقريبن 36 سيڪڙو درياهن جي پاڻي گڏ ٿيڻ وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو معمول کان گهٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته مسلسل ستين سال به معمول مطابق وهڪرو رکندڙ دريائي طاسن جو تناسب تاريخي اوسط کان گهٽ رهيو. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پاڻيءَ جو عالمي چڪر آهستي آهستي پنهنجي پراڻي ترتيب وڃائي رهيو آهي، جنهن جا اثر زراعت، پيئڻ جي پاڻي، صنعت ۽ توانائيءَ جي پيداوار تي پئجي سگهن ٿا. پاڻيءَ جا ذخيرا ڪنهن به سماج لاءِ قدرت جي بچت کاتي وانگر هوندا آهن، جيڪي خشڪ موسمن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ دوران سهارو فراهم ڪندا آهن. زيرِ زمين پاڻي، گليشيئر، برف، مٽيءَ ۾ موجود نمي ۽ ڍنڍون خشڪ موسمن دوران انساني آباديءَ ۽ ماحولياتي نظامن کي سهارو ڏين ٿا. ماضيءَ ۾ اهي ذخيرا خراب موسمن جي اثرن کي ڪجهه حد تائين جذب ڪري وٺندا هئا، پر هاڻي انهن تي وڌندڙ دٻاءُ ۽ موسمياتي تبديليءَ سبب سندن قدرتي صلاحيت گهٽجي رهي آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جا اهي حفاظتي وسيلا مسلسل ختم ٿيندا رهيا ته خشڪ ساليءَ جو هڪ موسم به ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد پاڻيءَ جي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
گليشيئرن جو تيزيءَ سان پگهرڻ هن بحران جو هڪ اهم پاسو آهي. رپورٽ مطابق 2025ع ۾ دنيا جي سڀني وڏن گليشيائي علائقن ۾ مسلسل چوٿين سال برف جي ذخيرن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. رڳو هڪ سال دوران گليشيئرن مان تقريبن 408 گيگا ٽن برف ڳري وئي، جڏهن ته 2023ع کان 2025ع تائين مجموعي نقصان لڳ ڀڳ 1400 گيگا ٽن تائين پهچي ويو. برف جي اهڙي وڏي مقدار جو ڳرڻ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو ۽ ڊگهي عرصي ۾ انهن علائقن لاءِ به خطرو پيدا ڪري ٿو، جيڪي گليشيئرن جي پاڻيءَ تي ڀاڙين ٿا. گليشيئرن جو پگهرڻ شروعاتي مرحلي ۾ ڪجهه دريائن جي وهڪرن ۾ واڌ آڻي سگهي ٿو، پر ڊگهي مدي ۾ برفاني ذخيرن جي گهٽتائي پاڻيءَ جي دستيابيءَ کي متاثر ڪندي. وچ ايشيا، هماليائي خطي ۽ ٻين جبلستاني علائقن ۾ رهندڙ آباديون، زراعت ۽ توانائيءَ جا منصوبا ان تبديليءَ کان خاص طور متاثر ٿي سگهن ٿا. ساڳئي وقت، شديد برساتون، اوچتيون ٻوڏون ۽ خشڪ ساليءَ جا وڌندڙ واقعا ظاهر ڪن ٿا ته پاڻيءَ جو مسئلو رڳو کوٽ جو ناهي، پر ان جي غير متوازن دستيابيءَ جو به آهي. نيپال ۽ تبت جي سرحدي علائقن ۾ ايندڙ تباهه ڪندڙ ٻوڏن بابت سائنسي تحقيق پڻ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ موسمياتي تبديلي ۽ مقامي ارضياتي عنصر گڏجي خطرن کي وڌائي سگهن ٿا. گرمي پد ۾ واڌ سبب گليشيئرن ۽ جبلن جي ڍلانن ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا. ان مان سبق اهو ملي ٿو ته قدرتي آفتن کي رڳو اوچتو پيش ايندڙ حادثو سمجهڻ بدران انهن جي پويان موجود ماحولياتي ۽ انساني سببن جو به جائزو وٺڻ ضروري آهي. تنهن هوندي به هر ٻوڏ جي مخصوص سببن جو تعين سائنسي تحقيق ۽ مقامي حالتن جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان لاءِ عالمي آبي بحران جون اهي نشانيون خاص اهميت رکن ٿيون. ملڪ جي زراعت، پيئڻ جي پاڻي ۽ معيشت جو وڏو حصو دريائن ۽ زيرِ زمين پاڻيءَ سان ڳنڍيل آهي. سنڌ جيڪا هيٺاهين واري صوبي جي حيثيت سان سنڌو درياهه جي وهڪري تي ڀاڙي ٿي. پاڻيءَ جي کوٽ، سامونڊي چاڙهه، زمين جي تباهي ۽ غير يقيني برساتن جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. هڪ طرف پاڻيءَ جي دستيابيءَ بابت خدشا موجود آهن، ته ٻئي طرف ٻوڏن دوران پاڻيءَ جي تباهي ۽ ان جي مناسب انتظام جي کوٽ به سامهون اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ پاڻيءَ جي منصوبابنديءَ کي رڳو هنگامي قدمن تائين محدود رکڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ مضبوط پاليسي، جديد نگرانيءَ جو نظام ۽ سائنسي بنيادن تي فيصلا ڪرڻ ضروري آهن. عالمي موسمياتي اداري پاران پاڻيءَ جي وهڪرن بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ملڪن جي وچ ۾ معلومات جي ڏي وٺ کي اهم قرار ڏيڻ ان سلسلي ۾ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان ۾ به دريائن، واهن، ڍنڍن ۽ زيرِ زمين پاڻيءَ جي سطح بابت بروقت ۽ شفاف معلومات جي ضرورت آهي. پاڻيءَ جي استعمال، زرعي آبپاشي ۽ شهري فراهميءَ ۾ ضايع ٿيڻ کي گهٽائڻ لاءِ ادارن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. ان سان گڏ، موسمياتي تبديليءَ جي بنيادي سببن، خاص طور تي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي سنجيده قدم کڻڻ لازمي آهن. ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي ۽ فني سهڪار جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي سماج عالمي اخراج ۾ گهٽ حصو وٺن ٿا، اهي به ان جا وڏا اثر ڀوڳي رهيا آهن. پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ رڳو حڪومتي پاليسيون ڪافي ناهن، پر عوامي شعور ۽ ذميواراڻي استعمال جي به ضرورت آهي. زرعي شعبي ۾ پاڻيءَ جي بچت واريون ٽيڪنالاجيون، شهرن ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ جي بهتر منصوبابندي ۽ صنعتي استعمال جي نگراني، آبي وسيلن تي دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون. ان سان گڏ دريائن، ڍنڍن ۽ آبي ماحولياتي نظامن جي حفاظت کي ترقيءَ جي منصوبن جو لازمي حصو بڻائڻ گهرجي. پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ۽ وسيلن جي تحفظ کانسواءِ پائيدار معاشي ترقيءَ جو تصور اڻپورو رهندو. پاڻي قدرت جو اهڙو ذريعو آهي، جنهن جو متبادل پيدا نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن اڄ به پاڻيءَ جي استعمال، تحفظ ۽ ورڇ بابت ذميواراڻي سوچ اختيار نه ڪئي وئي ته ايندڙ وقت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سماجي تڪرارن، معاشي عدم مساوات ۽ انساني لڏپلاڻ کي وڌائي سگهي ٿي. دنيا کي هاڻي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته موسمياتي تبديلي مستقبل جو خطرو نه، پر موجوده دور جو مسئلو آهي. پاڻيءَ جي حفاظت، ماحولياتي ذميواري ۽ سائنسي منصوبابنديءَ کي ترجيح ڏيڻ ئي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ مستقبل جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟