مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪڻڪ جو اٽو ڏينهون ڏينهن مهانگو، حڪومت ننڊ ۾ ستل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هڪ غريب ماڻهو جڏهن ڪمائي ٿو، سندس پهرين ڪوشش اها هوندي آهي ته هو پنهنجو پيٽ ڀري گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني پنهنجن ٻارن کي کارائي سگهي، پر هن وقت سنڌ جي جمهوري حڪومت جنهن جو نعرو “روٽي ڪپڙا اور مڪان” آهي اها پنهنجي نعري کي وساري اٽي جي وڌندڙ اگهن کي بغير ڪنٽرول ڪرڻ جي ٻين ڪمن ۾ رڌل آهي. هن وقت مقامي مارڪيٽ ۾ 5 ڪلو اٽو جو ٿيلهو 900 رپين تائين ۽ 10 ڪلو جو ٿيلهو 1800 رپين تائين پهچي چڪو آهي ۽ سرڪاري سرپرستي يا انتظامي اکٻوٽ سبب ڪڻڪ جون ٽرڪون ٻين صوبن ڏانهن آزاديءَ سان منتقل ٿي رهيون آهن.
جڏهن ڪنهن به پيداواري شيءِ جي پنهنجي صوبي ۾ ضرورت هجي ۽ خاص طور تي اها کاڌي پيتي سان تعلق رکندي هجي ۽ کاڌي جو بنيادي جزو هجي ته صوبي جي حڪومت جو بنيادي فرض آهي ته ان کي اسمگل ٿيڻ کان بچائي ۽ پنهنجي صوبي جي ضرورتن جو پورائو ڪيو وڃي. هن وقت اسان جون حڪومتون چاهي اهي صوبائي هجن يا وفاقي حڪومت هجي انهن جو رويو کلي سامهون اچي چڪو آهي ته اهي سرمائيداري نظام کي هٿي ڏئي ايترو ته مضبوط ڪري رهيون آهن جو عوام جون کلون لاهي رهيون آهن ۽ عوام جون رڙيون ٻڌڻ جي لاءِ ڪير به تيار ناهي. عوام جي فلاح ۽ بهود لاءِ حڪومتن جا کنيل قدم ڪٿي به نظر نٿا اچن. همسري ڪجهه مهينا اڳ ڪڻڪ جي چوري تي پنهنجو آواز اٿاريو جيڪا سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيندي رهي، پر اڄ ڏينهن تائين انهن چورن کي انصاف جي ڪٽهڙي تائين نه پهچايو ويو آهي. لڳي ٿو ته اهي چور اسان جي انصاف جي نظام کان وڌيڪ طاقتور آهن. جنهن جو نتيجو اهو آهي جو اها ڪڻڪ اڄ ٻين ضلعن ۾ اسمگل ٿي پهچي رهي آهي ۽ سنڌ جو عوام جيڪو هن وقت بين الاقوامي انگن اکرن مطابق ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سجاول، ٺٽو ۽ قمبر شهدادڪوٽ سنڌ جا اهي ضلعا آهن جتي غربت جي شرح 70 سيڪڙو کان 85 سيڪڙو تائين پهتل آهي. سنڌ جي عام ماڻهو جي صاف پاڻيءَ تائين پهچ ناهي، جنهن سبب سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ سبب سندن قد وڌڻ رڪجي ويو آهي ۽ وارن جو ڀورو ٿيڻ عام آهي. 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اهڙي وقت ۾ اٽي جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ۽ ڪڻڪ جو گودامن مان چوري ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ هاڻي ان جو ٻين صوبن ڏانهن اسمگل ٿيڻ سنڌ جي عوام سان تمام وڏو ظلم آهي، جنهن جي ذميدار يقينن سنڌ حڪومت آهي. هن وقت عوام مهانگو اٽو خريد ڪري پنهنجون ٻيون بنيادي ضرورتون ڇڏڻ تي مجبور آهي. عوام کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته اسان جو وزيراعليٰ هواوي ڪمپني سان اي آءِ جي ياداشتن تي صحيحون ڪري آيو آهي، پر ان ڳالهه جو به افسوس آهي ته اسان جي وزيراعليٰ کي غريب عوام جي ماني مهانگي ٿيڻ تي ڪابه پريشاني ناهي.
10 فيبروري 2026ع تي همسري پنهنجي مڪمل ڊيٽا سان ايڊيٽوريل شايع ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ معتبر اخبار ۾ ڏنل ڊيٽا کي ريفرنس طور استعمال ڪندي لکيو ته ٻولهاڙي جي ڪڻڪ جي گودام مان 64 هزار 483 ڪڻڪ جون ٻوريون چوري ٿيون. جنهن کانپوءِ هڪدم سانگهڙ مان ساڍا 57 هزار، شهيد بينظيرآباد مان 46000، نوشهروفيروز مان 50,000، لاڙڪاڻي مان 1 لک 33 هزار، قمبر شهدادڪوٽ مان 4 لک 69 هزار 562، جيڪب آباد مان 19 هزار ٻوريون غائب ٿيون. جڏهن ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 1 لک 56 هزار 600 ۽ شڪارپور مان 11 هزار 702 ٻوريون لاپتا ٿيون هيون. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪڻڪ جون 8 لک ٻوريون غائب ڪرڻ ۾ 5 عملدارن کي ذميوار قرار ڏنو ويو، پر انهن جي مٿان ڪو ڪيس هليو يا انهن جي پڇا ڳاڇا تي ڪو طاقتور ماڻهو ذميوار قرار ڏنو ويو يا فوڊ ڊپارٽمينٽ جا ڪهڙا آفيسر معطل ٿيا، اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ اها ڪڻڪ جيڪا عوام جي کائڻ لاءِ ذخيرو ٿيل هئي، جيڪا سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن مان خريد ٿيل هئي، اها ڪڻڪ هن وقت ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداريءَ تي اربين رپين جو بجيٽ استعمال ڪري ٿي، اهو ڪنهن حڪمران جي کيسي مان نه، بلڪه سنڌ جي پورهيتن، عام مزدور ۽ شهرين جي ٽيڪسن جو پئسو هوندو آهي، جنهن سان حڪومت اها ڪڻڪ خريد ڪندي آهي ته جيئن صوبي ۾ غذائي تحفظ برقرار رهي ۽ عوام کي سستي ماني ملي سگهي. ان جو جواب ڪير ڏيندو ته انهن سڀني ڪوششن جي باوجود جيڪو عوام پنهنجا ٽيڪس ڏئي حڪومت جي مدد ڪري ٿو ته کيس غذائي تحفظ ملي سگهي، پر اهو سنڌ حڪومت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هڪ ڏهاڙي تي مزدوري ڪرڻ وارو مزدور جنهن جي مزدوري ۾ ته ڪو اضافو نٿو ٿئي، پر جڏهن اٽو مهانگو ٿي وڃي ٿو ته ان جي ڏهاڙي ازخود گهٽ ٿي وڃي ٿي. جڏهن عوام جي رکيل ڪڻڪ سنڌ جي گودامن مان سرڪاري تحويل مان نڪري وڃي ته ان جو ذميدار سنڌ جو فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ بين الصوبائي چيڪ پوسٽون آهن. هن وقت سنڌ جي پورهيت جو رت پيتو پيو وڃي ۽ اها رت جي ڪمائي جيڪا ٽيڪسن جي صورت ۾ حڪومت کي ڏني ٿي وڃي اها سندس کيسي مان ڪڍي ان مان تاجر برادري ۽ فوڊ ڊٽارٽمينٽ جي عملدارن جي کيسن ۾ وڃي رهي آهي، جيڪي پنهنجي ملي ڀڳت سان عوام جي جياپي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو