مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٻارن کي پينو بنائڻ کان روڪڻ لاءِ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي سفارش واقعي ڳڻتي يا هڪ فارميلٽي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تاريخ 17 جولاءِ 2026 تي سينيٽر تهمينه ممتاز زهري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ هن وقت 15 لکن کان وڌيڪ ٻار روڊن تي پني رهيا آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ شيلٽر هومز موجود آهن، پر مڪمل طور تي انهن ٻارن کي انهن ۾ رکڻ جي گنجائش ناهي. جڏهن ته پوليس اهڙن ٻارن کي ڏوهاري سمجهندي آهي. جڏهن ته اصل ۾ اهي متاثر ٻار هوندا آهن. ڪميٽي سينيٽ جي اجلاس ۾ اهو ٻڌايو ته اهڙن ٻارن کي ڪابه اين جي او يا سينٽر مستقل بنيادن تي رکڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اهي ٻار رستن تي پنڻ لاءِ مجبور آهن. پاڪستان ۾ ٻار سڀني کان وڌيڪ نظر انداز ٿيل انسان آهي. جتي روز ٻار مختلف طريقن سان قتل ٿيندا هجن، مدرسن ۾ انهن جو جنسي استحصال ٿيندو هجي، اتي اهڙن ٻارن جو پنهنجي والدين جي اکين آڏو پنڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هجڻ گهرجي. تڏهن به قانون مطابق پاڪستان جي فوجداري قانون جي آرٽيڪل A-328 تحت ٻارن سان بدسلوڪي، کين لاوارث ڇڏڻ ۽ پنڻ جي ڌنڌي تي لڳائڻ جي سزا (عمر قيد) تائين موجود آهي. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ ٻارن جي تحفظ جو معاملو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. قانوني طور تي ٻارن کي پنڻ جي ڌنڌي سان لڳائڻ ڏوهه آهي، پر اسان مان هر ماڻهو روز هر چوڪ، رستي ۽ شاپنگ سينٽرن يا مارڪيٽن ۾ انهن ٻارن کي مختلف طريقي سان پنندي ڏسون ٿا. اها ذميداري رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آهي ته اهي ٻارن جي پنڻ جي عمل کي روڪين. اسيمبلي ۾ ويٺل نمائندن جي به ذميداري آهي جيڪي ملڪ لاءِ قانون جوڙين ٿا، انهن کي عمل جوڳا قانون ٺاهڻ گهرجن، جن تي ترتيبوار عمل ٿي سگهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ تيزيءَ سان آبادي وڌي رهي آهي، جنهن ۾ پنجاب سڀني کان اڳيان آهي ۽ کيس ان جو اين ايف سي ايوارڊ ۾ هڪ وڏو انعام به ملي ٿو ته پوءِ هو پنهنجي آباديءَ کي ڀلا ڇو گهٽ ڪندو. پنجاب جي آباديءَ جو وڌندڙ انگ پوري پاڪستان لاءِ هڪ معاشي بار بڻجي چڪو آهي.
ورلڊ بينڪ پاڪستان کي پنهنجي مالياتي ڍانچي ۾ تبديلي لاءِ به صلاح ڏني آهي. بهتر اهو آهي ته ان صلاح تي گڏجي صوبن کي عمل ڪرڻ گهرجي. غريب جي گهر ۾ هڪ ٻار نه بلڪه ٻه ڪمائڻ وارا هٿ پيدا ٿين ٿا ۽ هو انهن کي ڪمائيءَ جي مشين جي طور تي استعمال ڪن ٿا. انهن والدين جي ڪائونسلنگ ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ رياست جو ڪم آهي ته انهن ٻارن جي تحفظ لاءِ والدين کي ڪيئن مجبور ڪيو وڃي جو اهي پنهنجن ٻارن کي انسان سمجهي پالين. سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪوبه اهڙو سرگرم مقامي نظام نظر نٿو اچي جيڪو انهن غريب والدين جي گهرن تائين وڃي ۽ انهن جي ڪائونسلنگ ڪري انهن جي ٻارن جي تحفظ، صحت ۽ مالي امداد لاءِ ڪو تعاون ڏيکاري. جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي صوبن ۾ “چائلڊ پروٽيڪشن بيورو” ۽ “ويلفيئر ادارا” موجود آهن، جن کي ساليانه ڪروڙين رپين جا فنڊ ملن ٿا، صرف انهن جا سيمينار فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ٿين ٿا، فوٽو سيشن ٿيڻ کانپوءِ ڪوبه عمل نظر نٿو اچي ۽ ٻار ساڳيا رستن تي پنندي نظر اچن ٿا. جيڪڏهن رياست فيصلو ڪري ته انهن ٻارن کي جيڪي هن وقت رستن تي هڪ ناسور بڻجي پلجي رهيا آهن، جن کي اڳتي هلي مختلف ڏوهاري گروهه پنهنجو سرغنو بڻائي استعمال ڪندا، انهن کي اتان کڻي هڪ مثبت انسان ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. چارئي صوبائي حڪومتون چاهين ته ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري پاليسي ٺاهي مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿيون، پر نه اها سنجيدگي موجود آهي نه ئي انهن ٻارن لاءِ ڳڻتي موجود آهي ۽ نه ئي سماج جو انهن ٻارن جي هڪ ڏوهاري فيڪٽر جي طور تي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو انهن کي ڪو فڪر لاحق آهي. جڏهن ته اهي انسانن جا ٻار آهن، انهن کي هيومن ريسورس جي طور تي استعمال ڪري وڏا وڏا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. جيڪيڏهن صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت چاهين ته انهن کي راندين جي ذريعي تربيت ڏئي بهترين رانديگر پيدا ڪري سگهجن ٿا، انهن کي مختلف هنري سکيا گهر جيڪي صرف انهن ٻارن لاءِ تعمير ڪيا وڃن ۽ انهن جي فنڊنگ ڪارپوريٽ سيڪٽر کان ورتي وڃي.
ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ زڪوات فنڊ مان انهن پينو ٻارن جي والدين کي ماهوار وظيفو ڏئي انهن ٻارن کي هڪ سٺو انسان بنائڻ لاءِ منصوبابندي ڪري سگهجي ٿي. جڏهن انهن جي والدين کي انهن جي سکيا جي دوران مالي فائدا ڏنا ويندا ته اهي پنهنجن ٻارن کي زوري زبردستي انهن پروگرامن ۾ شامل ڪرائيندا. پوءِ انهن ٻارن جي ٺاهيل شين جون نمائشون لڳائي سگهجن ٿيون، انهن ٻارن جي وچ ۾ ضلعي ۽ صوبائي سطح تي راندين جا مقابالا ڪرايا وڃن ۽ انهن ٻارن کي هڪ سٺو انسان بنجڻ لاءِ تربيت ڏئي هڪ سٺو پاڪستاني بڻائي قومي ۽ صوبائي ٽيمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهي ٻار جڏهن اسان پنهنجي سماج وهڪري ۾ شامل ٿيندا تڏهن نه صرف ٻارن جي پنڻ جو رجحان ختم ٿيندو، بلڪه پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي جيڪو دٻاءُ آهي اهو به گهٽجي ويندو، معاشري مان ڪيتريون ئي برائيون پنهنجو پاڻ ختم ٿي وينديون. سوال اهو آهي ته ان جي باري ۾ عملي قدم ڪير کڻندو؟ ڇا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون واقعي سنجيدگيءَ سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهين ٿيون يا صرف سينيٽر تهمينه ممتاز زهري هڪ فارميلٽي پوري ڪرڻ لاءِ ان مسئلي کي اڳيان آندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو