پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿوري لاٿ ڪري عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيريو ويو آهي
آمريڪا ايران جنگ جي خطري ٽرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن معاهدي تي ڊجيٽل دستخط ڪرڻ واري خبر کانپوءِ تيل جي مارڪيٽ ۾ مسلسل لاٿ نظر اچي رهي آهي. گذريل پنجن مهينن دوران دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر عام ماڻهو جي آمدني ۽ خرچن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، جنهن هر ماڻهو کي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار ڪيو آهي. تيل دنيا جي اها بنيادي ضرورت آهي جنهن سان ڦيٿو ڦري ٿو، اهو ڦيٿو جيڪو ڪارخانن ۾ گهمي ٿو، انسان جي بنيادي ضرورتن وارين شين کي ٺاهڻ لاءِ ۽ اهو ڦيٿو جيڪو ريلن، جهازن، بسن، ٽرالرن جي صورت ۾ شين کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۽ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ لاءِ گهمي ٿو. ان ڪري تيل هر شيءِ جي قيمت تي اثر انداز ٿئي ٿو. سٺي ڳالهه اها آهي ته جون 2026ع ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي آهي. مکيه عالمي تيل جن ۾ برنٽ ڪروڊ آئل جيڪو مئي 2026ع ۾ 108 ڊالر في بيرل هو، جون ۾ 78 کان 80 ڊالر في بيرل تائين پهتو آهي، ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جيڪو آمريڪي تيل آهي ان جي قيمت مئي ۾ 108 کان 109 ڊالر جي بلند سطح تي پهچي چڪي هئي، هن وقت گهٽجي 76 کان 77 ڊالر في بيرل تائين پهتو آهي. ان کان علاوه اوپيڪ باسڪٽ جيڪو سعودي عرب، يو اي اِي ۽ ڪوويت جهڙن ملڪن مان اچي ٿو، ان جي قيمت 100 ڊالر کان مٿي هلي وئي هئي، ان ۾ 18 کان 20 سيڪڙو لاٿ آئي آهي ۽ تازي قيمت 81 کان 83 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.
اهي تيل عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سڌو سنئون واپار ٿين ٿا ۽ جيو پوليٽيڪل تڪرار وڌڻ يا گهٽجڻ جي صورت ۾ انهن جي سپلاءِ لائين متاثر ٿئي ٿي ان ڪري انهن جي قيمتن تي عالمي طور اثر پوي ٿو. پاڪستان جو عوام جنهن کي بجيٽ ۾ ته ڪو خاص رليف نه ملي سگهيو، پگهاردار طبقي جي پگهارن ۾ ڪو خاص اضافو نه ٿيو. پاڪستان جو غريب عوام جيڪو پنهنجي ذاتي خرچ تي جنريٽر هلائي پنهنجي لاءِ لوڊشيڊنگ دوران بجلي به پيدا ڪري ٿو ۽ هاڻي سولر جي سهولت سان بجلي پيدا ڪري ضرورتون پوريون ڪري ٿو. گئس نه ملڻ جي ڪري هو بجليءَ جا چلها ٻاري ٿو. ان کان علاوه هو پنهنجون سڀئي ضرورتون جيڪي رياست کي پوريون ڪرڻيون هيون اهي پنهنجي ٿوري پگهار مان پوريون ڪري ٿو. اهڙي وقت ۾ جتي مٿس تمام گهڻو خرچ جو دٻاءُ هجي، تيل جي قيمتن ۾ معمولي ڪمي ڪري وفاقي حڪومت پاڪستان جي عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ڪمي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا ڪمي ڪري عوام سان ڄڻ مذاق ڪيو ويو آهي. عوام کي گهٽ ۾ گهٽ 100 کان 150 رپيا گهٽتائيءَ جي اميد هئي. جيڪڏهن حڪومت ايران ۽ آمريڪا جي جنگ دوران ذخيرو ٿيل تيل تي هڪدم قيمتن ۾ 150 جو اضافو ڪري سگهي ٿي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ تيزيءَ سان لاٿ اچي رهي آهي، سپلاءِ چين به بحال ٿي رهي آهي، پاڪستان جي غريب عوام کي ان جو فائدو ملڻ گهرجي ها، جيڪو سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح عوام جي آمدني تي مثبت اثر وجهي ها ۽ بجيٽ ۾ ملندڙ گهٽ رليف جو متبادل بڻجي وڃي ها، پر ايئن نه ٿي سگهيو. ڇو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيون هيون ته هڪ ئي مرحلي ۾ ايتري وڏي ڪمي نه ڪئي وڃي ته جيئن سندن اسٽاڪ کي نقصان نه پهچي.
ان سان گڏوگڏ حڪومت تي پيٽروليم ليوي جو پڻ دٻاءُ آهي. عوام کي اها خبر هجڻ گهرجي ته تيل جي مٿان لڳل سيلز ٽيڪس ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي ورهايو ويندو آهي، پر پيٽروليم تي لڳل ليوي ڊيوٽي مڪمل طور تي 100 سيڪڙو وفاقي حڪومت جي کيسي ۾ ويندي آهي. وفاقي حڪومت جنگ دوران ليوي ٽيڪس مان تمام گهڻي آمدني حاصل ڪئي. جنهن سان حڪومت پنهنجي خساري کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ آهي، جتي بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آمدني جا هدف مقرر ڪيا ويا آهن ۽ آءِ ايم ايف جو حڪومت تي دٻاءُ آهي ته پيٽروليم ليوي مان وڌ کان وڌ فنڊ گڏ ڪيا وڃن. حڪومت ليوي ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس تي ڪجهه رپيا گهٽ ڪري عوام کي تمام معمولي رليف ڏنو آهي. تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان عوام لاءِ سفر جون سهولتون آسان ٿين ٿيون، مهانگائي جو بي قابو جن، قابو ٿئي ٿو، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه گهٽجڻ شروع ٿين ٿا، ڪارخانن ۽ صنعتن ۾ پيداوار تان دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. ان جو سڀ کان وڏو فائدو زراعت کي ملي ٿو، جيڪا پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. ڇو ته اسان جي وڏي زميندار کان وٺي ننڍو آبادگار زراعت لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٽيوب لاءِ جو استعمال ڪري ٿو جتي ڊيزل مهانگو هجڻ جي ڪري ان جي لاڳت وڌي وڃي ٿي ۽ آمدني گهٽجي وڃي ٿي. لڳي ايئن ٿو ته حڪومت تيل ڪمپنين جي تجويز تي عمل ڪندي تمام گهٽ لاٿ ڪري آهستي آهستي عوام کي رليف ڏيڻ واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، پر اهو رليف اتي بيهڻ نه گهرجي ان کي وقت سان گڏ عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن سان گڏ لهڻ گهرجي ۽ ان جو فائدو عوام کي پهچڻ گهرجي. اميد آهي ته جلد ئي وفاقي حڪومت هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي عوام کي ان معمولي ملندڙ فائدي کان اڳتي وڌيڪ رليف ڏئي عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار گهٽ ڪندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟