اچو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن تي عهد ڪريون ته ٻارن لاءِ ”ٻار دوست سماج“ جوڙيون
ٻار صرف هنج ۾ کڻي ٿوري دير پيار ڪرڻ ۽ خوش ٿيڻ لاءِ ناهي. ٻار قدرت جو اهو تحفو آهي. جنهن کي مستقبل سنڀالڻو آهي. جيڪي سماج پنهنجن ٻارن جي حفاظت، تربيت ۽ اهميت کان واقف آهن انهن لاءِ اهڙو سماج جوڙين ٿا جتي نه صرف ٻار بلڪه ٻڍا به محفوظ هوندا آهن. 1945 ۾ ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ يورپ ۽ ايشيا ۾ لکين ٻار يتيم، بي گهر ۽ بيمارين جو شڪار ٿيا. اهڙي وقت ۾ اڳواڻن کي احساس ٿيو ته انهن معصوم ٻارن جو گهڻو نقصان ٿيو آهي. تنهنڪري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 ڊسمبر 1954 تي قرارداد نمبر 836 (IX)منظور ڪئي، جنهن تحت سڀني ملڪن کي عالمي طور ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي سفارش ڪئي وئي. 1946 ۾ ٻارن جي هنگامي مدد لاءِ قائم ڪيل يونيسيف کي 1953 جي گڏيل قومن مستقل ادارو بڻايو ويو ۽ 1954 ۾ ٻارن جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ٿيو. سڌريل ملڪن ان ڏينهن کي هر سال ملهائڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ انقلابي قدم کڻي اهڙي قانونسازي ڪئي جو اڄ اهي ٻار پنهنجن سماجن ۾ اڪيلا گهمي ڦري سگهن ٿا. گهرن کان اسڪولن تائين اچي وڃي سگهن ٿا ۽ انهن جي لاءِ راندين جا ميدان موجود آهن ۽ سندن مرضي کانسواءِ سندن جسم کي ڪير ڇُهي به نه ٿو سگهي، ٻار اتي تمام گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو.
ان جي ابتڙ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 49 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. لڳ ڀڳ 97 لک 70 هزار ٻار ٻاراڻي مزدوري ڪن ٿا. جنهن مان 66 لک ٻار اهڙين جاين تي ڪم ڪن ٿا، جتي سندن زندگي خطري ۾ هوندي آهي. يونيسيف عالمي ڏينهن ملهائي سڀني ملڪن کي اهو پيغام ياد ڏياريندو آهي ته ٻارن جي تعليم، صحت ۽ جسماني تحفظ لاءِ سڌارا آندا وڃن ته جيئن هر ملڪ جو ٻار هڪ ڪارآمد ۽ مثبت شهري بڻجي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي، پر اهو ڪنهن به ملڪ کي ائين نه ڪرڻ تي ڪا سزا نه ٿو ڏئي سگهي يا ان جون امدادون بند نه ٿو ڪرائي سگهي. اهڙين رپورٽن کانپوءِ يونائٽيڊ نيشن کي ٻارن جو استحصال ڪندڙ ملڪن تي وڏيون وڏيون پابنديون ضرور لڳائڻ گهرجن. جنهن عمر ۾ ٻارن کي ذهني بي فڪري سان لکڻ، پڙهڻ ۽ رانديون کيڏڻ گهرجن. اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان لکين ٻارن جو پنهنجي ارد گرد استحصال ٿيندو رهي ٿو.
مزدوري ڪندڙ ٻارن کي به پيٽ ڀري ماني نه ٿي ملي ۽ اهي ٻار مختلف بيمارين جو شڪار رهن ٿا. انهن جا وار ڪڪا، سندن چمڙي پيلي، قد ننڍو ۽ هڏين جو ڍانچو ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ اهي پنهنجي عمر کان اڳ پوڙها ٿي جلد مري وڃن ٿا. ان سڄي استحصال جي ذميداري رياست ۽ حڪومتن تي اچي ٿي. انهن ٻارن کي اسڪولن ۾ سٺي جديد تعليم ڏيڻ جي بجاءِ مدرسن جو ڄار پکيڙي ذهني طور تي اهڙا بونا تيار ڪيا پيا وڃن، جن وٽ ڪو سوال ڪونهي، ڪا سوچ ناهي ۽ صرف انهن کي خاموشي سان هر نظريو قبول ڪرڻو آهي ۽ سندن ذهن خوف سان ڀريل آهي ۽ جڏهن اهي اتان نڪرن ٿا اهي هڪڙي نفسياتي صدمي جو شڪار هوندا آهن، جو اهي معاشري سان گڏ هلي نه ٿا سگهن. سماج ۾ ٻار جي کاڌي پيتي جي حفاظت ڪرڻ لاءِ فوڊ ڊپارٽمينٽ غير متحرڪ نظر اچي ٿو. ٻارن جو کير ۽ سنيڪس نقلي ۽ زهريلي تيل مان تيار ٿي مارڪيٽ تائين پهچن ٿا. انهن سڀني مسئلن جو حل سماج ۽ سرڪار کي گڏجي ڪڍڻو آهي. اسان سڀني کي گڏجي هڪ “حقيقي ٻار دوست سماج” ٺاهڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. رياست ۽ حڪومت کي گڏجي پوري ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي ۽ اسڪولن جي بحالي جتي جديد تعليم، صاف سٿرو ماحول، پاڻي، واشروم ۽ راندين جا ميدان لازمي قرار ڏنا وڃن. فوڊ اٿارٽيز جي نگراني جي تحت ٻارن جي کاڌي پيتي جي شين جي خاص چڪاس ۽ نگراني ڪئي وڃي. انهن جي سماجي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته اسڪول ويندڙ ٻارن کي سرڪار طرفان ماهوار وظيفا ڏنا وڃن ته جيئن انهن ٻارن کي مزدوري لاءِ مجبور نه ٿيڻو پوي. سمورن رهائشي ادارن ۽ خاص طور تي مدرسن جي رجسٽريشن ۽ آڊٽ ٿيڻ گهرجي. ٻارن جي تحفظ لاءِ باقاعدي نفسياتي ۽ جسماني جانچ پڙتال جو انتظام هجڻ گهرجي. ڪنهن به ٻار جو جنسي استحصال ٿيڻ جي صورت ۾ ذميدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. 14 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ڪنهن به قسم جي مزدوري ڪرائڻ واري کي سخت سزا ڏني وڃي. پڙهيل لکيل باشعور سول سوسائٽي جو ڪردار ٻارن لاءِ متحرڪ هجڻ انتهائي ضروري آهي. انهن کي ٻارن لاءِ بروقت آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي آواز سان حڪمرانن کي ٻارن جي بنيادي ضرورتن ۽ حقن لاءِ مجبور ڪري اهڙيون پاليسيون ٺهرائي سگهن جنهن سان هڪ “ٻار دوست سماج” تعمير ٿي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟